Monday, May 18, 2020

عمر لوھار ۽ ڪنڌ ۾ لڳل ڪھاڙي - شوڪت ميمڻ


عمر لوھار ۽ ڪنڌ ۾ لڳل ڪھاڙي
سچي ڪھاڻي
شوڪت ميمڻ
وڏي عمر ۽ ضعيفي حال جي ڪري عبدالقادر جوڻيجي جون آڱريون هاڻي “راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ”جهڙو ڊرامو لکڻ کان لاچار آهن. توڙي جو هاڻي هارون رند جهڙو هدايتڪار به موجود ناهي رهيو جنهن منصور بلوچ کي ڪارو پٽڪو پهرائي، ڪلهن تي ڪهاڙي رکي “ديوارين” ۾ اهڙي ته اداڪاري ڪرائي جو پي ٽي وي جا ڊراما ڏسندڙ ان دور جا ماڻهو اڄ به کيس اصلي نالي بدران “هاشم” جي نالي سان ياد ڪن ٿا.
موري جي مٽيءَ ۾ مدفون اهو “هاشم” جنهن کي سنڌي فلمن ۾ هيرو جي ڪردارن ايتري شهرت نه ڏياري جيترو هن “ديوارين” ۾ “هاشم” طور مشهوري ملي. تنهن هوندي به قادر جوڻيجي جي دل وانگر جيڪر سندس دماغ به جوان هجي ها ته مون کي يقين آهي ته هو لاڙ جي ان اڻ پڙهيل لوهار جي ڪهاڻي ضرور لکي ها، جنهن جي پڙهيل لکيل پوٽي پاران ڏاڏي بابت رکيل پوسٽ پڙهي مون ساڻس سيڙجي وڃي ڪچهري ڪئي هئي.


”اهو ۱۹۱۶ع جو سال هيو جڏهن گجرات ڪڇ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪڙي مالوند ماڻهو جي گهر ۾ منهنجو ڏاڏو ڄائو هيو.“
هو پنهنجي پيءُ جون ٻڌايل ڳالهيون پرائمري جي پڪي ڪيل سبق جيان سارڻ لڳي ٿو؛
”انڊيا جي ان ننڍڙي ڳوٺ جو نالو به کيس اڃان تائين ياد آهي، “لالا” نالي انهي تاريخي ڳوٺ ۾ پئدا ٿيندڙ عُمَر لوهار جي ڪهاڻي انڊيا ۾ آيل ان دور جي ڪاري ڏڪار واري زماني کان شروع ٿئي ٿي جڏهن سندس پيءُ ڏڪار کان مال کي بچائڻ لاءِ ست سو ڍڳيون ڪاهي بدين جي ڀرسان “سيراڻي” اچي ترسيو. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ٻيا جانور ته جيئرو رهڻ لاءِ ٿوري کڻي جنگ جوٽي ويندا آهن پر ڳئون اهڙو جانور آهي جيڪو بک ۽ اڃ سان گهڻو جُونجي نه سگهندو آهي ۽ جلدي مري ويندو آهي.“
ڏاڏي جو قصو ٻڌائڻ سان گڏ هو حاشيي واريون سمجهياڻيون به ڏيندو رهيو.
عُمر لوهار ڪڇ کان بدين تائين ست سو ڍڳين سان گڏ سمورو سفر پنڌ ڪيو هو پر ساڻس گڏ ٻه وفادار ڌنارهئا، جت قبيلي جا اهي ڌنار سندس دوست به هئا.
عُمر لوهار پنهنجي پيءُ سان گڏ ان وقت سيراڻي شهر جي پاسي ۾ هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو.
اهو فطرت جو دستور يا تاريخ جو الميو چئجي جو لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آزمائشن مان گذرڻو پوندو آهي، ان ڪري سيراڻي جي پَٽن تي پهچندي ئي سندس پيءُ جي هڪ حادثي ۾ ڌ ڏ وٽان ٽنگ ٽُٽي پئي.
پوءِ هن جي پيءُ جا ڪيئي سال کٽ تي ليٽي وهامي ويا.
ست سو ڍڳين جي جنهن ڌڻ کي ڏڪار کان بچائڻ لاءِ هُو ھتي لڏي آيو هو سي سڀ هڪ هڪ ڪري هن کپائي ڇڏيون.
جڏهن قصو ڪنڀارن کان چڙهي ويو ته هُو پنهنجي پيءُ کي علاج لاءِ ان وقت ڪراچي تائين کڻائي ويو پر هُو مرڻ تائين کٽ تان وري اٿي نه سگهيو..
عمر لوهار وٽ سندس پيڙهين جي پَرِ لوهارڪي هنر کان سواءِ باقي ڪجهه به نه بچيو هو.
هُو ڪهاڙيون ۽ ڪوڏرون ٺاهڻ جو اهڙو ڪاريگر هيو جو سندس نالو سڄي تر ۾ مشهور ٿي چڪو هو، تنهن هوندي به هن تر جي هڪ وڏيري غلام رسول منڌري وٽ وڃي نوڪري ڪئي.
عمر لوهار جي هنر سبب سندس نالو ٻڌي تر جي وڏيري کيس خوشيءَ سان پاڻ وٽ نوڪر رکي ڇڏيو.
پر جڏهن هن وڏيري غلام رسول مينڌري وٽ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي هئي تڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿي چڪو هو.
ريڊئي تي وڄندڙ خبرن مان کيس پتو پوندو هيو ته سڄي سنڌ مان هندو لڏي پيا وڃن.
سيراڻي جا سڀ شاهوڪار واڻيا به وطن ڇڏي وڃي رهيا هئا..
وطن ڇڏي وڃڻ وارن ۾ سيراڻي جو هڪ شاهوڪار هندو سيٺ به هيو، جنهن جو اڌ خاندان اڃان اتي ئي ترسيل هو، جڏهن ته اڌ خاندان لڏ پلاڻ ڪري هندستان راونو ٿي چڪو هو.
هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌي هندن جي لڏپلاڻ دوران جنم وٺندڙ ڪيئي ڪهاڻيون اڃان لڪل آهن جن کي وقت پنهنجي رفتار سان آهستي آهستي نروار ڪري رهيو آهي.
لڏ پلاڻ جون اهي ڪهاڻيون جن ۾ وطن ڇڏڻ جا ڪڏهن به نه ڀرجندڙ ڦٽ به آهن ته ڪجهه وري ڦٽن تي پها رکڻ جهڙا قصا به آهن.سو، سيراڻي جي ان هندو سيٺ جي باقي بچيل خاندان ۾ هڪ ڇوڪري به هئي جيڪا وڏيري غلام رسول کي وڻي وئي.
پوءِ وڏيري غلام رسول پنهنجي نوڪر عُمر لوهار ۽ خاصخيلي ذات جي هڪ ٻئي نوڪر کي اها ڇوڪري کڻي اچڻ لاءِ چيو.
وڏيري غلام رسول جو دٻدٻو سڄي تر ۾ اهڙو هوندو هيو جو سندس نوڪرن کي ته ڇا پر راڄ جي ڪنهن چڱي مڙس ۾ به سندس چيو موٽائڻ جي همٿ نه هوندي هئي.
خاصخيلي ذات جي نوڪر وانگر عمر لوهار به وڏيري جي حڪم جو غلام هيو.
رات جو جڏھن سڀڪو سمهي رهيو، تڏهن هو سيٺ جي گهر ۾ گهڙي پيا.
عمر لوهار جي حيرت جي ان وقت ڪا حد نه رهي جڏهن هن ڏٺو ته جواڻ جماڻ ڇوڪريءَ کان سواءِ سڄي گهر ۾ ٻي ڪابه پهر ڪانه هئي.
خاصخيليءَ وڌي وڃي ڇوڪريءَ کي وارن مان جهليو.
هن جا ڪارا وار پٽ تائين لڙڪيل هئا.
چوٽيءَ مان جهلڻ کان پوءِ هن جو منهن گهر ۾ ٻرندڙ ڏيئي طرف ٿيو ته عمر لوهار کي چنڊ جهڙو ڇوڪريءَ جو چهرو ڪجهه ڄاتل سڃاتل لڳو.
چوٽيءَ مان پڪڙيل ڇوڪريءَ جي نظر عمر لوهار تي پئي ته هن رڙ ڪئي،
“ادا عمر، مون کي بچاءِ”
ھوءَ خوف ۾ ڏڪي رهي هئي.
هڪڙي ئي ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري هوءَ عمر لوهار کي چڱيءَ طرح سڃاڻندي هئي.
عمر لوهار جي ڪنن تي “ادا” جو لفظ پيو ته هن جو دماغ ڦري ويو.
هن پنهنجي ساٿيءَ کي هڪل ڪئي، “ڇوڪريءَ کي ڇڏ”
پوءِ سندس ساٿي کيس سمجهائڻ لڳو،
“وڏيرو پاڻ ٻنهي کي ڪڏهن به جيئرو ڪونه ڇڏيندو.”
عمر لوهار جي زبان مان وري به ساڳيو ئي جملو نڪتو،
“ڇوڪريءَ کي ڇڏ”
پر خاصخيلي کي پنهنجو انجام سُجهيو پئي، ان ڪري هن عمر لوهار جي ٽين هڪل تي به سندس ڳالھه ڪانه مڃي ۽ ڇوڪريءَ کي وارن مان جهلي وڃڻ لڳو.
ڏيئي جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ پٽ تائين پکڙيل وارن مان پڪڙي هو کيس گهليندو وٺي پئي ويو.
عمر لوهار جي ڪنن جي پردن سان ٻيهر هڪ سڃاتل آواز ٽڪرايو،
“ادا عمر، مون کي بچاءِ!”
پوءِ عمر لوهار جي هٿن ۾ پڪڙيل ڪهاڙي سندس ساٿيءَ جي سڌو وڃي ڪنڌ ۾ لڳي...
ڏيئي جي روشنيءَ ۾ چنڊ جهڙي ڊگهن وارن واريءَ ڇوڪري کيس چيو،
“ادا عمر، مون تي اڃان به هڪڙو احسان ڪر.”
پوءِ هن ڇوڪريءَ کي تيار ڪري اچي اُٺ تي چاڙهيو،
ڪڍڻ شهر کان ٿيندو هو رات وچ ۾ کيس ان جاءِ تي پهچائي آيو جتي ڪجھه هندو خاندان ترسيل هئا...
پر عمر لوهار ان رات موٽي وري وڏيري غلام حسين جي ڳوٺ ۾ نه آيو.
ويھه پنجويهن سالن تائين عمر لوهار لِڪي لِڪي لوهارڪو ڪم ڪري زندگي گذاريندو رهيو.
ورهاڱي جون خبرون به کيس ريڊئي تان پونديون هيون ان ڪري ريڊيو سندس سڀ کان ويجهو ساٿي هيو.
هڪ ڏينهن هن آڪاش واڻيء تان هڪ سنڌي مائيءَ جو انٽرويو ٻڌو.
اها ستر واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، ريڊئي جي ان پروگرام ۾ سنڌ کان لڏي آيل ماڻهو ورهاڱي جا وڍ ساري پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائڻ ايندا هئا.
هو ڏاڍي غور سان مائيءَ جو انٽرويو ٻڌي رهيو هئو،
عمر لوهار جا لوھ جهڙا لڱ ڪانڊارجڻ لڳا،
مائي چيو،
“آئون اها رات ڪيئن ٿي وساري سگهان جڏهن هو مون کي وارن مان گهلي کڻي پئي ويو ته ادا عمر ٻنهي هٿن سان جهليل ڪهاڙي کيس ڪنڌ ۾ وهائي ڪڍي..”
پوءِ هن عمر لوهار جي بهادريءَ جا ٻيا به قصا ٻڌايا..
هن ٻڌايو ته عمر لوهار جي هٿ جون ٺاهيل تلوارون اسان جي گهر جي ڀتين تي ٽنگيل هونديون هيون...
کيس اها خبر شايد نه هئي ته ان رات اُٺ تي چاڙهي ستر ڪلو ميٽرن کان مٿي سفر ڪري کيس هڪ هندو خاندان جي حوالي ڪري اچڻ کان پوءِ سندس زندگي ڪهڙي ڪرڀ مان گذري هئي!
پر هن آخر ۾ عمر لوهار کي تمام گهڻيون دعائون ڏنيون ۽ پنهنجي ايڊريس ٻڌائيندي چيو،
“ادا عمر تون ڪٿي آهين؟ جيڪڏهن تون منهنجو آواز ٻڌين پيو ته مون کي هن پتي تي هڪڙو خط ضرور لکجان”.

No comments:

Post a Comment