Sunday, May 31, 2020

اڄ پڻ اکڙين.. - سليم سهتو


اڄ پڻ اکڙين..
سليم سهتو
هڪ ڪيس جي تياريءَ جي سلسلي ۾ پرهه ڦُٽيءَ ڌاري ننڊ مان بيدار ٿيس. دريءَ کان ٻاهر نهاريم، ڦُڙ ڦُڙ پئجي رهي هئي، جسم کي ٿوري ٿڌ محسوس ٿي. ڪمري کان ٻاهر نڪري، نوڪر جي ڪمري ڏانهن ويس. کيس ننڊ مان اُٿاري چانهه ٺاهي کڻي اچڻ جو چئي پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي اچي، آرام ڪرسيءَ تي ويهي ڪيس جي فائيل کي پوري ڌيان سان پڙهڻ لڳس. ڪجهه دير کانپوءِ نوڪر چانهه کڻي آيو. چانهه جو ڪوپ  ڏيندي چيائين ته: ”سائين ٻاهر توهان سان هڪ نوجوان ملڻ آيو آهي.“ مون حيرت مان پڇيو: ”هن وقت!“


نوڪر وراڻيو: ”ها سائين، چئي پيو ته ڏاڍو ضروري ڪم آهي.“ مون نوڪر کي چيو ته، هو هن کي ملاقاتين واري ڪمري ۾ ويهاري. اهو چئي ٽوال کڻي باٿ روم ۾ گهڙي ويس. وهنجڻ دوران منهنجو ذهن ان نوجوان جي باري ۾ سوچيندو رهيو ۽ ذهن ۾ مختلف سوال گردش ڪندا رهيا. ”ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو پرهه ڦُٽيءَ جي وقت آيو آهي. جنهن صبح ٿيڻ جو به انتظار نه ڪيو منهنجي اصيل جو پٽ! پر نه، هو نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته ان کي مون آفيس ۾ ملڻ لاءِ ساڍي ستين وڳي جو وقت ڏنو هو.
وهنجي تيار ٿي ملاقاتين جي ڪمري ڏانهن ويس. ڪمري ۾ گهڙيس ته نوجوان کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم. سندس پٺ در ڏانهن هئي. منهنجي قدمن جي آواز تي ڪرسيءَ تان اٿي در ڏانهن نهاريائين ۽ سلام ڪيائين. مون سندس سلام جو جواب ڏنو ۽ ساڻس هٿ ملايم. مون کي سندس مهانڊا ڄاتل سڃاتل لڳي رهيا هئا. مون کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ئي هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”سائين، مان شهمير جو پٽ آهيان.“ هن ايترو ئي چيو ته مان کيس يڪدم سڃاڻي ورتو ته اهو مراد آهي. مان ڪرسيءَ سان اٿي کيس ڀاڪر پائي مليس ۽ سندس پيءُ جي شڪايت ڪرڻ لڳس ته: ”ڏاڍو بي وفا آهي، مون کيس لنڊن مان ڪيترا ئي خط لکيا، پر هن انهن جا جواب ڪو نه لکيا. بلڪل وساري ڇڏيائين.“ مون ڏٺو ته مراد جي چهري تي ڏک جون ريکائون اُڀري آيون هيون. مراد ڏکايل آواز  ۾ چوڻ لڳو ته: ”چاچا، وقت جي ظالم هٿن مون کان پيءُ جو سهارو کسي ڇڏيو آهي، بابا کي وفات ڪئي ٽي مهينا ٿي ويا آهن. هڪ ظالم ٽرڪ واري بابا جي مٿان ٽرڪ چاڙهي کيس هميشه لاءِ اسان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو.“
شهمير جي وفات جو ٻڌي منهنجي اکين اڳيان ساڻس گهاريل وقت ذهن جي پڙدي تي هڪ فلم وانگر ڦرڻ لڳو. شهمير ۽ مون پهرئين درجي کان وٺي انٽر تائين گڏ تعليم حاصل ڪئي هئي، تنهن کانپوءِ مون تعليم جو سلسلو جاري رکيو، شهمير کي سندس گهرو حالتن وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنو. ۽ هو هڪ سرڪاري کاتي ۾ ڪلارڪي ڪرڻ لڳو. شهمير سان منهنجي روز ملاقات ٿيندي هئي.
