Tuesday, May 19, 2020

انور شيخ جون ڪهاڻيون - رسول ميمڻ


انور شيخ جون ڪهاڻيون
رسول ميمڻ
انور شيخ، سنڌي ادب جي نئين دريافت آهي. هن جي لکڻ جو انداز انڪري منفرد آهي جو، اهڙي قسم جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ پهرين دفعو لکجي رهيون آهن. هن کي پڙهي، ائين محسوس ٿئي ٿو، جيئن ڪهاڻين جو مک ڪردار، پنهنجي چير ڦار پنهنجن هٿن سان ڪندو هجي.
سنڌي ادب ۾ اهڙين ڪهاڻين جو مثال گهٽ ملي ٿو، جيڪي ليکڪ جي پيشي سان لاڳاپيل هجن. ساڳي راءِ، جيڪڏهن مان پاڻ تي ڏيان ته ائين چوندس، ڊاڪٽر هوندي منهنجين سوَ کان مٿي لکيل ڪهاڻين ۾ صرف چار يا پنج ڪهاڻيون اهڙيون هونديون جيڪي منهنجي پيشي سان لاڳاپيل هونديون.


انور شيخ، ڪمال ڪيو آهي. هن دردن جا دفتر کولي، اسان اڳيان رکيا آهن. سندس ڪهاڻين جو هيرو، پوليس جي وردي پاتل اهڙو شخص آهي جنهن جو ضمير، من ۾ ٽانڊن جيان دکي ٿو.
اسان جي سماج جي اها خوشقسمتي ٿيندي ته هڪ اهڙي اداري ۾، جنهن جي نيڪنامي ڪٿي به نه آهي، ان ۾ انور شيخ جهڙا اديب پيدا ٿي پون. اهو ادب جو نئون ڌارو هوندو، جيڪو وهي پوي ته ان ۾ سنڌ جا گهڻا سور لڙهي ويندا.
ساڳئي پيشي سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيڪار اختر جانوريءَ پڻ سنڌي ادب کي بهترين ڪهاڻيون ڏنيون آهن.
انور شيخ جي ٻولي ۽ ڪردارن جي گفتگوءَ جو انداز، جيتوڻيڪ نسيم کرل جي ڪهاڻين سان ملندڙ جلندڙ آهي پر هن جو تاڃي پيٽو الڳ آهي. نسيم کرل، پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو ۽ انور شيخ گهڻيون ڳالهيون پڙهندڙن تي ڇڏي ٿو ته اهي پاڻ پڙهي، سوچي ڪنهن نتيجي تي پهچن. هن، ڪجهه ڪهاڻين ۾، پڙهندڙن کي ڇرڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اهڙو تاثر، بيان جي انداز ۾ زائل ٿي وڃي ٿو.
انور شيخ جي ڪهاڻين جي خوبي، سندس ٻوليءَ تي ضابطو آهي. هن جا لفظ، تجنيس حرفيءَ جي ڌاڳي ۾ پوئيل آهن. هو ڪهاڻيءَ جو شاعر آهي. سندس ڪهاڻي ”ڊيڪ جي آواز ۾ گم ٿي ويل چيڪ جي هڪ سٽ ڏسو.
عشق ازل کان آسان رهيو آهي، آسودن لاءِ.“
انور وٽ مشاهدي جي کوٽ نه آهي. هن جون تشبيهون، استعارا، محاورا ۽ علامتون، ڪهاڻين ۾ ڪنارن تائين ڀريل آهن. هو مشاهدي جي غلطي ڪٿي نه ٿو ڪري، نه ته مشاهدن جون غلطيون اڪثر عام آهن. سنڌيءَ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار، جنهن جو نالو وٺڻ مناسب نه ٿو سمجهان، ان جي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ توهان کي مشاهدي جي غلطي هيٺين سٽ ۾ محسوس ٿيندي.
اوندهه، چور، ڀنڀي ڏاڙهي، وڏيون مڇيون، منهن تي ٻٽ ٻڌل
سنڌي ڪهاڻي، ڪيترن سالن کان زوال پذير آهي. جيڪڏهن ڪجهه سٺا ڪهاڻيڪار آهن ته اهي ان کي سهارو ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهن. هڪ جاڳرتا جي لهر جي ضرورت آهي. اهڙي لهر، جهڙي سٺ واري ڏهاڪي ۾ اڀري. هڪ اهڙو ادب، جنهن هر سنڌيءَ کي متاثر ڪيو. هاڻي مايوسيءَ واريون حالتون آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو اسان کان اڳ واري ٽهيءَ کي رهنمائيءَ تان دستبردار ٿي ويهڻ بجاءِ، اڳتي وڌي عالمي سطح تي سنڌي ادب لاءِ واٽون کولڻ گهربيون هيون. دنيا جا وڏا اديب، عمر جي آخري حصي ۾ لکندي آسمان کي ڇهي رهيا آهن، جنهن جو مثال گارشيا مارڪيز آهي، پر اسان جا وڏا اديب ملان، ذاڪر ۽ مبلغ ٿي خطبا ڏئي دعائون لکي رهيا آهن.
