Wednesday, May 13, 2020

نهين ڀائي... - انور ابڙو


نهين ڀائي...
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
سليم ۽ سندس گهرواري شگفته ۲۹ اپريل تي منجهند جو ٻارهين وڳي ڌاران ڪالا پل جي ڀرسان موجود هڪ نجي اسپتالِ ويا، جتي شگفته جون ڪجهه ٽيسٽون ٿيڻيون هيون. اهو رمضان جو مهينو هئڻ سان گڏ ڪوروناوائرس سبب لاڪ ڊائون وارن ڏينهن مان هڪ ڏينهن هو. هو ٽيسٽون ڪرائي ٻاهر نڪتا ته شگفته ڀرسان موجود هڪ جنرل اسٽور تان ڪجهه سامان وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. سليم کيس چيو: ”اوهان سامان وٺي اچو، تيستائين مان هلي پارڪنگ مان گاڏي ڪڍان ٿو.“


سليم جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن وڌيو ته، هڪ پنجٽيهه چاليهه سالن جي عمر جي، جينز ۽ ٽي شرٽ پاتل، وارن جي ڳُت ٻڌل، سانوري رنگ جي، ٿلهڙي جسامت واري مائي، سندس ڀرسان، ڇوهي ڇوهي، اهو پڇندي گذري ته، ”يهان جو بچي تهي، وه ڪهان گئي؟“
سليم سمجهيو ته شايد سندس پنهنجا ئي ٻار هوندا، جن جو هوءَ پڇي رهي آهي. پارڪ ٿيل گاڏين جي ڀرسان ڀڳل سرن واري ويڪري فوٽ پاٿ تي وڻن جي ڇانوري ۾ ٻه همراهه بيٺا هئا، جيڪي به سليم وانگر، بيخبريءَ واري انداز ۾ ان مائيءَ کي ڏسندا رهيا. سڀني کيس ڪو جواب نه ڏنو. سليم هلڪي پريشانيءَ وچان سوچڻ لڳو ته؛ ’ويچاريءَ جا ٻارَ الائي ڪيڏانهن ويا!!‘
لمحي ڀَرِ جي ڳڻتيءَ کانپوءِ، سليم ان مائيءَ کي ٿورو غور سان ڏٺو ته، کيس ان جي سڄي هٿ ۾ گوشت جي هڪ ٿيلهي پڪڙيل نظر آئي. هوءَ ٿورو اڳتي وڌي ته ٽي ڪتا، اوسي پاسي مان نڪري، ڊوڙي اچي سندس ڀرسان بيٺا. مائيءَ گوڏو ڀڃي ويهندي، سرِن جي فرش تي، ٿيلهيءَ مان گوشت لاٿو ته ڪتا تڪڙ تڪڙ ۾ اهو کائڻ لڳا. بک ڄڻ کين ڇِتو ڪري وڌو هجي. ان دوران پنج ست ڪانوَ به ڪان ڪان ڪندا اچي مائيءَ جي ڀرسان لهڻ لڳا.
مائيءَ جو جانورن سان ايڏو پيار ۽ رحمدلي ڏسي سليم جي ذهن ۾ هڪدم خيال آيو ته، ڇو نه انهن لمحن کي محفوظ ڪري وٺجي. هن پنهنجي پينٽ جي پاسي واري کيسي مان تڪڙ ۾ فون ڪڍندي، انتهائي عزت ڀريي لهجي ۾ مائيءَ کي چيو: ”ميڊم، مين ايڪ تصوير بنا سڪتا هون؟“
”ڪيون ڀائي؟“ ان عورت انتهائي فضيلت سان، جهڙوڪر انڪار وارو جواب ڏنو ته، سليم سندس تڪڙي سواليه جواب تي هلڪو گهٻرائجي ويو. پر هن پاڻ سنڀاليندي کيس چيو: ”مين ايڪ صحافي هون. آپ لاڪ ڊائون ڪي دنون ۾ يه اتنا شاندار ڪام ڪر رهي هين. مين يه اخبار مين شايع ڪرنا چاهتا هون.“
”نهين ڀائي... ڪڇ ايسي ڪام بهي هوتي هين جن ڪي تشهير نهين ڪرني چاهيئي.“ سليم سندس ڳالهه کي سمجهندي موبائيل فون واپس پنهنجي پينٽ جي ساڳئي کيسي ۾ وجهندي ڏٺو ته، ڪُتا وڏيون وڏيون ٻُوٽيون کائي، پڇ لوڏي ڀرسان بيهي رهيا هئا ۽ فرش تي پيل سنهيون ٻوٽيون ڪانوَ کائي اڏامي رهيا هئا.
مائي پنهنجي چهري تي اطمينان واري تاثر سان اُٿي، ڀرسان بيٺل پنهنجي ڪار ۾ وڃي ويهي، سليم تي اهڙي طرح نظر وڌي، ڄڻ چوندي هجيسِ، ”بهائي، ساري، ليڪن مين لوگون کو دکاني ڪيلئي يه ڪام نهين ڪرتي.“ پوءِ هوءَ ڪار اسٽارٽ ڪري آهستي آهستي وڃڻ لڳي. سليم سوچڻ لڳو ته: ”آخر اها مائي ڇو گوشت وٺي اچي، ڪورونا جي ڏينهن ۾ هنن بي زبان ڪتن ۽ ڪانونِ کي کارائي هلي ويئي؟ ڇا اها روز هنن کي گوشت کارائڻ ايندي آهي؟ يا اڄ سندس مَن جي ڪا مراد پوري ٿي هوندي جو اچي ثواب جو هيءُ ڪم ڪيائين؟ يا اهو به ممڪن آهي ته هن پاڻ يا پنهنجي ڪنهن پياري تان ڪنهن مصيبت جي ٽَري وڃڻ کانپوءِ صدقو ڪڍيو هجي؟ پر جهڙي طريقي سان ڪتا تڪڙ ۾، پڇ لوڏيندا هن ڏانهن آيا هئا، ۽ هن گوڏو ڀڃي ويهي انهن کي پيار مان گوشت کارايو، سندن اهڙي بي تڪلف تعلق مان ته ظاهر پئي ٿيو ته هوءَ روز انهن کي گوشت ڏيڻ ايندي هوندي.“  
سليم اڃا انهن ئي خيالن ۾ اُلجهيل هئو ته هڪ ننڍڙو گلر آيو ۽ گوشت واري جاءِ تي نوس نوس ڪرڻ لڳو. هُن ڀرسان گوشت جي خالي پيل ٿيلهيءَ ۾ به منڍي وڌي، پر کيس اُتان به ڪجهه نه مليو. اِهو گلر شايد انهن  مان هڪ هو، جن بابت مائيءَ شروع ۾ ئي پڇيو هو ته: ”يهان جو بچي تهي، وه ڪهان گئي؟“
”ڇا هي گلرڙو سڀاڻي تائين بکيو رهندو، جيستائين اها اجنبي مائي وري گوشت کڻي نٿي اچي؟“ سليم جي ذهن ۾ ان سوال اچڻ سان گڏ اها ڳالهه به آئي ته، ممڪن آهي ته اها مائي سڀاڻي نه اچي، تيستائين لاڪ ڊائون جي هنن ڏينهن ۾، جڏهن هوٽل به بند آهن، تيستائين هي گلرڙو ڇا کائيندو؟“ اهو سوچي سليم تڪڙو اُن جنرل اسٽور تي ويو، جتان سندس گهرواري شگفته اڳ ۾ ئي ڪجهه سامان وٺي رهي هئي. هن اُتان هڪ چڪن سينڊوچ کنيو، ۽ شگفته کي ان جا به پئسا ڏيڻ لاءِ چئي پاڻ تڪڙ ۾ ٻاهر نڪري آيو ته متان گلر ڪيڏانهن هليو نه وڃي. هن ڏٺو ته گلر ساڳي جاءِ تي ئي ڦري رهيو هو. سليم سينڊوچ کولي اچي ان جي اڳيان رکيو، جيڪو گلر، بک سبب هٻڇ ڪري کائڻ لڳو ته سليم جي چپن تي مرڪ اچي وئي.
ان ئي لمحي هُو ڪتن کي گوشت کارائي ويندڙ مائيءَ جي تصوير نه ڪڍائڻ واري ڳالهه تي سوچڻ لڳو ته سندس ذهن ۾ اخبارن ۾ شايع ٿيل اهي تصويرون اچڻ لڳيون، جيڪي لاڪ ڊائون سبب گهرن ۾ بند ٿي ويٺل پورهيتن کي ڪن سرنديءَ وارن راشن ڏيندي، ڪڍرائي، اخبارن ۾ شايع ڪرايون هيون.
سليم کي اجنبي مائيءَ جو انڪار سٺو لڳو.

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي رکيل/کنيل ۱۱ مئي ۲۰۲۰ع)

No comments:

Post a Comment