Monday, May 18, 2020

ايوارڊ - ھمير گاد


ايوارڊ
فلئش فڪشن
ھمير گاد
فضلو: ”سائين مبارڪون، خبر پئي ته رات اوهان کي ڊرامي ’گهوڙي جي ڄڃ‘ تي موچڙن جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، منهنجو مطلب آھي ته اوهان کي بيسٽ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو.“
ڊائريڪٽر: ”مهرباني! بلڪل پيارا، ظاهر آ مون کي به ايوارڊ نه ملي ها ته ٻيو ڪنهن کي ملي ها. مان تمام وڏو ڊائريڪٽر آھيان اي ڪيٽيگريءَ جو ڊائريڪٽر آھيان ڪا مذاق ٿورئي آ.“
فضلو: ”بلڪل سائين اوهان تمام سينيئر ڊائريڪٽر آھيو اوهان جو ته حق آھي. اوهان جا ته ڪيترا ئي رڪارڊ آھن، جيئن اوهان واحد ڊائريڪٽر آھيو جيڪي سينيما ۾ هلندڙ فلم جي آخري شو ۾ پيدا ٿيا هيئو.“


ڊائريڪٽر: ”ٻيو نه ته جيئن ئي منهنجو جنم ٿيو بابا امان کي چيو؛ تو واري پٽ ته اڄ سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. اسڪول ۾ به هميشه پهريون نمبر ايندو هيس.“
فضلو حيران ٿي چوي ٿو: ”پهريون نمبر.؟“
ڊائريڪٽر: ”ها پهريون نمبر، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ وارو جيڪو اسڪول هو، ان جي گيٽ جون چاٻيون مون وٽ ئي هونديون هيون. هر سال فيل ٿيندو هيس پوءِ به بچپن کان تعليمي رڪارڊ منهنجو شاندار رهيو. مالڪ جي مهربانيءَ سان منهنجو دل جيڪو چاهيو اهو مون کي مليو.“
فضلو: ”سائين معاف ڪجو بچپن نه، ننڍپڻ يا ٻالڪپڻ. ٻيو ته منهنجو دل... اهو منهنجو دل ڇا آھي.؟ منهنجي دل يا منهنجو دل، اوهان ڊائريڪٽر آھيو اوهان کي اها به خبر ناهي ته دل مذڪر آ يا مونث آھي. ڇو ٿا ٻوليءَ کي هٿ سان خراب ڪريو. توهان ته پنهنجن ڊرامن ۾ ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش ڪندا آھيو، ڇا اسان سنڌي رڳو ڌاڙيل آھيون.؟ دنيا ۾ انيڪ موضوع آھن، جنهن تي لکجي سگهي ٿو. اسان وٽ رڳو ڪارو ڪاري يا ڌاڙيل ڪلچر تي ڊراما پيش ڪري دنيا وارن کي اوهان ڪهڙو ميسيج ڏيڻ ٿا چاهيو.؟“
ڊائريڪٽر (ڪاوڙ ۾): ”ڪمال ٿا ڪريو، هي اسان جي سنڌي چئنلن تي جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿي وڃي جيڪي ڌاڙيا لفظ ڳالهايا ٿا وڃن ڪڏھن انهن تي اوهان غور ڪيو آھي ڪڏھن انهن جي باري ۾ اوهان آواز اٿاريو آھي، رڳو الزام مون مٿان ته منهنجي ڊرامن ۾ صرف ڌاڙيل هوندا آھن، رڳو ڏمر مون مٿان ڇو.؟“
فضلو: ”سائين ڪاوڙ نه ڪريو جيترا هو ڏوهاري آھن اوترا اوهان به، ڪلھ ئي هڪ سنڌي چئنل تي گانو ڏٺو، مون کي ڏسي حيرانگي ٿي ته ڏک واري گاني تي به ماڊل ڊانس پئي ڪري. ان وڊيو جي ڊائريڪٽر صاحب کي نه گاني جي ٻول جي باري ۾ ڪا ڄاڻ، نه ئي ميوزڪ جي ڪا خبر... چند رپيا ڪمائڻ جي ڪري پنهنجي ٻوليءَ سان ايڏي دشمني، ايڏو ظلم... سيکراٽ ڊائريڪٽرن ٻيڙو صفا ٻوڙي ڇڏيو آھي.“
ڊائريڪٽر (ڳالھ کي لنوائيندي): ”اڇا! ٿي سگهي ٿو اهڙو ڪو گانو هجي باقي مان گانا ڪٿي ڏسندو آھيان. مان ته پنهنجا ڊراما ئي ڪونه ڏسندو آھيان.“
 فضلو (پنهنجي منهن چئي ٿو): ”نڪ جو وڏو پڪو آھين ڏٺو ته ضرور هوندئي. خبر به سڀ اٿس.“
ڊائريڪٽر: ”جي... ڇا چيئي.؟“
فضلو: ”ڪجھ نه، ڪلھ اوهان جي دوست خيروءَ ٻڌايو ته اوهان کي هالي ووڊ جي ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون ٽائيٽنڪ فلم کي وڏي پردي جي لاءِ سنڌيء ۾ ٺاهڻ جي آفر ڪئي هئي، پر اوهان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو ته ٻڌايو ايڏي وڏي ڪوڙ ۽ زٽ ھڻڻ کان پهريان ٽيوشن توهان ڪهڙي جڳاڙي اديب کان ورتي هُئي.؟“
ڊائريڪٽر (ڪاوڙ ۾): ”ڇا مطلب ڪوڙ ھڻڻ جي ٽيوشن... اهو بلڪل سچ آھي جيمز ڪيمرون مون کي ٽائيٽنڪ سنڌيءَ ۾ ٺاھڻ جي آفر ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ ٺھندڙ ان فلم جو نالو به مون رکي ڇڏيو هو ’ٽائيٽ نڪ‘ معني ’مضبوط نڪ‘، پر افسوس ان فلم ۾ ڪا به اداڪاره ڪيٽ ونسليٽ واري رول لاءِ راضي نه ٿي.“
فضلو آهستي چوي ٿو: ”شڪر آ جو فلم نه ٺھي. جيڪڏھن ٺھي ها ته جنهن به سينيما ۾ ھلي آ، ان جي پروجيڪٽ مشين ئي سڙي وڃي ها. هن وقت جيڪي سينيمائون بچيون آھن، اهي به بند ٿي وڃن ها. ڪرونا وائرس کان به وڏو عذاب نازل ٿئي ها.“
ڊائريڪٽر: ”جي.. توهان ڪجھ چيو.؟“
فضلو: ”ڪجھ نه.. ڪجھ نه..“
ڊائريڪٽر: ”خير! مان هن وقت به نمبر ون ڊائريڪٽر آھيان. منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ناهي. مون سوچيو آھي ته هاڻي پشتو فلم ٺاهيان، اها به بغير گانن جي.“
فضلو: ”پشتو فلم اها به بغير گانن جي... پر اوهان کي ته پنهنجي سنڌي ٻولي به ٺيڪ طرح سان ڳالهائڻ نه ٿي اچي، اوهان پشتو فلم ڪيئن ٺاهيندئو.؟“
ڊائريڪٽر: ”هڪڙي ڳالھ ته ٻڌ، اسان جي پاڙي ۾ هڪ اديب رهندو آھي. ايندي ته ان کي ٺيڪ طرح سان سنڌي به ناهي، ان جو وري عربي زبان ۾ ڪتاب به ڇپيل آھي. اتي ته ڪجھ ڳالهاءِ ڪجھ ڪڇ..“
فضلو: ”اهو ئي ته الميو آھي جو اڄڪلھ تقريبن هر ماڻھو محنت ڪرڻ جي بدران شارٽ ڪٽ واري رستي جي پٺيان لڳي پيو آھي يا وري ڪاپي پيسٽ جو جهان لڳو پيو آھي.. خير اهو ته ٻڌايو ايوارڊ فنڪشن ۾ ضرور ڪنهن وڏي پارٽيءَ تعاون ڪيو هوندو؟“
ڊائريڪٽر (ڪاوڙ ۾ چئي ٿو): ”وڏي پارٽيءَ وري ڌوڙ تعاون ڪيو هو...اهي ڇورا ايڪسٽرا اداڪار جيڪي شوق خاطر پئسا خرچ ڪري اچن ٿا، انهن سان ملي ڪري پاڻ ۾ ايوارڊ فنڪشن ڪرايوسين. هو به شيلڊ ۾ خوش ٿي ويا. اسان جو به بيسٽ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ملڻ وارو خواب پورو ٿي ويو.“

No comments:

Post a Comment