Wednesday, May 13, 2020

اندر جي عدالت - ناشاد رضوان


اندر جي عدالت
ناشاد رضوان
افسانوي ادب جيڪو ادب جي نثري ڀاڱي ۾ خاص اهميت رکي ٿو جنهن کي فڪشن به چيو وڃي ٿو.
عام طور ڏٺو وڃي ته ڪهاڻي هڪ اهڙي ڪٿاءُ آهي جنهن سان انساني زندگي جي پوري حالاتن واقعن کي هڪ ئي وقت قلمبند ڪري سگهجي ٿو ڪهاڻي ذريعي ئي سماج جي غلط روين غليظ سوچن رجعت پسندي Reactionary کي نروار ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيء جو مختصر ۽ حقيقي مثال اياز گل جي شعر مان ئي وٺي سگهجي ٿو.
“ دک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ.“
سنڌي ادب ۾ تصوراتي ادب جي به طويل تاريخ موجود آهي جنهن ۾ ذلالتن وحشتن دربدري جهالتپڻو سميت انساني صورتحال Social Strature انفرادي بغاوتن وڏيرڪي سماج ۾ ماڻهن سان حيواني سلوڪ معاشي طور سخت اذيتناڪ بک بيروزگاري ۽ ان طبقي جي ڏتڙيل پرماريت جي شڪار ماڻهن جي ڏکن ۽ سنڌي سماج جي سڀني تاريڪي پهلوئن جا موضوع انهي تاريخ ۾ واضع نظر اچن ٿا جنهن کي حقيقت نگاري جو ويس انهن مورخن (ڪهاڻيڪارن) اوڍايو آ جنهن جو به ججهو تعداد موجود آهي جيڪو غلام رباني آگري کان ويندي اياز قادري، حفيظ قريشي، جمال ابڙو، سراج ميمڻ، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، نجم عباسي، امرجليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، مهتاب محبوب، کان نورالهديٰ شاھ، ۽ هن دور جي ڪهاڻيڪارن تائين. جنهن ۾ هن سماج جي ماڻهوءَ جي نفسيات ۽ فڪري تسلسل جو عڪس چٽيل آهي.


سنڌي افساني جا مختلف دور رهيا آهن جيڪو اسانکي پهريون دور ۱۸۵۱ع کان ۱۹۲۵ع تائين، ٻيو دور ۱۹۲۵ع کان ۱۹۴۰ع تائين ٽيون دور ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۷ع تائين چوٿون دور ۱۹۴۷ع کان اڄ تائين جديد ڪهاڻي جي صورت ۾ جاري آهي.
جديد سنڌي ڪهاڻي جي هن دور ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ادبي کيتر ۾ پاڻ ملهايو آهي انهي ۾ ميڊم ريحانه نظير جو نالو به پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو. ميڊم جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”اندر جي عدالت“ جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ آئون اڃان ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيو آهيان ته سندس ڪهاڻين جي ڪهڙي فڪري پهلوءَ تي پنهنجو ويچار ونڊي سگهان.
انساني معاشري ۾ عورتن جي سجاڳي سندن مظلوميت ۽ حقن جي پرچار لاءِ ۽ عورتن تي ٿيندڙ وحشيانه ظلم هن سماج ۾ کين برابري جو درجو نه ڏيڻ شهري عورتن جي زندگي کان ويندي عام ڳوٺاڻين مفلسي مسڪيني ڪٽيندڙ عورتن، پرديسين سان پيار، سميت ڪيترائي رومانوي ۽ درديلا موضوع هن ڪتاب اندر جي عدالت ۾ پڙهڻ وٽان ملن ٿا. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل ۲۲ ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي نهايت ئي سنجيده ۽ سادي ٻولي ۾ پيش ڪيل آهن اجائي ڊيگهه کان هٽي موضوع جي پابندي ۽ اختصار ۾ تخليق ٿيل هنن ڪهاڻين جو فن پڙهڻ سان پختو محسوس ٿيئي ٿو ڪهاڻين جي موضوع ۾ دل کي جهير ڏيندڙ هڪ دردناڪ ڪيفيت انسان کي اداسيءَ ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي.
خاص طور ڪهاڻين ڇوٽڪارو، بيشرم، واردات، ههڙا هاڃا ٿين، اڻپورو رشتو، اندر ۾ ابليس، راڻي، قادوءَ جي ڪنڌي، ۾ هن انڌيرنگري جي نظام ۾ پيڙهجندڙ مسڪين عورتن بيڏوھ قتل ۽ ڪاروڪاري جي الزام واري ڪڌي رسم ۾ ڳترا ڳترا ٿيندڙ نوجوان نارين جي ٽٽندڙ ساھ جي آخري ڏچڪي به شامل آهي ته حويلين ۽ لوڙهن ۾ واڙيل معصوم عورتن جي قيدي زندگيءَ کان ويندي نوجوان ڇوڪرين جي جسم سان کيڏندڙ گهٽيا لوس ڪوڙن ڪرامتي پيرن مرشدن جي بدڪردار ۽ بداخلاقي سرمائيداري دور ۾ فيوڊل ذهنيت جي ڪري پيدا ٿيندڙ المين ۽ نفسياتي جنسي اذدواجي معاشي ڪشمڪش تي لکيل هي ڪهاڻيون آهن.
ڇوٽڪارو: ڪهاڻيءَ ۾ ٽين ڌٻي واري جي ڌيءَ جيڪا ڪاليج ۾ تقرير ڪرڻ جي مقابلي ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۰۰۰ روپئي جو انعام وٺي ان وحشي وڏي صاحب جي ڄار ۾ ڦاسي ڪيترو لوڙهي ٿي اها معصوم ڇوڪري ان بگهڙ جي جنسي حوس جو نشانو بڻجندي رهي ٿي. انهي ڪهاڻيءَ ۾ هن دور جي اهڙن وحشي صاحبن جي پت وائکي ٿيئي ٿي.
بيشرم: ڪهاڻيءَ ۾ اهو بيشرم ميرو جيڪو پنهنجي خوبصورت ننهن کي ڏاڍائيءَ جو نشانو بنائي قتل ڪري ٿو نتيجي ۾ سندس نوجوان پٽ خودڪشي ڪري ٿو هيءَ ڪهاڻي به اڄوڪي سماج جو چٽو پٽو آئينو ظاهر ڪري ٿي.
واردات: ڪهاڻيءَ ۾ بيڏوه قتل ٿيندڙ ليليٰ جو اکيون کليل لاش ماءُ ڏانهن حسرت ڀري نگهاءُ سان ڏسي ٿو ۽ ساڙ بغض رکندڙ قاتل عمر به ايئن ئي مري ٿو ڏسڻو ان ڳالهه کي آ ته اسانجي سنڌي سماج ۾ روز به روز اهڙن قاتل عمرن جي ڪهاڙين سان ڪيتريون ئي ليلائون ڪاروڪاريءَ جهڙي ڪني الزام هيٺ ڳڀا ڳڀا ٿين ٿيون.
ههڙا پيا هاڃا ٿين: هن ڪهاڻيءَ ۾ ماءُ جهڙي عظيم ۽ مقدس رشتي سان ظالم پٽ جو تشدد ڪرڻ وارو وحشياڻو ۽ بيهودو عمل پٿر دل ماڻهوءَ کي به ضرور روئاري وجهندو نتيجي ۾ ان نافرمان پٽ کي جيجل امڙ ٿاڻي تان ڇڏائي جلاوطن ٿي وڃي ٿي ۽ هو وحشي پٽ ماءُ کان هڪ بار معافي وٺڻ لاء بار بار واجهائيندو رهي ٿو ۽ انهي پڇتاءُ ۾ سندس زندگي زهر بنجي وڃي ٿي،. هن ڪهاڻيءَ مان اهو مثال وٺي سگهجي ٿو ته اولاد ماءُ کي ڪيتريون به ازيتون ڏي پر اها عظيم هستي پنهنجي ٻچي کي سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏي ٿي.
اڻپورو رشتو: هن ڪهاڻيءَ ۾ ۱۳ سالن جي معصوم زينا جهڙي ڇوڪري شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي  وڃي ٿي جيڪا شاديءَ جي ريتن رواجن کان به بلڪل اڻڄاڻ هجي ٿي سندس مڙس جي بي رخي سس جي ويڙھ نڻانن جا ٻار نه ڄڻڻ جا طعٰنا گهر ۾ هڪ نوڪرياڻي کان به بدتر حيثيت سان رهندڙ زينا جو ڪردار هن طبقي ۾ سئو سيڪڙو حقيقت جو روپ وٺندڙ آهي.
اندر جو ابليس: هن ڪهاڻيءَ ۾ انهي بدڪردار ڪوڙي پير مرشد جي ڪوڙي هٿ ٺوڪي ڪرامت جو ذڪر آيل آهي جيڪا هڪ پڙهيل لکيل خاندان جي ڇوڪري مهروءَ کي پنهنجي غلام بڻائي پنهنجي قدمن ۾ ويهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. رڳو ڏوهه انهن ڪوڙن پيرن جو به ناهي پر انهي ڏوھ ۾ اهي جاهل گهر ڀاتي به برابر جا شريڪ آهن جيڪي پنهنجون نياڻيون پنهنجي عزت انهن ڪوڙن پيرن حوالي ڪن ٿا؛ ”سس جي سڏ تي مهرو ڇرڪ ڀري اٿي ٿي، جي چاچي؟ هٿ وٺ!! سائين جي هٿ کي سامهون بيٺي مهرو چمي ڏيڻ کان لنوائي ٿي. هوءَ ڪيئن غير مرد جا هٿ چمي؟؟ مهرو جلدي ڪر .. مهرو پٽ جلدي ڪر سائين جو هٿ وٺ!! سندس سس سائين جو هٿ چمڻ لاء مهروءَ تي زور ڀري ٿي؛ ”صحتمند ۽ خوبصورت ڇوڪري جي سونهن تي عاشق بڻيل مرشد مهروءَ جي سهري ۽ سس کي چئي ٿو  “ بابا توهان پريشان نه ٿيو ڇوڪريءَ تي سايو آهي رات مون ڏي وٺي اچجوس وڌيڪ تنگ نه ڪيوس نه ته نقصان ڪري وجهندي سائين اطمينان سان جواب ڏيندي چيو “
مرشد مهروءَ جي ڳچيءَ کان هيٺ هٿ وڌائڻ شروع ڪري ٿو مهرو هٿ کي اڇل ڏئي پري ٿي وڃي ٿي سندس سس ڏڪڻ شروع ڪري ٿي سائين چئي ٿو؛ ”مائي تون ته نه ڊج مان ويٺو آهيان تو تي به سايو هو نه پوء ڇا ٿيو هاڻ ٺيڪ  آهين تڏهن مان ننڍو هئس ۽ بابا پڳ ڪانه ٻڌائي هئي!! مهرو رڙيون ڪري ٿي، منهنجي اندر ڪير ڪونهي مان ٺيڪ آهيان.“ مرشد چئي ٿو ... تنهنجي اندر ۾ جن آ، مان تنهنجي اندر ۾ گهڙي جن ڪڍان ٿو“
مرشد مهروءَ جو جن ڪڍي ٻاهر اچي ٿو پنهنجي ڌيءَ کان موڪلائي ٿو جيڪا ان وقت ٻاهر ويندڙ آ، مهروءَ جي نظر ان مرشد جي ڌيءَ تي پئي ٿي جيڪا شڪل هن جي نڻان بيبيءَ سان بلڪل ملندڙ هئي آخر ڇو..؟
هن ڪهاڻيءَ جي فن ۾ اهڙي ڪماليت رکيل آهي جيڪا پڙهندڙ کي ڪيترن ئي ورن وڪڙن مان موٽائي هڪ غمگين ڪيفيت ۾ وجهي ڇڏي ٿي هيءَ ڪهاڻي به هن معاشري جو چٽو پٽو سربستو احوال آهي.
راڻي: هن ڪهاڻي ۾ شهري عورتن جي زندگي ۽ غريب نوڪرياڻي جي ڪردار جو عڪس چٽيل آهي جيڪا هڪ مسڪين پنهنجو بيمار پٽ ايڏي تڪليف واري حالت ۾ ڇڏي ميڊم جي گهر وڃي ٿي ان وچ بسن وارن جا ڌڪا برداشت ڪري ميڊم جا ڌاٻا سهي ٿي ۽ واپسيءَ ۾ بکايل پٽ جو موت هن لاء قيامت جو منظر آڻي ٿو ، هيءَ ڪهاڻي به هن زنده سماج جي مرده روايتن کي چٽو ڪري ٿي، جنهن ۾ انسانيت جي تذليل بک ۽ بدحالي جو ماتم ٿيئي ٿو.
قادوءَ جي ڪنڌي: هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو الله نه ڪري پر جاهل سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙين ڪنڌين ۾ “سوئر جي پٽ“ قادوءَ جهڙا پيءُ به هوندا ۽ اتي اٻوجهه سڪينه جهڙيون يتيم نياڻيون سٿڙيا ٻار ڪرائينديون هونديون.
هي ڪتاب پڙهڻ سان روح ڪيترو رت جا ڊڪ ڀري ٿو تحسين لائق اها ليکڪا آهي جنهن اهڙو ڪتاب لکندي ڪيترو ڀوڳيو هوندو.
هنن ڪهاڻين جو اسلوب ايترو ته منفرد آهي جو ڪتاب پڙهڻ سان بذات خود ڪتاب ڳالهائي رهيو آهي ڪهاڻيءَ ۾ آيل اهي ڪردار پڙهڻ سان تصور ۾ سڀ لهي اچن ٿا ۽ پڙهندڙ پاڻ خود اظهاريت Self-Exressviness جي ڪيفيت سان پيش اچي ٿو ۽ سماج کي اجتماعي لاشعور Collective Unconcious جي ڏيک Episode سان ڏسي ٿو ڪتاب جي مهاڳ ۾ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ اديب قاضي خادم لکيو آ ته “ ريحانه نظير جا هي افسانه سنڌي سماج ۾ عورت جي مقام جي باري ۾ هڪ خاص تاثر ڇڏين ٿا ۽ چٽي طرح ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ عورت کي اڃان اهو مقام ناهي مليو جنهن جي هوءَ مستحق آهي “منهنجي خيال مطابق ڪتاب جو مهاڳ اهو ناهي لکيل جنهن جو هي ڪتاب مستحق آهي ڪتاب جي مسودي کان پري نظر لکيل هيءُ مهاڳ نه بلڪه هڪ مختصر تاثرات آهي جنهن کي ڪويتا پبليڪشن ست صفحن تي مهاڳ ڪري شايع ڪيو آهي ڪتاب بابت هڪ صفحو ئي ملندو باقي پري پري جا حوالا ۽ ڪجهه ملندڙ موضوع.
ميڊم ريحانه کي هن ڪتاب جون مبارڪون ڏيندي اها دعا ڪيان ٿو ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام جوڙي.

(سنڌ ايڪسپريس ۾، ۱۳ مئي ۲۰۲۰ع تي ڇپيل ريحانه نظير جي ڪهاڻين جي ڪتاب اندر جي عدالت تي تبصرو)

No comments:

Post a Comment