ڪڏهن اسان جي پاڙي ۾ ايراني هوٽل تي ويهي چانهه جي ڪوپ تي سڄي دنيا جي مسئلن تي ويچار ڪندا هئاسين ته ڪڏهن ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري تي پسار ڪندي خيالي قلعا جوڙيندا هئاسين، ڪڏهن وري جناح باغ ۾ ڪنهن بينچ تي ويهي خوشحال مستقبل جا سهڻا خواب ڏسندا هئاسين. مون ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪئي هئي. تنهن هوندي به روز رات جو اسان جي ملاقات ٿيندي  هئي. ان دوران شهمير جي مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي. هُو ان شاديءَ مان خوش ڪو نه هو ڇاڪاڻ ته سندس شريڪ حيات اڻ پڙهيل هئي ۽ هو پڙهيل ڪڙهيل ڇوڪريءَ سان شادي جو خواهشمند هو، پر مائٽن سندس خواهش کي ٿُڏي ڇڏيو. شاديءَ کانپوءِ  هو احساس محرومي جو شڪار ٿي ويو هو. مون کيس گهڻو سهارو ڏنو جنهن جي ڪري هو گهڻي قدر احساس محروميءَ کان ٻاهر نڪري آيو هو. پٽ جي پيدائش تي ڏاڍو خوش هو. مون کي ڏاڍو زور جو ڀاڪر پاتو هئائين ۽ سندس اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها نڪري آيا هئا. هاڻي سندس ڳالهين جو مرڪز سندس پٽ مراد هوندو هو. هُو پنهنجي پٽ لاءِ اعليٰ مستقبل جا خواب ڏسندو هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات ڪراچي ايئر پورٽ تي ڊپارچر لائونج جي ٻاهر ٿي هئي.  مون الوداعي  ڀاڪر پائي کانئس موڪلايو ته هن اکين ۾ آب آڻي چيو ته، ”يار جي قسمت ساٿ ڏنو ته وري ملنداسين، پر جي زندگيءَ بي وفائي ڪئي ته مون جيڪي خواب پنهنجي پٽ لاءِ ڏٺا آهن انهن کي تون پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ.“ مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته؛ ”مايوسيءَ جون ڳالهيون نه ڪر، الله تعاليٰ تو کي وڏي حياتي ڏيندو ۽ تون پنهنجي اکين سان پٽ کي اعليٰ مقام تي ڏسندين.“
لنڊن پهچي مون کيس خط لکيو، جنهن جو هن فوراً جواب ڏنو، جنهن ۾ لکيائين ته هو بدلي ڪرائي ڳوٺ اچي ويو آهي. ۽ ائين ئي لنڊن ۾ رهائش دوران اسان هڪ ٻئي کي خط لکندا رهياسين. پر گذريل ٽن مهينن دوران مون جيڪي کيس خط لکيا انهن جا هن جواب ڪو نه ڏنا. مون سمجهيو ته شايد ذميوارين وڌي وڃڻ ڪري هو جواب نه لکي سگهيو آهي. مان بارائٽ لا جو امتحان پاس ڪري ڊگري وٺي وطن موٽي آيس.
مون کي آئي هفتو کن ٿيو هو، ان دوران آفيس کي سيٽ ڪرڻ ۽ هڪ سڃاڻ واري جي ڪيس ۾ مصروف رهيس. مون پهرئين فرصت ۾ شهمير سان ملڻ پئي چاهيو. پر ڪمن فرصت نه ٿي ڏني. ”سائين، نيرن تيار آهي.“ نوڪر جي آواز تي منهنجي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو، اکين مان آب جاري هو ۽ چپن مان لطيف سائينءَ جي بيت جا ٻول نڪرڻ لڳا.
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲۰۱۲/۴ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment