Sunday, May 3, 2020

وبا جي ڏينهَنِ ۾ اسان جون ڳالهيون - انور ابڙو


وبا جي ڏينهَنِ ۾ اسان جون ڳالهيون
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
”ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ آهيان...۽ تون؟“
”مان به ٺيڪ آهيان...“
”ڪيئن ياد ڪَيئُي؟“
”گهرَ ۾ ويٺي آهيان.... واندڪائي آهي، سو اُهو پراڻو ٿيلهو کڻي کوليم، جيڪو ڪافي سال اڳ ۾ بند ڪري الماريءَ جي هيٺئين خاني ۾ لڪائي رکي، وساري ڇڏيو هيم.“
”ڇا آهي اُن ٿيلهي ۾؟“
”ان ۾ تون به آهين، ته مان به آهيان.“
”ٻيو به ڪجهه آهي ان ۾؟“


”ها، ٻيو ان ۾ اسانجو ماضي آهي، اسان جا پُورا نه ٿي سگهيل خواب آهن، ڪي پيار جي اظهار وارا اکر آهن، ڪي ڪاغذن مان تڪيندڙ اکيون آهن، ڪي روح جا رنگ آهن، ڪي اداس پَل آهن، ڪي رُساما آهن، ڪي منٿون آهن، ڪي ڳوڙها آهن، ڪي ٽهڪ آهن ۽ ڪي ڀاڪرن جو ڳالهيون آهن.“
”ٻيو ڇا آهي ان ۾؟“
”ٻيو ان ۾ ڪلهه جو هڪ دور آهي... زماني سان وڙهڻ جا قصا آهن.... پٺتي نه هٽڻ جا وچن آهن...“
”۽ جڏهن ٻئي ڄڻا پنهنجا پنهنجا وچن پاڙي نه سگهياسين. پٺتي هٽياسين... پنهنجن اڳيان هٿيار ڦِٽا ڪياسين، پنهنجن لاڏن ۾ ٻين جا نالا ٻڌاسين.... ته ڇا اهي زخم به اِن ۾ آهن؟“
”نه.... اُهي ته مان تو وٽ ڇڏي آئي هئس....!!“
”۽ مون وٽان ڇا کڻي وئي هئينءَ؟“
”تو وٽان مان پاڻَ کي هڪ ٻي ڇوڪريءَ جي روپ ۾ کڻي آئي هئس...  جيڪا ’مان‘ هئس، اُها تو وٽ ڇڏي  آئي هئس...“
 ”۽ مان؟“
”تون؟ .... تون پاڻ وٽ هوندين... ڇا ناهين تون پاڻَ وٽ...؟“
”آهيان به ناهيان به....“
”جي آهين ته ڪٿي آهين؟ جي ناهين ته به ڪٿي آهين؟“
”خبر ناهي ته ڪٿي آهيان..... ظاهري طور ته پنهنجي ٻارڙن سان گڏ آهيان..... پر اُهي به اڪثر پڇندا آهن ته، تون ڪٿي آهين؟“
”۽ تنهنجو جواب ڪهڙو هوندو آهي؟“
”مان آس پاس ڏسڻ لڳندو آهيان، ۽ جڏهن الماريءَ ۾ رکيل پنهنجي ڇپيل ڪتابن تي نظر پوندي اٿم ته سمجهندو آهيان ته، مان انهن ۾ آهيان... يا پنهنجين لکيل اڻپورين ڪهاڻين ۾ آهيان، يا توسان گڏ نڪتل تصويرن ۾ آهيان، پر اهو سڀڪجهه هُنن کي ٻڌائي ناهيان سگهندو.“
”پوءِ به هو تنهنجي جواب جي انتظار ۾ ته هوندا؟“
”ها، پر مان نٽائي، ساڻن ڪنهن ٻئي، سندن وڌيڪ دلچسپي واري موضوع تي ڳالهائڻ لڳندو آهيان.“
”موضوع مَٽائڻ ۽  ڳالهين جو ڳهيرُ ته آهين...“ (کِلندي)
”هاڻي گهڻو ڳالهائڻ ۾ دلچسپي ناهي رهي....“
”ته ڇا چپ چپ هوندو آهين؟“
”ها.... اهائي منهنجي گهرَ وارن کي مون کان وڏي شڪايت هوندي آهي.“
”پوءِ هاڻوڪين حالتن ۾ ته اڃا وڌيڪ چپ ٿي ويو هوندين؟“
”نه... مون هِنن حالتن ۾ وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي؟“
”ڇا تي؟“
”عالمي وبا تي....“
”ها، صورتحال ته ڏاڍي خطرناڪ آهي... مان به آفيس نٿي وڃان... ۽ تون؟“
”مان به هاڻي گهران ويهي آفيس جو ڪم ڪيان ٿو...“
”احتياط ڪرڻ ضروري آهي... پر هنن ’عشقِ ممنوع‘ وارن ڏينهن ۾ ماضيءَ جا ڪي ڏينهن ياد ايندا اٿئي؟“
”ها... سوچيندو آهيان ته جهڙي طرح اسان هڪٻئي سان، آزاديءَ سان مليا هئاسين.... گهميا هئاسين. هوٽلن، پارڪن ۽ ٻين جاين تي ويٺا هئاسين، اهڙي آزادي ۽ محبت شايد اسان جوايندڙ نسل نه ماڻي سگهي.“
”صحيح ٿو چوين..... دنيا جا طبي ماهر به چون ٿا ته هي ڪورونا وائرس هاڻي سٿرو ختم نه ٿيندو، تنهن ڪري اسان کي ان سان گڏ رهڻ جو سليقو سکڻو پوندو.“
”ها.... هن وبا اسان جي لائيف اسٽائيل سان گڏ اسان جي سوچ کي به تمام گهڻو تبديل ڪري ڇڏيو آهي.“
”بلڪل.... “
”۽ هاڻي جيڪڏهن ڪوروناوائرس هڪ وڏي وقت تائين موجود رهي ٿو ته خاص طور پيار ڪندڙ ماڻهو هڪٻئي سان ڪيئن ملندا؟ ڇاڪاڻ جو ماهر چون ٿا ته، اهو وائرس ”ڇهڻ“ سان لڳي ٿو... گڏ ويهڻ سان لڳي ٿو.... ساههَ جو ساههَ سان ملڻ سان لڳي ٿو.... هاڻي جڏهن پيار ڪندڙ هڪٻئي کي نه ڇهندا، نه گوڏو گوڏي سان ملائي ويهندا ۽ نه ساهه هڪٻئي جي اندر ۾ لاهيندا  ته پوءِ ته اهو سليماني پيار ٿيندو.“
سلميٰ ٽهڪ ڏيندي فرحان کي  چيو؛ ”ڪلهه پيار ڪندڙ ڪهاڙيءَ جي پرواهه نه ڪندا هئا، اهي هاڻي ڪورونا جي به پرواهه نه ڪندا.“
”شايد ائين ٿئي... پيارُ اجهل آهي.... عشق ارڏو آهي... محبت ته ڪڏهن به مات ناهي مڃي... حالتون ڪهڙيون به هجن.“
”پر اسان جي عشق ته ماتِ مڃي هئي...“
”ها...“  سلميٰ جي مختصر ترين جواب ۽ ان بعد هڪ لمحي جي ماٺِ ۾ سندس اعتراف جو پڙاڏو هو ۽ هُن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”....اڄ ته تون شاعري ڪرڻ لڳو آهين؟“
”ها، ڪلهه، جڏهن تون ملي هئينءَ تڏهن به مون شاعري ڪئي هئي ۽ جڏهن اسان وڇڙيا هئاسين، تڏهن به مون شاعري ڪئي هئي...“
”ته ڇا شاعري رڳو ملڻ ۽ وڇڙڻ جي موقعن تي ئي ڪبي آهي؟“
”نه...  شاعري ته هر غم جي زبان آهي، ۽ هر خوشيءَ جي مينديءَ  جي خوشبوءِ آهي.“
”وڏي وقت کانپوءِ تنهنجو اهو شاعراڻو لهجو ٻڌي خوشي ٿي اٿم.“
”ههڙن، گهرن ۾ بند ڏينهن ۾، ماڻهن سان نه ملڻ وارن ڏينهن ۾ به  تو سان ڳالهائڻ سان جَي شاعراڻا خيال زبان تي نه اچن ته  پوءِ اهي ڪڏهن ايندا؟“
”ها....  هن دور جا به ڪي لمحا ته پنهنجي نانءِ ڪجن..“
”جي، باقي ته ڪورونا جي حوالي آهن.“
”تنهنجا ڪافي نظم اڃا به مون وٽ سنڀالي رکيل آهن.“
”۽ مون وٽ تنهنجا خط سنڀالي رکيل آهن.“
”ها، اهي هڪ دور جي تاريخ آهن- ۽ سڀاڻي وارو نسل جڏهن اسان جا خط ۽ اسان جون پيار تي لکيل ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهندو ته کيس وڏي حيرت ٿيندي؟“
”سچ  ٿي چوين.... پر مان سوچيان ٿو ته هن وقت اسان جا جيڪي ٻارَ آهن، انهن جي اسان کي اهڙي تربيت ڪرڻي پوندي، جو هو سڀاڻي واري، خطرناڪ قسم جي نئين دور ۾ سروائيوءِ ڪري سگهن...“ 
”ها، اهو انڪري به ضروري آهي جو اهو امڪان آهي ته، پوسٽ ڪورونا دور ۾انسانن جي جاءِ روبوٽ وڌيڪ والاريندا.“
”پر سلميٰ، مان اهو سوچي ڊڄي ٿو وڃان ته هن وبا سبب سڄي دنيا جي جهڙي طرح معيشت تباهه ٿي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪا غربت ۽ بيروزگاري پيدا ٿي رهي آهي، اها هڪ ٻيو موتمار ڪورونا وائرس هوندو، جيڪو اسان جي لکين ڪروڙين ماڻهن کي ماريندو.“
”ها، اهو ته واقعي تمام گهڻي ڊيڄاريندڙ صورتحال جو تصور آهي فرحان.“
”مان اهو به سوچيان ٿو ته اڄ جيڪو ڪامورو پنهنجي پنهنجي اداري ۾ بادشاهت قائم ڪيون ويٺو آهي، سوين ماڻهن تي حڪم ويٺو هلائي، ڪرپشن پيو ڪري، سونا گهر ٺهرائي، عياشيون ڪري، آفيسن ۾ عورتن کي بليڪ ميل ويٺو ڪري، سرڪاري وسيلن جو ناجائز استعمال پيو ڪري، اهو ته سڀاڻي ٺُپ مري ويندو.“
”مرڻ به کپيسِ... ۽ اهڙي تبديليءَ جي اسان ماڻهن کي آجيان ڪرڻ گهرجي.“
”بلڪل..... اسان وٽ جيڪا تبديلي حڪمران نه آڻي سگهيا آهن، اها تبديلي نيچر پئي آڻي، تنهن ڪري هن دور مان سلامتيءَ سان پارِ پوڻ لاءِ اسان کي احتياط ڪرڻو آهي، پنهنجي پيار کي في الحال نئين رنگ ۽ روپ ۾ جيئرو رکڻو آهي ۽ سڀاڻي واري دور سان مُنهن ڏيڻ جي تياري ڪرڻي آهي...“
”ها، پر خبر ناهي، سڀاڻي ڪير بچندو، ڪير نه بچندو...؟!!“
”اسان بچنداسين.... پر هڪڙي شرط تي.“
”ڪهڙي شرط تي؟“
”پاڻَ سان پيارُ ڪرڻ جي شرط تي.“
”تنهنجي ڳالهه ۾ وزن آهي.“ 
سلميٰ جڏهن کِلي ائين چيو ته، فرحان کي ياد اچي ويو ته، هي جڏهن به پاڻ ۾ ڪنهن مسئلي تي فون تي ڳالهائيندا هئا، ۽ سندن ڳالهه ڊگهي ٿي ويندي هئي يا ڪنهن جاءِ  تي دير تائين ويهي ڪچهري ڪندا هئا ته،سلميٰ ان کي ختم ڪرڻ ۽ موڪلائڻ جو اشارو ڏيندي، مسڪرائي چوندي هئي ته، ’تنهنجي ڳالهه ۾ وزن آهي..“ ۽ فرحان سمجهي ويندو هو ته سلميٰ چوي ٿي ته هاڻي ڳالهه ٻولهه بند ڪجي ۽ موڪلائجي- ۽ هي کِلي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ختم ڪري اُٿندا هئا. سو هن وقت به سلميٰ جي چيل ان جملي تي هن کِلي، حيرت مان چيس: ”تو کي اهو جملو اڃا ياد آهي؟“
”مون کان وسري ته ڪا به ڳالهه ناهي...“
”چڱو موڪلايون ٿا.... پر هاڻي جيئن ته پاڻ وٽ ڪافي وقت آهي، سو پيا ڳالهائينداسين.“
”ضرور....“ ائين چئي هنن فونون بند ڪري ڇڏيون.

No comments:

Post a Comment