انور شيخ جي خوبي اها آهي ته هو مسلسل لکي رهيو آهي. هن وٽ جوش آهي ۽ جنون، جيڪو کيس قلم کڻڻ تي اڀاري ٿو. جيتوڻيڪ هو لکندي ڪٿي جذباتي ٿي حد کان وڌيڪ اٿلي پوي ٿو، پر پوءِ به هو علم ۽ ڄاڻ، پڙهندڙن تي مڙهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري. اهو ضروري آهي ته اديب ڪهاڻيءَ کي ڪهاڻي سمجهي لکي. ان ۾ مضمون جهڙي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري. ڇا اهو ضروري آهي ته جَتَ جي ڪردار تي ڪهاڻي لکندي، اٺن جا قسم ڳڻايا وڃن، يا جوڳيءَ جي ڪردار تي ڪهاڻي ائين لکجي جو اهو نانگن تي مقالو ٿي پوي.
سٺي ڪهاڻي، بيخوديءَ جي ڪيفيت ۾ لکيل هوندي آهي. قلم تي حڪم نه هلائبو آهي. قلم، توهان کي پاڻ وٺي وڃي. پڙهندڙ، جج جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي. ليکڪ کي ڌر ٿيڻ بجاءِ، ظالم ۽ مظلوم، ٻنهي جي ايمانداريءَ سان وڪالت ڪرڻي آهي. پڙهندڙ، پاڻ انصاف ڪري سگهي ٿو.
انور شيخ، سنڌي ادب کي سٺيون ڪهاڻيون ڏنيون آهن. جن ۾ ڪارو ڪتو، نقش قدم، عشق جنين تات، ڪٽ جوڙ، ڇهه هٿ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن.
ڪهاڻي ڪارو ڪتو ۾ جمعدار ايس ايڇ او کان غلطيءَ جي معافي وٺندي چوي ٿو؛ ”سائين معاف ڪجو، آليءَ زبان مان ڳالهه ترڪي وئي.“
آليءَ زبان مان ڳالهه جو ترڪڻ، هڪ خوبصورت محاورو آهي، جيڪو انور شيخ جي قلم جو ڪمال ئي ٿي سگهي ٿو. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾، ايس پي جي لنگهي وڃڻ کانپوءِ، ايس ايڇ او جي حالت بيان ڪندي لکي ٿو.
مينهون خان هيڪاندو نڪ ۽ وات مان گڏيل ساهه ڇڏيو ۽ تڪڙو هلندي گاڏيءَ ۾ ويهي، شيشا بند ڪري، ڪنهن ڪراڙي عورت جيان پار ڪڍندڙ ٽون جهڙي آواز ۾ ريهه خارج ڪئي.“
هن جي ڪهاڻين جا ڪردار فطري ۽ جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. ڪهاڻي ”ڇهه هٿ“، سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هر ڪردار، اکين اڳيان چرپر ڪندي نظر اچي ٿو. پوليس، هڪ چور جي گهر تي ڇاپو هڻي، لٽ مار ڪري ٿي. ان جي ردعمل ۾ هڪ غريب ڪٽنب کي، جنهن طريقي چيچلائيندي ڏيکاريو ويو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي.
تاريخي طور ظلم ۽ غربت، ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو موضوع رهيا آهن. انور شيخ، ساڳي روايت کي برقرار رکندي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم جو ذڪر ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ مجبورين ۽ غربت جا موضوع هر هنڌ ملن ٿا.
ڪهاڻي ”عشق جنين تات“ ۾ لکي ٿو؛
”ڌرتيءَ کي ڪارن ڪڪرن، پوليس جيان گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هيو.“
ڌرتيءَ کي ڪارن ڪڪرن جيان پوليس جو گهيري ۾ وٺڻ، نيون علامتي تشبيهون آهن. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار، پوليس جي وردي پائي، ڪهاڻيءَ جي هر سٽ ۾ قطار ٺاهي، بيٺل نظر اچن ٿا. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو؛
بهاول جي آواز ۾، ڪچي جي ڪنڍي مينهن جي کير جهڙو سواد ۽ سچي مکڻ جهڙي نرمي هئي.“
پوليس جي ڪردار کي ننديندي، جڏهن ماروئڙن جي ڀوڳنائن جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس لهجو نرم ٿي وڃي ٿو.
ڪهاڻي ”مفاهمت“، سماج جي مختلف ڪردارن وچ ۾ گفتگوءَ تي مشتمل آهي. قومپرست کان سياستدان ۽ دانشور کان صحافيءَ تائين، ظاهري تضاد هوندي، انهن وچ ۾ مفادن تي مفاهمت آهي. اسان جي معاشري جا اهي ڪوڙا ڪردار، مفادن جي ڏور سان ڳنڍيل آهن.
انور شيخ جي ڪهاڻين ۾، شرابن جي ٽڪرائجندڙ جامن ۽ چرغن جي چٻاڙجڻ جا آواز، وