Tuesday, May 19, 2020

سؤ سالن جي بقا جو دستاويز - رسول ميمڻ


سؤ سالن جي بقا جو دستاويز
رسول ميمڻ
يقين ڪيو جيڪڏهن دنيا جو گولو ڏاند جي سِڱ تي رکيل آهي ته اسين ڏاند جي پڇ ۾ جنبڙيل آهيون. دنيا ڏاند جي سڄي سڱ تي هجي يا کٻي سڱ تي، زلزلو اچي يا نه اچي، اسان جي صحت تي ان ڪري اثر نه پوندو جو اسين پڇ ۾ لڙڪيل آهيون. تاريخ ۾ ڪنهن هٿ ڪٽيل قوم جو ذڪر ڪونهي. اسان جي تاريخ سڙيل ۽ اڻ لڀ آهي. اسان پنهنجي وجود کي ڪٿي ڳولهيون. چون ٿا ته؛ اسين قديم قوم، اسان جا قصا ويڄن ۾، مهاڀارت ۾، اوائلي سلوڪن ۾، اسان موهن جي دڙي جا وارث ۽ سنڌوءَ جا سپوت، پاڪ ۽ پوتر پاڻيءَ جا پليل، ثقافتن جا سرواڻ، تهذيبن جا تخليقڪار.


آدم جو اوائلي اولاد، پنج هزار سال، ڏهه هزار سال، ويهه هزار سال پراڻي قوم پر اسان جي افساني جي عمر هڪ سؤ سال.
افسانو پيدا ٿيو، ان وکون کنيون، جوان ٿيو ۽ جلد پوڙهو ٿي ويو. اسان جو افسانو پروجيريا جو مريض آهي، پروجيريا پيدائشي بيماري آهي جنهن ۾ ڪو پيدا ٿي، ننڍي عمر ۾ جوان ٿي ۽ پوڙهو ٿي گذاري وڃي ٿو.
اهو سڀ دل تي پٿر رکي چوان ٿو. دل تي پٿر رکيل هجي ته پٿر ڌڙڪندو آهي. ڇو جو الميو صرف جاندار شين تي نه، پر بي جان شين تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو زندان جي ڀتين مان مظلوم جي آهُن جو آواز بلند ٿئي ٿو. مايوس نه آهيان، ڇو جو جيئرا آهيون.
سنڌي افساني جي عمر سؤ سال، ۱۹۱۴ع ۾ ڄايو، صفا ٻار، ٻاتا ٻول، ٻار ڳالهائي ماءُ سمجهي. چوڏهن سالن ۾ مذهب جو غلبو، ويهن سالن ۾ وطن جو وڍ، ماڻهن جو وڇوڙو، ٽيهن سالن ۾ افسوس مان هٿ مهٽي قومپرستيءَ جو دعويدار، پنجاهه سالن ۾ سوشلزم جو علمبردار، هاري انقلاب، وڏيرو مرداباد، سرمائيدار نوسر باز، سٺ سالن ۾ دهشت گردي، ٻاهران آيل ماڻهن هٿان قتل عام، بي وسي، ستر سالن ۾ مايوسي، ڇا ڪجي؟ ڇا نه ڪجي؟ سٺو آهي، جيئن هلي تيئن هلي، اسي سالن ۾ دعا، سوڙ، سيارو، توبهن توبهن، سؤ سالن ۾ ڪي نوان آواز. شڪر آهي ڪي نوان آواز آهن، لکجي رهيو آهي، شاعريءَ جي حوالي سان جيڪڏهن شاهه لطيف جهڙو شاعر پيدا نه ٿئي ها ته شاعريءَ جو هلندڙ سحرانگيز دور سنڌ ڪڏهن نه ڏسي ها. سنڌ ۾ اياز ۽ اياز کان پوءِ ٿيندڙ شاعريءَ جون پاڙون، لطيف ۾ کتل آهن. افسوس افساني کي اهڙو لطيف نه مليو. هلندڙ دور جي سنڌي شاعري عالمي معيار تي پوري لهي ٿي. ان ۾ جدت جون سڀ گهرجون موجود آهن پر افسانوي مايوسين جي ور چڙهي ويو.
دنيا جا عظيم اديب عمر جي آخري حصي تائين فن سان لاڳاپيل رهن ٿا. اسان جا عظيم اديب، عمر سان ادب کان ڪنارا ڪش ٿي گوشا نشين ٿي وڃن ٿا. سنڌي ادب ۾ ٽي چار نالا اهڙا آهن جن ادب کي عمر جي آخري حدن تائين تخليقن سان مالا مال ڪيو نه ته گهڻا اديب پنجٽيهن کان مٿي ڪهاڻيون لکي نه سگهيا.
ٿي سگهي ٿو مايوسيءَ جو سبب، مڃتا جو ملڻ نه هجي يا ادب جو پيشاورانا (Professional) تصور نه هجي، جنهن سان اديب جي مالي سهائتا ٿي پوي. اسين پاڪستان جا علاقائي اديب آهيون. سنڌ، پاڪستان جي رياست نه پر علائقو آهي. علاقائي اديب هجڻ جي ناطي، ڪنهن به پذيرائيءَ کان انڪري پاڪ آهيون، جو من سنڌي سڏائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو لقب قبول نه ٿو ڪري.
پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻو ادب، سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو پر سنڌي ادب هجڻ ڪري، پاڪستاني ادب تسليم نه ٿو ڪيو وڃي.
سنڌ اندر تعليم جي صورتحال، ابتر آهي. جتي بنيادي تعليم جي کوٽ هجي، اتي فلسفي ۽ ادب جا ڪتاب ڪهڙي حيثيت رکن ٿا. سٺا پڙهندڙ نه هوندا ته ادب جو ڪارج فنا ٿي وڃي ٿو.
سؤ سالن جون چونڊ ڪهاڻيون يقين ڏيارين ٿيون، خرار نه صحيح ڪجهه ڪڻا ته آهن. ڪجهه آهي، جيڪي نه هجڻ کان ڀلو. مون نائين ڪلاس ۾ لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻيءَ جي ڪهاڻي ”حُر مکيءَ جا“ پڙهي هئي. تڏهن چوڏهن سالن جو هيس. ان وقت استاد ڪهاڻيءَ کي مضمون سمجهي پڙهائيندا هيا.
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا به جديد دور ۾ ٿي آهي. جديد معنيٰ نئون ۽ اها نئين ڪهاڻي، جنهن کي نئين انداز سان لکيو ويو. ان نئين دور ۾ جنم ورتو آهي معنيٰ اهو دور ايڏو پراڻو نه آهي پر ڪلهه جي ڳالهه آهي. امر لال هڱوراڻي نئين ڪهاڻيءَ جو بنياد رکندڙ آهي. ان جي ترتيب، سنڌي ڪهاڻيءَ کي ترتيب ڏني ۽ لکڻ جو ڏانءُ سيکاريو.
سنڌي ڪهاڻي سؤ سالن ۾ پنهنجي وضاحتي (Descriptive) حقيقت نگاري يا مڪالماتي انداز مان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي. قومپرستيءَ جي ڏينهن ۾ اها جذبات جي ڌاري ۾ وهندي محسوس ٿئي ٿي. وڏن اديبن پاران لکيل ناولن ۾ به اهڙو تاثر ملي ٿو.
سنڌي ڪهاڻي ارتقائي عمل مان گذري فطرت جي چونڊ (Natural Selection) جي ڌاري مان گذري، گهرجن سان مفاهمت (Adaptation) نه ڪندي، فنا (Extinction) طرف وڌي رهي آهي. جيڪڏهن ترت پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏي مشاهدي وارا اديب پيدا نه ٿيا ته ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ڳڻڻ جيتريون سٺيون ڪهاڻيون به ملي نه سگهنديون.
ساڳيو ارتقائي عمل، اسان جي قوم سان پڻ لاڳو آهي. يقين ڪيو، اسان فنا (Extinction) طرف وڌي رهيا آهيون. سؤ سال پوءِ، سنڌي زبان ساڳي نه رهندي، جيڪا هن وقت مروج آهي. اسان تيزيءَ سان ٻين ۾ جذب ٿي رهيا آهيون. اهو سوچي ڏک ٿو محسوس ٿئي ته جڏهن ٻه سؤ سالن جون ڪهاڻيون ڇپجنديون ته شل ڪو اسان کي سمجهي سگهي.
ادب ۽ قوم کي تعليم جي ڍال ئي بچائي سگهي ۽ سنڌي سٺي تعليم کان محروم آهن. تعليم طبقاتي ٿي چڪي آهي. سڀ اسڪول هڪ جهڙا نه آهن. سنڌين جا اسڪول، سنڌين جيان غريب ۽ بي حال آهن. انهن جا ڪتاب به ڪپڙن جيان ڦاٽل آهن. اسڪول مينهن جا واڙا آهن. کير جيان تعليم ۾ به پاڻي ملايو وڃي ٿو، پر اميد رکي سگهجي ٿي ته ايندڙ سؤ سالن کانپوءِ صورت حال سٺي هوندي ۽ اسان کي اسحاق سميجي جهڙو ادب جو محسن ملي ويندو، جيڪو انهن کي شايع ڪري ادب جي بقا جو دستاويز پيش ڪندو.

No comments:

Post a Comment