Monday, May 18, 2020

وقت جو وتايو ڪورونا وائرس کان پاڻ ڪيئن ٿو بچائي؟ - عبداش پنهور


وقت جو وتايو ڪورونا وائرس کان پاڻ ڪيئن ٿو بچائي؟
فلئش فڪشن
عبداش پنهور
ڪِرون ڪِرون جي رڙ تي، وقت جو وتايو نم جي وڻ تي چڙهي ويو. ڪنهن سڀاڳي سياڻي وتائي کي چيو ته؛ ”هاڻ ڀلا هيٺ لهي آ! ڳڀو ڀور ته وٺي وڃ.“
ڌرتيءَ جي درويش ورندي ڏني ته؛ ”تو کي جيڪڏهن مون سان ايڏي همدردي آهي ته اها ماني، وڻ جي پاڙ ۾ رکي هليو وڃ! پوءِ منهنجي مرضي! بُک لڳي ته کڻي کائي وٺندس. مون سان گهڻي گهِڙ گهِڙ به نه ڪر. پنهنجو پرتي مُنهن ڪري ڳالهاءِ! متان اها ڪِرون تو کي به لڳل هجي.“


سڀاڳي سياڻي چيو ته؛ ”صفا ڪو مومن آهين! اها پاڻ واري ڪِرون ناهي جنهن جيت کان تون ڊڄين ٿو، هي ته ڏيساور کان آيل ڏائڻ ڪورونا آهي، سمورو سنسار ساٽي ۾ آيل آهي، تون وري انهيءَ هچا کان ڀلا ڪيئن بچي سگهندين؟ حياتي ڌڻيءَ جي آهي. ڀلا اڳي ملڪ ۾ بيماريون گهٽ آهن، ڏيهاڙي ماڻهو ڪو نه ٿا مرن. هي ڪورونا وائرس ته پراون ملڪن کان ٿيندو پاڻ وارن پڊن تائين پهتو آهي. بس ڪا ٻاجهارو سائين ڪا ٻاجهه ڪري وتايا، پنهنجو ڏاتار ڏيهن جا ڏُک ڏور ڪري.“
”مون سان اجايو ڄاڙي نه هڻ! مون سان اجايو سجايو گهڻيون ڳالهيون نه ڪر! اهي وارث وارا اڳ ئي مون کي نه ٿا وڻن. انهن ڪڏهن به ڪنهن جي وارثي نه ڪئي آهي. انهن کي ته رڳو ڏوڪڙ کپن. انهن ۾ ماڻهپي جي بوءِ به ناهي.“ وتايو چيڙاڪ انداز ۾ جواب ڏيندو رهيو.
سڀاڳي سياڻي کيس ورندي ۾ گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته؛ ”تنهنجي ڳالهه ته سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي. ڪورونا کي ڪِرون ڪِرون پيو سڏين. وائرس کي وارث پيو چئين. لڳي ٿو ته تنهنجون متيون ئي منجهي ويون آهن.“
”ها ها! اها نڀاڳي بيماري، پاڻ کي پراون ماين جا نالا نه ٿا ياد پون ته وري بُڇڙين بيمارين جا نالا ڪٿان ياد ڪنداسين. جيڪا به اها هچا آهي تنهن ڏيهن ۾ ڏچا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.“
فقير ورندي ۾ ورندي ڏيندو رهيو. وقت جو وتايو ۽ سڀاڳو سياڻو پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، ٻئي ڄڻا صفا گرم ٿي ويا. وقت جو وتايو وڻ تان نه لٿو، سڀاڳي سياڻي کي ٻين جي سنڀال سِر تي رکيل رهي، تڏهن روٽي رکي روانو ٿيندي چيائين ته؛ ”فقير تنهنجي مرضي، اسان هلون ٿا. بُک لڳئي ته لولو کائي کڻي وٺجاءِ اهو پاڙ ۾ پيو اٿئي.“
وقت جي وتائي چيس ته؛ ”عقل تو کي به پورو پُنو آهي. ايڏي محنت ڪري کڻي آيو آهين ته ڪُتي ٻِلي کان ته مٿي ڪري وڻ ۾ ٽنگي ته وڃ. ڇو ٿو پنهنجي ڪيل ڪمائي ڪُٽ ڪرين. سڏايئن ته لوڪ ۾ پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو سياڻو ٿو. واهه ڙي واهه سڀاڳا سياڻا.“
ٽوڪ واري وتائي جي ورندي تي عمل ڪندي، سڀاڳو سياڻو روانو ٿيو ته وري وتائي سڏ ڪيو ته؛ ”بابا ماني کائڻ سان گڏ پاڻي به ضروري هوندو آهي، اهو ڪٿي آهي؟“
سڀاڳي سياڻي فقير کي تڪڙي صلاح ڏني ته؛ ”ڀر سان واٽر وهي ٿو، جيڪڏهن اُڃ لڳئي ته پاڻ ئي پاڻي پي وٺجانءِ. پوءِ به اڃا اُڃ نه لهئي ته پريان شاخ به وهي ٿي. ڪجهه ڪم پاڻ به ڪيو، رڳو ٻين تي نه ڀاڙيو.“
”ها ها! انسان آهين نه، طعنو تُڪنو ته ضرور هڻندين.“ وتائي وڏي هڪل سان کيس ورندي ڏني. متيون رڳو ئي وتائي جون ناهن مُنجهيل، سمورو ساڻيهه ساهه مُٺ ۾ ڪري پيو جيئي. نڀاڳي ڪورونا وائرس سموري سنسار کي وڏي پريشانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. واھڙ واري لڪياري جي لعل ته پاڻ کان وڏن وقت جي حڪمرانن کي به صفا هيڻو ڪري ڇڏيو آهي. سياڻا چون ٿا ته؛ ’واڙ ۽ ويڙهو، ڪو چڱو سنڀالي ها ته اهو ڏکيو وقت به نه اچي ها ۽ جيڪڏهن ملڪ جون زميني ۽ هوائي حدون بروقت بند ڪيون وڃن ها ته اها گهر گهر نه هچا هجي ها، نه وري ڏچا پيدا ٿين ها. نه وتايو وڻ تي چڙهي وڃي ها. هاڻ ته وقت جو وتايو به حيران ۽ سوچي رهيو آهي ته ڀلا سمورن کي اها ڪِرون لڳي وئي ته وڻ تي به کيس ڳڀو ڀور ڪير پهچائيندو؟‘
سڀاڳو سياڻو وري شام جو وڻ وٽان گذريو ته فقير ٻنين ۾ پيو گُهمي. سڀاڳو سياڻو به ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪندي، ڏسندي ئي ڳالهائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. وتايي ورندي ڏيندي چيس ته؛ ”مُڙين نه ٿو. ڇڏ ڀلا منهنجي پچر ۽ پچار وڃي ڪا ڍڳي ڍور جي ڪر. وتايو انسان آهي. فقير کي هر ڪو ئي سڃاڻي ٿو، بُک نه مرندو. ويچارا تو وارا ساهدار ڍور ڍڳا، انسان جي آڌار آهين. انهن جو وڃي سوچ ڪر.“
سڀاڳو سياڻو پري کان وتائي سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. وتايو پرڀرو ٿي کيس ورندي ڏيئي ٿو ته؛ ”ڀلا ڳوٺ ته ٻيو خير آهي؟ ڪهڙو حال آهي ماڻهن جو، ٻچڙا چاڪ آهن. خيال ڪجو ڪِرون پئي گهُمي ۽ وارث وارا ڪي چڱا ناهن.“
سڀاڳي سياڻي چيو ته؛ ”ها ٻيو خير آهي. سڀ ماڻهو پڇن ٿا ته وتايو خبر ناهي ڪيڏانهن گُم ٿي ويو آهي. مون کي ته تنهنجي لڇڻن جي خبر آهي، تڏهن وڻ ٽڻ هڪ ڪري تو کي اچي هٿ ڪيو اٿم. ڳوٺ وارن کي ٻڌايو اٿم ته اهو اٽلي ناهي ويو، هتي پيو تر ۾ گهُمي.“
وتايو اٽلي جو نالو ٻڌي ورندي ڏني ته؛ ”ڪِٽلي ڪٿي آهي، تون ته هٿين خالي آيو آهين؟ ڄاڻي واڻي منهنجي ڪري ڳوٺاڻن سان ڪوڙ ٿو ڳالهائين. مون سان به سڌو مُنهن تي ايڏو وڏو ڪوڙ ٿو ڳالهائين. ڀلا ڪٽلي کڻي آئين ته ڪوپ ڪو پيالو به ضرور کڻي اچين ها. ڀلا وتايو ايڏو به چريو ناهي جو ٻُڪن سان چانهن پيئندو. چريا آهيون پر سمجهون سڀ ڪُجهه ٿا.“
سڀاڳي سياڻي وري فقير کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته؛ ”مومن خدا جا رڳو ڳالهيون ٻُڌبيون ناھن، ٿوريون ڳالهيون سمجهڻ جون به هونديون آهن. اٽلي دنيا جي هڪڙي ملڪ جو نالو آهي، جتي ڪورونا وائرس سبب تمام گهڻا ماڻهو ويچارا مري ويا آهن.“
وتايو حيرانگيءَ سان؛ ”اڇا! چين کان به گهڻا! ڀلا اهو آمريڪو بچيل آهي؟“
”وتايا! وڏو ڪو سياڻو ٿو لڳين.“ سڀاڳي سياڻي کيس ورندي ۾ چيو.
”ها! ڇو نه؟!“ وتايو ورندي ڏيندي چيس؛ ”سڄي ڄمار جنهن کارايو آهي، پياريو آهي تنهن کي وساري ڇڏڻ اسان جو وڙ ناهي. ويچارن لنڊڻ وارن جو الائجي ڪهڙو حال هوندو.“
وتائي جي جملي تي سڀاڳي سياڻي ٽوڪ ڪندي چيو ته؛ ”اُتي وري ڪهڙا تنهنجا ابا ۽ ڏاڏا پوريل آهن.“
درويش ورندي ڏيندي چيو ته؛ ”عربستان وانگر انهن جون مانيون اسان جي پيٽن ۾ پيل آهن، نمڪ حلالي ڪرڻ انسانيت هوندي آهي. وتايو ڀلي چريو آهي پر انسان به آهي. ڀلي اوهان سياڻا مون کي چريو چريو سڏيو پر دنيا جي ڄاڻڪاري رکان ٿو ته اوڙي پاڙي جون خبرون سياڻن کان ٻڌندو رهندو آهيان. اسپين ۾ به ڪي ماڻهو ان ڪِرون ماريا آهن. رڳو وتايو وڻ تي ناهي چڙهيو، ڏيهان ڏيهه ڏهڪاءُ پکڙيل آهي ته ويچاري وتائي ڪهڙو ڏوهه ڪيو.“ سڀاڳي سياڻي ڏانهن ڏور کان اشارو ڪندي وتائي چيو ته؛ ”ڏس هي پادر جيڏي مشين منهنجي هٿ ۾ آهي، هر طرف رانڀاٽ لڳل آهن، ڀلي پاڻ کي سڀاڳا سياڻو سمجهو پر اسان فقير اوهان کان وڌيڪ ڄاڻڪاري رکون ٿا. خبر اٿئي جتي جتي دنيا ۾ اڳي اهي ڪامريٽ (ڪامريڊ /ڪميونسٽ) حڪمران رهيا آهن، انهن ملڪن ۾ ايترا ماڻهو مجبور، لاچار، بيوس ناهن جو مون وانگر وڻ تي چڙهي جان بچائين، اُتي اها نڀاڳي ڪِرون ڳولي مس ٿي لڀي. وارث /وائرس کي مجال آهي جو انهن کي اسان وانگر پريشان ڪري، ايڪڙ ٻيڪڙ اهي وارث وارا مليا اٿن، اهي به قابو ڪيل آهن.“
سڀاڳي سياڻي چيو ته؛ ”ڀلا سانجهي پئي ٿئي، تون ڳوٺ هلندين ڇا؟ وڻ جي پچر ڪڏهين ڇڏيندين؟ انهي وڻ ۾ ڇا رکيل آهي، وڻ ته ٻيا به آهن پر تون نم جي وڻ تي ڇو چڙهي ويو آهين، تو نم کي ڇو اچي جهليو آهي؟“
وقت جي وتائي ورندي ڏني ته؛ ”سڀاڳا سياڻا! ڏس، هي نم جو وڻ جنهن ۾ ڪنڊو به ناهي. تڏهن فقير کي سولو لڳو، جيڪڏهن ڪِرون اچي به ها ته نم جي وڻ جا ڪؤڙا پن کائڻ سان پاڻهي ڀڄي وڃي ها. نم جي وڻ جي ڪاٺي به ڀلي ٿيندي آهي. جهڙو وڻ پاڻ ڀلو تهڙيون ان ۾ خوبيون ڀليون، دنيا وارا چوندا ته ڀلي وتايو پاڻ ڀلو نه هجي پر رهندو ته هو ڀلي جي ڀر ۾.“

No comments:

Post a Comment