Saturday, May 9, 2020

نڙي ۾ اٽڪيل سج جو اڀياس


نڙي ۾ اٽڪيل سج جو اڀياس
جديديت پڄاڻان جو احساساتي ڪھاڻيڪار
هوش محمد ڀٽي
ڪتاب جو نالو؛ نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج
ليکڪ جو نالو؛ انور ڪاڪا
يوناني ڏاهي ارسطو چيو آهي: “اهميت چهري جي خوبصورتي جي نه پر زبان جي خوبصورتي جي آهي، جيڪڏهن زبان خوبصورت ناهي ته چهرو ڀلي ڪيترو به خوبصورت ڇو نه هجي، اهُو اهلِ علم کي متاثر نه ٿو ڪري.”
ائين ئي ڪا به تخليق اگر Anomie معيار جي قفدان يا بحران جو شڪار هوندي ته اها ڪڏهن به ادبي حلقن ۾ جوڳي جاءِ ولاري نه سگهندي ۽ نه ئي پڙهندڙن کي متاثر ڪري سگهندي.
يا وري استاد ڪولرج چوي ٿو: “جتي مونجهارو هوندو اتي خوف پيدا ٿيندو ۽ خوف مان دل ۾ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ڌڪار جو سبب ٿي بنجي!”
ان لاءِ تخليق ڪار کي لکڻ وقت سهنج ٻوليءَ ۽ ابهام سان ڀرپور تخليقن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اڄ سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي تمام گهڻي لکي وڃي ٿي ۽ جديد دؤر ۾ ڪهاڻي جا کوڙ نالا نڪري رهيا آهن. ان ڪري ڪهاڻي ۾ معيار، اثر ۽ سبب نه هئڻ ڪري، پڙهندڙن ۾ مونجهارو جنم وٺي ٿو ۽ انهن جو ذائقو به خراب ٿي پوي ٿو، اهي ڳالهيون پوءِ پڙهندڙن کي سٺن ڪتابن کي پڙهڻ کان پري ڪن ٿيون.
ٻئي ڳالهه جيڪا اوهان کي ٻڌندي حيرت ٿيندي اِهو ڪيترو نه عجيب آهي ته خود ليکڪ به خاص سبب ياري دوستي کان سواءِ تمام ٿورڙيون شيون سنجيده نموني پڙهندا آهن. جڏهن پڙهبو نه ته رايو ڪيئن جڙبو ۽ تخليقن جي خبر ڪيئن پوندي! اِهو وڏو الميو آهي اسان جي ٻوليءَ ۾.
سنڌي ڪهاڻي جي سگهاري نانءُ انور ڪاڪا جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي. “نڙي ۾ اٽڪيل سج” ڪتاب جي نالي تي فيس بوڪ تي سر ورق رکڻ سان سوال اٿاريا ويا ۽ استعارتي معنيٰ ۾ ڪو خاص معنيٰ خيز مطلب نه ٿو وٺي سگهجي!
انور ڪاڪا جديد دؤر جي نقادن ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ اڪبر لغاري رايو لکيو آهي. شير مهراڻي انور ڪاڪا جي ڪهاڻي ڪتاب جو مهاڳ سهڻي انداز ۾ لکي هڪ هڪ ڪهاڻي تي الڳ راءِ ڏني آهي. اهم ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري ۽ امداد جعفري جا ويچار به خاص مفهوم رکندڙ آهن.
انهن سڀني وڏن نالن ۽ وڏن نقادن کي انور ڪاڪا جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي به ڪا خامي يا غلطيون نظر نه آيون آهن ۽  نه ئي انهن جي ڪٿي به ڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي. انور ڪاڪا سٺو ڪهاڻيڪار آهي. ايندڙ دؤر جو وڏو نالو به آهي. پر دنيا ۾ ڪا به شيءَ مڪمل نه آهي. ان لاءِ انور جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪي کوٽون ضرور هونديون. جن کي ظاهر نه ڪري، تنقيد جو حق سهي ادا نه ڪيو ويو آهي. ان سان تنقيد جي روح کي ضرب رسي ٿي.
نقاد اگر ڪنهن تخليق ڪار ۽ تخليق تي لکي ٿو ته جيترو پاسو هُو خوبين کي نروار ڪري ٿو، اتي تخليق جي ٻين پاسن کي بحث هيٺ آڻڻ تمام ضروري آهي.
اداري پاران لکيل نوٽ ۾ سعيد سومري ڪجهه هن ريت لکيو آهي: “هي ڪتاب نه رڳو سنڌي ڪهاڻي پڙهندڙن لاءِ تحفي مثل آهي، پر ايندڙ ڪهاڻيڪار ساٿين لاءِ جديد ڪهاڻي جي فني ۽ فڪري اڻت جو سکيا گهر به آهي.”
سعيد سومري جي ان راءِ سان مون کي اختلاف آهي، انور ڪاڪا جون ڪهاڻيون ايڏي پد جون نه آهن جو، اهي فني ۽ فڪري اڻت جو سکيا گهر ٿين. انور جون چند ڪهاڻيون فڪري حوالي سان اوچي پد جون آهن. باقي فني لحاظ کان انور جي ڪهاڻين تي ٽيڪا ٽيپڻي ڪري سگهجي ٿي.
انور ڪاڪا جديديت پڄاڻان جو احساساتي ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع پوسٽ ماڊرن ازم جا آهن. جنهن جي نشاندهي ڊاڪٽر غفور ميمڻ به ڪئي آهي. انور جون سڀئي ڪهاڻيون ڪراچي شهر تي يعني شهري ماحول جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ڪجهه ڪهاڻيون آهن جيڪي ان ماحول کان هٽي ڪري به لکيون ويون آهن.
ٽيڙو:
انور ڪاڪا جي هن ڪهاڻي لاءِ ڊاڪٽر شير مهراڻي لکيو آهي ته هي ڪهاڻي حقيقت نگاري تي ٻڌل آهي. جڏهن ته هن ڪهاڻي ۾ حقيقت جي ابتڙ ڳالهيون ڪيل آهن. انور جي هي ڪهاڻي غير حقيقي فڪشن ۾ اچي ٿي. فڪشن جا ٻه قسم آهن. هڪ حقيقي ٻيو غير حقيقي. هن ڪهاڻي ۾ اهڙا واقعا آهن، جن ۾ حد درجي جي فئنٽيسي آهي. اهڙا قصا جيڪي ڪڏهن به حقيقت جو روپ نه وٺي سگهن اهو ئي غير حقيقي فڪشن آهي.
مثال طور: ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙوڪردار ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو پنهنجي ننهن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿو ۽ اها رشتي ۾ سندس ڀائٽي به آهي. وري پٽ جڏهن ان ڳالهه تي احتجاج ڪري ٿو ته ان کي گهران ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ اهو هيروئني ٿي وڃي ٿو. اهي ڳالهيون ته بلڪل به سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن. سنڌ جا اخلاقي قدر ايترا به نه ڪريا آهن جيترا ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاريا آهن ۽ سنڌي سماج ان نسبت سان ايترو خراب نه ٿيو آهي. هن ڪهاڻي تي تمام وڏو بحث ڪري ٻسگهجي ٿو پر اڀياس گهڻو طويل ٿي ويندو. ئي ڳالهه جيڪا هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاري وئي آهي. اها به انتهائي غير حقيقي آهي. هڪ هيروئني ٻي هيروئني کي وڏو پٿر هڻي ماري وجهي ٿو.هيروئني چوري ڪري سگهي ٿو پر قتل ڪرڻ هيروئني جي وس جي ڳالهه نه آهي ڇو ته هيروئني نشي ۾ تمام گهڻو ٽن هوندا آهن نشي ۾ اڃا به هنن جي روش محبت ۽ نرمائي واري ٿي ويندي آهي. اها به مشاهدي جي کوٽ آهي، جيڪا ڪهاڻيڪار ڪري ويو آهي. فڪشن جي وڏي  ۾ وڏي ڪسوٽي اها آهي ته اهو فڪشن نه لڳي پر هن ڪهاڻي  ۾ صفا افسانوي رنگ آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي.
مسجد جون اکيون:
انور ڪاڪا جي هي ڪهاڻي STRESS ۾ ورتل هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ايتري ته ذهني دٻاءُ ۾ وتل آهي جو عبادت ڪندي به سندس ڌيان آپگهاتي بم هڻندڙ دهشتگرد ڏانهن آهي. مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جيڪا وڏن شهرن ۾ ڏينهون ڏينهن خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي. ڪهاڻيڪار ان کي به خوبي ۽ خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. ليکڪ جي هي ڪهاڻي شاندار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪردار جي اندورني اڻ تڻ ۽ نفسياتي دٻاءُ کي چٽيو ويو آهي.
اوکو پنڌ:
هي ڪهاڻي به ڪراچيءَ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنهن جو ڪردار هڪ صحافي آهي. ڪهاڻي جو انت واهه جو شعوري موچڙو هڻندڙ مڪالمو آهي. جنهن کي پڙهڻ سان پاٺڪ حالي في لاحالي ته سوچ ۾ وٺجي وڃي ٿو. ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻي ۾ به شهري زندگي ۾ ايندڙ اهنجن، گهٽ ڪمائي ۽ خرچن جو ذڪر ڪيو آهي. انور ڪاڪا هڪ ڳالهه ۾ ڪهاڻي ۾ ڌيان نه ٿو ڏي اهو اهيو ته هو ڪردارن جو تعارف نه ٿو ڪرائي. هي ڪهاڻي به مسئلي سان شروع ٿئي ٿي. ڪردار جو ڪو خاص عڪس نه ٿو جڙي نه وري ڪو نالو ظاهر ٿئي ٿو. ڪردار مالي گهٽتائي ڪري STRESS جو شڪار هجي ٿو. جيڪو اڳيئن ڪهاڻي ۾ به هو.  صفحي ۴۷ تي آهي: “ڳوٺ ۾ جڏهن سيءُ سان گڏ بخار ايندو هئس ته ماءُ کي چوندو هو، “امان او امان! وارو ڪر جيجل ٿڌي پاڻي جون پٽيون رک. صفا سڙي ويس.” هي ڳالهه به سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. سيارو هجي يا اونهارو ته جڏهن سيءَ وارو بخار ٿيندو آهي ته ٿڌيون پٽيون نه رکبيون آهن. ليکڪ ان معاملي ۾ مشاهدي ۾ گسي ويو آهي.
گهر:
هي ڪهاڻي JOB SECURITY جي موضوع تي لکيل آهي. ماحول ۽ منظر ساڳيا ئي شهر جا آهن. ميٽرو پوليٽن شهر ڪراچي ۾ نوڪريون ڪندڙ ڪيتري حد تائين JOB STRESS جو شڪار هجن ٿا، اهو هن قصي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي ۾ هڙي نوعيت جي پهرين ڪهاڻي مون پڙهي آهي جنهن ۾ BOSS جا دڙڪا ۽ نوڪري جي حوالي سان پريشاني ۽ هڪ هيٺين طبقي جو ڪردار جيڪو جيئڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪري ٿو. ان کي ڪهاڻيڪار سهڻي نموني چٽيو آهي.
ٽيهين  فيبروري:
تخليق ڪار جون تخليقون ان جي تجربن ۽ مشاهدن تي مبني هونديون آهن. رسول حمزاتوف چيو آهي: “بابا چوندو هو، جيڪڏهن ڪنهن تحرير ۾ مصنف جو وجود محسوس نه ٿئي ته اها تحرير ڪنهن رستيتي ڊوڙندڙ بي سوار گهوڙي وانگي آهي.” انور ڪاڪي جي ڪهاڻين ۾ ان جو روح ضرور محسوس ٿئي ٿو. انور گهڻو عرصو ڪراچي شهر ۾ رهيو آهي ۽ رهي پيو. ان ڪري ان جي ڪهاڻين جي گهڻائي ڪراچي جي شهري ماحول جي چوگرد ملي ٿي. هن ڪهاڻي جو ڪردار ملهار پسند جي پرڻو ڪرڻ چاهي ٿو پر هزارين ڪوششن باوجود هن کي سڱ نه ڏنو وڃي ٿو. جنهن سان هُو تمام گهڻو دل شڪسته ۽ مايوس ٿي وڃي ٿو.
هندي ليکڪ پريم چند لاءِ چيو ويندو آهي ته جڏهن هو ڪنهن ڪردار سان نڀائي نه سگهندو آهي ته کيس ماري وجهندو آهي. انور ڪاڪا جي ڪهاڻين جا ڪردار ضدي آهن ۽ سمجهتو نه ٿا ڪن ۽ گهڻي قدر جذباتي آهن.جيئن هن ڪهاڻي جو ڪردار ملهار به هڪ دائرو ٺاهي ان ۾ ويهي رهي ٿو.
نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج:
هن ڪهاڻي جو نانءُ ڪتاب جي سر ورق تي آهي. نڙيءَ ۾ سج جو اٽڪڻ هڪ نئين ڳالهه آهي. ان لاءِ فل وقت ته سمجهه ۾ نه ٿي اچي پر عام ٿيڻ سان شايد هلي به وڃي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ جملو آهي: “تڏهن هن کي لڳندو آهي، اجها ٿي سندس ساري جسم جي کل رجي ٺڪاءُ ڏيو اڏامي وڃي.” هي جملو به ابهام پيدا ڪري ٿو ته جيڪا شيءَ رجي ٿي اها ٺڪاءُ ڪيئن ڏيندي ۽ ٻيو ته کل رجڻ بعد ٺڪاءُ نه ڪندي آهي. هي هڪ رومانوي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ به ڪو خاص تاثر نه ٿو جڙي.
پراڻا ڪتاب:
هن ڪهاڻي ۾ ٿوري عجيب ڳالهه محسوس ٿئي ٿي، اها ائين جو هڪ نوجوان جيڪو روزاني پنهنجي ڪٻٽ مان ڪتاب عادتن ڪڍي پڙهندو آهي. ان جي باوجود به ان جي ماءُ اهي ڪتاب رديءَ ۾ ڪٻاڙيءَ کي ڏئي ڇڏي ٿي. هڪ پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جي ماءُ اڻ پڙهيل هوندي به ائين نه ٿي ڪري سگهي. ڪهاڻي ۾ ٻولي سٺي آهي پر هڪ ڊاڪٽر کي ايتري بک نه ٿي ٿي سگهي جو هُو ڪتاب سو به پيءُ جا سانڍيل ڪتاب ٽڪي پئسي تي تور ۾ کپائي. ڪهاڻي جا Cause and effect چٽا نه آهن. اگر Cause آهي ته Effects نه آهي.
ڀونڊو:
شخصيت جا ٻه رخُ رکندڙ سماج جا فرد هميشه معاشري کي اندروني طرح نقصان ڏيندا رهيا آهن. هي ڪهاڻي به انهن ماڻهن کي ڀونڊو آهي. ڀونڊو، ليکڪ جي ڪامياب ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ صاف سٿري ڪردار جا ٻه چهرا سامهون اچي وڃن ٿا.
روزي:
انور ڪاڪا جي وجودي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ وجودي احساس ذري ذري ڀريل آهن، ان سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي به موضوع بنايو ويو آهي. اتي وري هڪ سوال اِهو به اٿي ٿو ته هڪ رنگ ڪرڻ وارو مزدور ماڻهو هڪ ڏاهي وانگر فلسفيانه نقطا ڪيئن سوچي ٿو. ٻي پاسي هن ڪهاڻي ۾ شهري زندگي ۾ درپيش للڪارن ۽ زندگيءَ جا ڀيانڪ منظر نظر اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي گهڻي ڏکائيندڙ آهي. انور ي ڪهاڻين ۾ڪافي يڪسانيت به آهي. جيئن اوکو پنڌ ڪهاڻي ۾ ڪردار کي بخار آهي هن ۾ به مک ڪردار بخار ۾ وتل آهي.
سڏڪا:
انور جي ڪهاڻين جا نالا تمام گهڻا مختصر ۽ هڪ لفظ تي مشتمل آهن. ليکڪ ان پاسي به گهٽ ڌيان ڏنو آهي. عنوان وڏي اهميت رکندا آهن. سڏڪا ڪهاڻي هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. جنهن مان پڙهندڙن تي اها ڳالهه واضع ٿي وڃي ٿي ته ڪنهن شيءَ جو اڳواٽ ڪو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي. هن ڪهاڻي جو عنوان ڪو ٻيو هجي ها.
جيون ڳڀا ڳڀا:
انور ڪاڪا جي ڪهاڻين ۾ درد ته آهي پر صرف درد ئي ڪنهن تخليق جي معياري ڪوسٽي نه ٿو ٿي سگهي. جيون ڳڀا ڳڀا هڪ شهري نوجوان جو داستان آهي. شهري زندگي Multi Task رکندڙ زندگي هوندي آهي ۽ ماڻهو کي هر وقت ڪرڻ لاءِ گهڻو لوچڻو پوندو آهي ۽ دونهاٽيل شهر ۾ ننڊ آرام ۽ سڪون گهٽ ميسر ٿيندو آهي. ان حالت ۾ ماڻهو گهڻو ذهني دٻاءُ STRESS ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو گهر ڏي ٻٽون وساري ٿو اچي ته بس جي منشي کي ڪرايو ڪٿان ٿو ڏي! ۽ آچر بازار پهچي ٿو.
ايڊيٽوريل:
انور جون تقريبن ڪهاڻيون وڏن شهرن جي ماحول سان سنيگاريل آهن. هن ڪهاڻي ۾ ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد جي شهرن جو ماحول چٽيل آهي. انور جي هي ڪهاڻي صحافتي انداز ۾ لکيل آهي. ڪالم ڪهاڻي چئجي ته ٺيڪ رهندو. بيانيه انداز ۾ لکيل هن ڪهاڻي ۾ سڀ ڳالهيون سنئيون سڌيون چيل آهن. انهن ۾ ڪو به تخليقي هڳاءُ نه ڀريو ويو آهي. هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ شڪيل جي نوڪري خاطر وڏي عمر جي ايم پي اي سان شادي ڪري ٿي. اتي کيس ڏک ملن ٿا ۽ خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻي ۾ جتي بيروزگاري، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ سفارشي ڪلچر، سماجي اوچ نيچ ۽ ٻين مسئلن کي کنيو ويو آهي. پر ڪهاڻي جي ٽريٽمينٽ ۾ پوئتي رهجي ويو آهي. تخليقي عنصر کان بنهه خالي هي ڪهاڻي رپورٽنگ لڳي ٿي.
ارپنا:  انور جي هي ڪهاڻي پڙهي مون کي ڀڳت ڪيبر جو دوهو ياد اچي ويو:
برا جو دهوندني نڪلا تو برا نا ملا ڪوئي،
کودا جو مين ني من اپنا مجهه سي برا نا ڪوئي.
ليکڪ جي هي ڪهاڻي طبقاتي نظام ۽ انهن جي سوچن تي معياري ۽ ڪامياب ڪهاڻي آهي.
شير پاڏو:
انور ڪاڪا هڪ مڪمل حساس ۽ نفيس ڪهاڻيڪار آهي. ان باوجود سندس ڪهاڻين گهڻو تڻو سگريٽن جو ذڪر آهي. جيڪا هڪ سماجي برائي ۽ صحتي خرابي به آهي. هن قصي ۾ وڏيرو، زميندار ۽ انهن جي اولاد، سريتون، عياشي ۽ وڏيرڪيون حرام پايون سڀ ليکڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ پاڏي جي چوري کي انا جو معاملو بنائي ايڏي ڊيگهه ڪئي وئي آهي جو ڳوٺ ٿرٿلي ۾ هجي ٿو. انور سائين جي هي ڪهاڻي روايتي هجڻ سان گڏ افسانوي به آهي.
پاڻي جو گلاس: 
انور ڪاڪا جي شاهڪار ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ذريعي پاٺڪن ڏي هاڪاري ۽ مثبت پيغام وڃي ٿو. اڄ جيڪو مذهبي خانقاهن ۾ آپگهاتي بمن ۽ حملن جو سلسلو جڙيو آهي ان وڃي انور جهڙي تخليقڪار جي ذهن ۾ گهر ڪيو ۽ ان مان هي شاندار تخليق جنم وٺي نڪتي آهي. جهڙي طرح آپگهاتي بمبار کي ٻار جي پاڻي پيارڻ واري ادا تي ذهن جهونجهوڙجي حقيقي نيڪي ڏانهن مائل ٿئي ٿو اهو هڪ ليکڪ جي فنڪاري جو ڪمال آهي جيڪو هن ڪهاڻي مان جهلڪي ٿو.
دوزخ جي ڇانو ۾..:
انور گهري سوچ رکندڙ ذهين ڪهاڻيڪار آهي. ان سبب سندس تخليقن ۾ کوڙ ادبي لاڙا ۽ رجحان پاڻهو ڄاڻ اچي وڃن ٿا. دوزخ جي ڇانو ۾.. انور جي وجوديت جي فڪر تي لکيل ٻيئن ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪردار پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ پريشان آهن، ڪوشان آهن. ڪهاڻي ۾ سٺيون تشبيهون به ڏنيون ويون آهن. جئين: “ڇوڪري جو چهرو ائين ٿي ويو ڄڻ ڪا پراڻي ڏار پيل چيڪي مٽي واري اوڏڪي ڀت..” هن ڪهاڻي ۾ ڪٿي گرامر جون ننڍڙيون چڪون به آهن ته ڪي مڪالما ورجائجي به ويا آهن. فضا ساڳئي ڪراچيءَ واري آهي. نڙيءَ ۾ڪنڊا اٽڪڻ ته ٻڌو آهي پر انور نڙيءَ ۾ پٿر اٽڪڻ جو نيئن تشبيهه ڪم آندي آهي. ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. جيستائين اها تشبيهه عام ٿئي. ڪهاڻي جي پڄاڻي ٻن پريمين جي جهيڙي کان پوءِ ڏاڍي هاڪاري ڪئي وئي آهي. جيڪا سٺي ڳالهه آهي.
ٻور آهيون..: ٻور آهيون جو آدرشي ڪردار سائين محمد عرس پنهنجي دوست جمن کي پئسن تي نوڪري وٺي ڏئي ٿو. ليکڪ خود جنهن ڪردار کي تعليمي بهتري ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي ڏيکاري ٿو اتي اهو ڪردار رشوت عيوض نوڪري وٺي ڪردار جي مڪملتا تي سوال اٿاري ٿو. هڪ پاسي محمد عرس بهتري لاءِ وڙهي ٿو ته ٻئي پاسي ڪرپشن جي وهندڙ درياهه ۾ لڙهي وڃي ٿو.
آليون اکيون:
انور جي ڪهاڻين ۾ درد جا احساس عجيب ڪيفيت طاري ڪن ٿا. ڪاڪا جون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار جتي ڊڄڻا، STRESS جا مريض آهن اتي انهن ۾ ايثار جو جذبو عيان آهي. هن ڪهاڻي ۾ زبردست نموني انور ان کي بيان ڪيو آهي.
اڪيلا ناهيون: هي ڪهاڻي يونيورسٽيءَ جي اهڙي الهڙ، چنچل ۽ آزاديءَ وارن منظرن سان ڀرپور آهي. هميشه اهو ٻڌو ويو آهي ته هندو ڇوڪري مذهب مٽائي مسلمان ٿي پيار پرڻو ڪندي آهي پر هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار ان جي ابتڙ نيئن سوچ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي هڪ مسلمان ڇوڪري جي هندو ٿي شادي ڪرڻ سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ بهترين اعليٰ انساني قدر رکندڙ پيغام آهي.
ٽاور.. ٽاور..: ڪراچي شهر جي مالڪي لاءِ سنڌي ڪيتري قدر پريشان آهن اهو احساس به هن ڪهاڻي ۾ شامل آهي. ڪراچي انور جو خاص موضوع ۽ وڻندڙ موضوع آهي. ٻهراڙي جو نوجوان ڪراچي ۾ بس تي منشي گيري ڪري ٿو پر رش ۽ ڪراچي جو تڪڙو ماحول مٿس خوف طاري ڪري ڇڏي ٿو ۽ ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ ڪري کانئس اسٽاپ جا نالا وسري وڃن ٿا. سچ پچ ته انور سنڌين جي ڪراچي ۾ موجود هئڻ واري خوف ۽ حراس کي حقيقي معنيٰ ۾ عڪس بند ڪيو آهي. گهرو درد رکندڙ هن ڪهاڻي جو انت پڙهندڙ جي اندر ۾ڪنهن زهريلي تير وانگر هڻي وڃي ٿو.
اي مينهن! وسين ڇو نه ٿو..؟:
انور کي احساسن ۽ ڪيفيتن بيان ڪرڻ جو وڏو هنر آهي. هي ڪهاڻي هڪ استاد سائين الياس جي آهي، انور پاڻ به هڪ آدرشي ۽ ايماندار استاد ٿي رهيو آهي. انور جي هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ ڪافي تعليمي ڪهاڻيون به آهن. هي ڪهاڻي تعليم، خانگي تعليم، استادن ۽ شاگردن جي الڳ الڳ احساسن ۽ نفسيات کي ظاهر ڪري ٿي. هي انور جي ڏاڍي احساساتي ڪهاڻي آهي. جنهن کي پڙهڻ سان ٿڌا ساهه ڀرجي وڃن ٿا. هن ڪهاڻي جي ڪردار سائين الياس جي پٽ جو حادثو ڪيئن ٿيو؟ ۽ ڪيئن سندس ٽنگون ناڪارا ٿيون اهو به ڏيکارڻ گهرجي ها ته ڪهاڻي اثرائتي ٿي وڃي ها.
مندر:
ڪهاڻي گهٽ روپوٽنگ وڌيڪ لڳي ٿي. ڪهاڻي جو موضوع هندن سان ٿيندڙ ڏاڍايون آهن. شروعات ۾ ته ان کي هاڪاري معنيٰ ۾ ڏيکاريو سٺو تاثر پوي ٿو پر آخر ۾ سڄو تاثر ٽٽي پوي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ مون کي ڪهاڻي پڻو گهٽ نظر آيو.
روڳ:
جيتوڻيڪ سنڌي معاشري ۾ جنس تبديل ڪرائڻ عام ڳالهه نه آهي. ان جي باوجود روڳ ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ موجود جنسي وڇوٽيءَ کي، مرد ۽ عورت جي الڳ مخلوق واري مفروضي کي ظاهر ڪري ٿي.
سنڌي سماج ۾ عورت کي هروڀرون مرد کان الڳ رهڻ ۽ نفرت ڪرڻ جي ذهينت جوڙي وڃي ٿي. جنهن معاملي کي انور ڪاڪا انتهائي سٺي انداز ۾ لکيو آهي. اهڙيون ڪهاڻيون سنڌي پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ گهٽ ملن ٿيون. عورت جي نفسيات کي سمجهڻ بنهه ڏکيو ڪم آهي. پر ڪاڪا خوبصورتيءَ سان هڪ الهڙ ڇوڪري جي مخالف جنس کان اجائي نفرت کي پڙهندڙن اڳيان آڻي ٿو. نسيم جي وسيم ٿيڻ جو جواز به ڪهاڻي ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. پوءِ به هي ڪهاڻي انور جي بهترين ڪهاڻي آهي. جنهن جو موضوع تمام نرالو آهي.
ڄانڀو:
ڪهاڻي ڪاڪا جي ماحولياتي ڪهاڻي آهي. انسان مصنوعي شيون جوڙي هڪ پاسي پنهنجو فائدو ڪيو آهي ته ٻي پاسي ماحولياتي گدلاڻ ۽ خطرن کي پڻ وڌائي ڇڏيو آهي. هي انور جي مشاهداتي ڪهاڻي ٿي سگهي ٿي. فني لحاظ کان هڪ پوري ڪهاڻي آهي پر فڪري حوالي سان به مضبوط آهي. جنهن سان هڪ پيغام وڃي ٿو ته انسان کي مصنوعي دوائن ۽ ڀاڻ کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ احتياط به.
انور ڪاڪا جو شين کي ڏسڻ جو جدا PARADIGM  يعني ڏسڻ جو انداز آهي. سندس نثري شاعريءَ جو ڪتاب “وصيت نامو” جنهن تخليقي جوهر سان ڀريل آهي اهو اثر ڪهاڻين ۾ گهٽ آهي. انور ڪاڪا نثري نظم جو اوچي پد جو شاعر آهي ۽ مون کي ان جي نثري شاعريءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. انور جي ڪهاڻين تي مجموعي راءِ رقم ڪجي ته هن جون ڪهاڻيون ۽ انهن جا موضوع، ڪردار ۽ پڄاڻي يا ان جي ڪهاڻين جا نالا هجن. مسجد جون اکيون ۽ پاڻي جو گلاس خوبصورت تشبيهاتي نانءُ آهن ۽ هي ٻئي ڪهاڻيون موضوع جي هڪجهڙائي  جي باوجود جديديت پڄاڻان سنڌي ۾ ڪلاسيڪل ڪهاڻيون آهن.
فلائيبر هڪ هنڌ چيو آهي: “هر هڪ ليکڪ پنهنجي رچنا ۾ ايترو ئي لڪل هوندو آهي. جيترو خدا پنهنجي خلقيل قدرت اندر.”
ان ۾ ڪو به گمان نه آهي ته انور جي تخليقي قدرت ڪا ڪمزور آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ هڪ بهترين ليکڪ وانگي زندگي جي جذبات، احساسن ۽ رنگن کي ڪاريگري سان اوتي ٿو. اهو هنر ٻين ليکڪن وٽ گهٽ آهي.
ٻئي ڳالهه جيڪا چوڻ چاهيندس ته بيانيه انداز ۾ سندس سڀ ڪهاڻيون آهن ته هو ڪجهه گهاڙيٽي کي تبديل ڪري.
قوم لاءِ لکڻ اهو شاعري ڪرڻ هجي يا ڪهاڻيون لکڻ يا ڪي ٻيون شيون، اهي پنهنجي ذاتي تسڪين لاءِ نه هونديون آهن. پر ان جو مقصد پنهنجي ۽ ٻين جي احساسن کي هر عام تائين پهچائي ڪو دڳ جوڙڻو آهي. اهو فن ۽ هنر انور ڪاڪا وٽ آهي. ان جي ڪهاڻين جي حساسيت ۽ ان ۾ ڪردارن جي جذبات ۽ منظرنگاري به ڇا خوبصورتي آڻي ٿي. اهو انور ڪاڪا جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ئي چئي سگهجي ٿو ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انور ڪاڪا سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي.

No comments:

Post a Comment