Saturday, May 9, 2020

اگھاڙيون اکيون جو تنقيدي اڀياس - هوش محمد ڀٽي

اگھاڙيون اکيون جو تنقيدي اڀياس
جديد رومانوي احساسن جو انجنيئر
هوش محمد ڀٽي
ڪتاب جو نالو؛ اگهاڙيون اکيون
ليکڪ جو نالو؛ لاکو شبير
سمرسيٽ ماهم چيو آهي ته “هڪ ليکڪ کي هڪ مقرر وقت تي لکڻ گهرجي. ڀلي وٽس ڪي خيال هجن به يا نه. هن کي ڪاغذ ۽ قلم کڻي ميز تي ويهڻ گهرجي.”
آءُ سمجهندو آهيان ته لاکو شبير ائين ئي ڪندو آهي. توڻي جو هو سنڌ جي سرزمين کان ڪوهين ڏور دبئي جي ريگستان ۾ رهي ٿو. هو لکڻ واري عمل مان ڪڏهن ٿڪو ناهي. نثري نظم لکڻ، فليش فڪشن اهو ته سندس سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. هو انگريزي ۾ ناول به لکي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ The Last Sip of Wine جي نالي سان. اگهاڙيون اکيون سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي.


سن ۲۰۰ قبل مسيح کان ۴۰۰ واري دور ۾ ڳاهن واريون ڳالهيون پيدا ٿيون. هن دور ۾ ڪهاڻيون راڳن ۾ ڳائي ٻڌايون وينديون هيون. اڄ جي جديديت پڄاڻان زماني ۾ لاکو شبير ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جي اسڪرين تي ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو. دور بدليو آهي ته ٻڌائين جو انداز ۽ ڪهاڻي به بدلي آهي. پر ڪهاڻي پوءِ به پنهنجي جمال ۾ موجود آهي ۽ رهندي.
جديد سنڌي ادب ڪلاسيڪل ادب جي دائرن ۽ اصولن کي ٽوڙي نيئن انداز کي اپنايو آهي ۽ نوان گس گهڙيا آهن. ان سڄي ٽوڙ مروڙ ۾ ڪهاڻي بين الاقوامي سطح تي بدلجي وئي آهي ۽ بدلجي رهي آهي. گهاڙيٽي ۽ موضوع جا وڏا فرق ظاهر ٿي رهيا آهن. ڪهاڻي مختصر ٿي وڃي بچي آهي. پر پوءِ به سنڌي ڪهاڻي گهڻي مقدار ۽ معياري طرز ۾ لکجي رهي آهي.
مشهور ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيي هن ڪتاب تي پرمغز معلوماتي مهاڳ لکيو آهي. سعيد سومري جو اداريو به وڻندڙ ۽ گهرو آهي. پر آءُ پنهنجي راءِ رکڻ چاهيندس. لاکي شبير جي پروڙ جي قوت ڇا ته ڪمال آهي! پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو: “حرامي، بنا شادي جي جنسي ميلاپ سان وجود ۾ ايندڙ ٻار کي چيو ويندو آهي. پر انهن کي نه جيڪي کيس حرام نموني جنم ڏين ٿا. دنيا اڃا تائين انهن لاءِ حرامي لفظ جهڙو لفظ ايجاد ناهي ڪري سگهي.” پيج_۱۹
ادب اهو جيڪو سوچڻ تي مجبور ڪري. لائي شبير جون ڪهاڻيون سوچن جي ساگر ۾ اڇلي ڇڏين ٿيون.
صاحبا:
هڪ روايتي رومانوي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ٻه پيار ڪندڙ ڪنهن پنهنجي نازن جا نار وهائي، نئون جهان چاهين ٿا. ڪهاڻي جو هيرو رواجي خط/ڪارڊ وسيلي پيار جو اظهار ڪري ٿو ۽ ڪهاڻي پوري ٿئي ٿي.
بهار ۾ پن ڇڻ:
هي ڪهاڻي روايتي سنڌي خاندانن جي ڏي وٺ جي فضول تڪرارن جي ڪهاڻي آهي. اڻ بڻت ڪري هڪ پريم ڪهاڻي اڌوري رهجي وڃي ٿي. منصور مري وڃي ٿو ۽ سپي کري وڃي ٿي.
سمنڊ ڪناري:
هيءَ هڪ مڙس جي ڪهاڻي آهي. جنهن جي زال بم ڌماڪن ۾ مري وڃي ٿي. پر ليکڪ اهو چٽو نه ڪيو آهي ته اهي ڪهڙا بم ڌماڪا ۽ ڪٿي ٿيا هئا. پوءِ اهو مڙس پنهنجي ڌي سهاري جيئي ٿو.
ڪاٽا ٿيل لغڙ:
هي ڪهاڻي به رومانوي آهي. جنهن ۾ علي ۽ رابعا جو معاشقو آهي. رابعا ڪنهن ٻئي کي چاهي ٿي! هڪ طرفي پريم ۾ علي جي آس ڳوڙهن ۾ وهي وڃي ٿي.
اجنبي:
هن ڪهاڻي ۾ مکيه ڪردار هڪ شادي شده اديبه جو آهي. جنهن کي مهراڻ نالي ڪوئي چاهيندڙ خط لکي ٿو. اهو راز ڪهاڻي جي انت ۾ کلي ٿو. جيتوڻيڪ هي هڪ رومانٽڪ ڪهاڻي نه آهي. پر اديبه ۽ پاٺڪ جي انسيت وڏي آهي.
لهرون لهرون جيون:
هي ڪهاڻي مون کي ذوالفقار جونيئر تي لکيل لڳي آهي. هي آهي ته پيار ڪهاڻي پر پڄاڻي ۾ بلال پنهنجي رنگن جي دنيا کي اهميت ڏئي ٿو ۽ عاشي کي ڇڏي ڏئي ٿو. بلال هڪ وڏيري جو پٽ آهي پر آرٽسٽ آهي. سندس محبوبه وڏيرڪا ڪم ڪار ڪرڻ تي زور ڀري ٿي. پر هو پنهنجي تخليقي دنيا ۾ مگن رهي ٿو.
يادن جي ڊسڪ مان هڪ فائل:
 جميل ۽ رخسار هن ڪهاڻي جا ڪردار آهن. رخسار کي برين ٽيومر ٿي پوي ٿو. جميل ان بنا حيات پورن  ۾ گهاري ٿو. ڪهاڻيڪار انهن لقائن کي چٽيو آهي.
سونيون چوڙيون:
هن ڪهاڻي جو شروعاتي جملو آهي: “اين جي او جي نوڪري بيروزگاري جي پيرن جا ٿڪ لاهي ڇڏيا هئس.” پيج_۶۲
منهنجي خيال ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ بيروزگاري جي پيرن جا ٿڪ نه پر اهي پير ئي ڀڄي پوندا آهن. هن ڪهاڻي جي ٻولي، پلاٽ، بيانيو، لفظن، تشبيهن جي بيهڪ ڪمال آهي. ازدواجي زندگي ۾ خاص ڪري زال جو ساٿ نڀائڻ جو عمل ۽ درياهه دلي هن ڪهاڻي جو نقطو آهي. هي هڪ ٻن پيار ڪرڻ وارن جو احساساتي، جذباتي ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ ڪهاڻي آهي.
ڳولا:
هن ڪهاڻي جو ۾ هڪ مڪالمو آهي: “رئيس جي اوطاق کي چپ چپات وٺي وئي، ڄڻ ڪو نانگ سونگهي ويو هجي.” پيج_۷۱
جملي جي پهرين حصي ۾ چپ چپات واري ڳالهه سڌي ناهي، ٻيو جو اردو جو اثر آهي. هي هڪ ليکڪ جي ڪهاڻي آهي. جو ڪهاڻي جي ڳولها ۾ آهي ان ۾ به رئيس ۽ ڪمدار جي ساز بازن جون روايتي ڳالهيون ڪهاڻي جو موضوع بنجي ويون آهن.
ڳالهه ٻڌاءِ نه...!
  لاکو شبير هڪ تخليقي ڪهاڻيڪار آهي. هن ڪهاڻي ۾ هيٺيون منظر ۽ ڪهاڻيڪار جو منظرڪشي جو هنر مون کي موهي ويو آهي: “شام شروع ٿي چڪي هئي. ڏينهن  کي به مزيدار وڳو پاتل هو. آسمان هيٺيان اڇيون ڪڪريون وڇوٽين سان پکڙيل هيون ۽ هوا انب جي وڻ هيٺيان دل گهرئي مهمان وانگي ترسيل هئي.” پيج_۷۲
هن ڪهاڻي ۾ پريت جا پيچرا وڏي پيار سان پريمي جوڙين ٿا ۽ پڄاڻي به بي حد جمالياتي نوعيت جي آهي. هن ڪتاب جون مڙني ڪهاڻيون رومانوي آهن.
رومانس دراصل رومانوي ۽ افسانوي ادب جو اوائلي اهڃاڻ آهي. رومانس لفظ پراڻي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندو هو. بعد ۾ اسپيني، اطالوي، پرتگالي، لاطيني ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪتب اچڻ لڳو. قديم ادب ۾ سورمن ۽ سورهين جي ڪارنامن کي بنيادي حيثيت هئي. پوءِ رومانس جو اصطلاح اهڙن قصن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو، جن ۾ سورهين جي بهادري جو ذڪر مبالغه آرائي ۾ ڪيو ويو هجي. اهڙن داستانن کي Chivalric Romance وارا قصا چيو ويندو آهي.
گهڻو پوءِ چيو ويو ته رومانس هڪ اهڙو قصو آهي، جنهن منجهه حياتيءَ کان پري تصوراتي ماحول پيش ٿيل هجي، عاشقاڻي جذبن ۽ باهمي ڪشش دوران حيرت ۽ پراسراريت جو احساس هجي. اهو به واضع ڪندو هلان ته رومانس جا خاص جزا جنگ، حسن، ايمان ۽ مذهب آهن. 
رومانس جي ڀيٽ ۾ رومان Roman جي معنيٰ محدود آهي. جنهن ۾ فطرت جي من موهيندڙ نظارن، حسن جي دلفريب ادائن، نزاڪت ۽ نفاست کي اهميت حاصل هوندي آهي. اهڙي قسم ۾ خاص تعلقات ۾ سرور ۽ فضا کي بيان ڪيو ويندو آهي. رومانوي ڪهاڻيون ان روايت جو حصو آهن. لاکي شبير جون ڪافي ڪهاڻيون رومان جي پرائي ۾ اچن ٿيون.
تولاءِ.... توکان ڌار:
هن ڪهاڻي ڪٿي عباس تي ته ناهي لکيل. خير_ هن ڪهاڻي ۾ وجوديت جي سوال اٿاري ٿي. جنهن ۾ جيئڻ جي بي رحم ڦيري کي ڦيرايو ويو آهي.
ڪارا هٿ:
هي ڪهاڻي دور جديد سان گڏ رشتن جي بدلجندڙ روش جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ عورت جي درد جي دانهن جا هن ڪهاڻي ۾ پڙاڏا آهن. سور جي سٽ سان هي ڪهاڻي پوري ٿي مايوس ڪري وڃي ٿي.
قمبر جون ڇوڪريون خودڪشي ناهن ڪنديون:
نائلا رند جي قتل تي لکيل هي ڪهاڻي ڇرڪائيندڙ آهي. جنهن ۾ ليکڪ ان قتل جي ٻئي رخ کي ظاهر ڪيو آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي سوچن سان گڏ انڪشاف به لڳي ٿي: “يونيورسٽي جي يزيدن خودڪشي جو ڊرامو رچايو. ڊرامي جي منظرڪشي ڪمزور هجڻ ڪري سنڌ جون اکيون ڏسي چڪيون آهن ته “قمبر جون ڇوڪريون خودڪشي ناهن ڪنديون.” پيج_۸۴
ويجهر ۾ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل ٽه لڙهي ڪهاڻي جو تجربو ڪيو هو. ائين مون به ڪامريڊ ڪهاڻي نالي سان ٽرائالاجي لکي هئي. اهڙي تجربي جي نشاندهي محمد صديق منگئي مهاڳ ۾ لاکي شبير جي لاءِ به ڪئي آهي. تو وجود ۾ فنا، تون ڪڏهن هارايو ناهي ۽ ڪميڻائپ ان سلسلي جون پراثر ڪهاڻيون آهن. ۸۵ صفحي کان ۱۱۰ صفحي تائين فارميٽ ڪهاڻيون آهن. جيڪي هڪ ٻن صفحن جون آهن.
تو طرف طواف:
هي فارميٽ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ حد درجي ڪمٽمينٽ پيار ڪرڻ وارن جي ڏيکاري وئي آهي. ازدواجي رومانس جي شاهي ڪهاڻي آهي.
ناول:
تنهنجي مرڪ منهنجي خودڪشيءَ کي خودڪشي ڪرائي ڇڏي.” صفحو_۸۸
لاکي شبير جون فارميٽ ڪهاڻين جا نالا، مڪالما ۽ پڄاڻيون پنهنجي جوڙجڪ ۾ ڀرپور تخليقي آهن. هئڻ ناهه هوت ريءُ.....، جذبن جو اضطراب، وسرڻ ۾ ياد، ڌاڳا، رنگ، زندگي، تون ڪڏهن هارايو ناهي، منهنجي اکين سان ٿي ڏسڻ چاهي، ڀونڪ ۽ قرباني ڪمال جو ادبي ذوق ۽ ابلاغ ۽ تاثر ڇڏيندڙ ڪهاڻيون آهن. جن کي پڙهي بي حد خوشي ۽ ادبي هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو.
“اگهاڙيون اکيون” سر ورق ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ پوسٽ ماڊرن صورتحال کي چٽيو ويو آهي. ڪهاڻي جا پڄاڻي وارا مڪالما ڪجهه هئين آهي: “توهان ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي ويو ڇا؟”
“ٺاهه وري ڪهڙو.... بس پراڻي شرط هئي. اڄ مڃي اٿائين.” شرط! ڪهڙي شرط....!؟”
“سڀاڻي هوءَ پنهنجا سمورا ڪپڙا مون سامهون لاهيندي.” صفحو_۱۰۲
 اکيون اگهاڙيون ڪيئن ٿينديون آهن؟ اهو استعارو آءُ سمجهي نه سگهيو آهيان. “محبت  جو نصاب” ڪهاڻي ۾ هڪ اڻ پڙهيل جو جواب ۽ ذهن پوسٽ ماڊرن صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو.
خوابن ۾ تون ڪهاڻي به جديديت پڄاڻان جي پس منظر ۾ آهي. هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ ليکڪ اکين لفظ کي مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي شايد اهو لفظ سندس محبوب لفظ آهي. جيئن:
اگهاڙيون اکيون، گم ٿي ويل اکيون، منهنجي اکين سان ڏسڻ ٿي چاهي، “ڳالهائينديون صرف اکيون آهن. دل جا لفظ اکين ۾ اچي ترسندا آهن. صفحو ۲۰  “ته پوءِ تنهنجون اکيون ڇا جي چغلي پيون هڻن؟” صفحو۶۵
لاکي شبير جي ڪهاڻين جو مک موضوع  اخلاقيات، سماجيات ۽ رومانس، رومانس به گهڻي پس منظر ۾، جيئن ازدواجي تعلق، وطن سان حب، محبوب جي اڪير، دوستي آهي. لاکو شبير پنهنجي شخصيت ۽ خيالن ۾ هڪ اعليٰ آدرش رکندڙ ليکڪ آهي ۽ ان جو جهلڪيون هن ڪهاڻي ۾ پسايون ۽ اڳتي به پسائيندو رهندو.

No comments:

Post a Comment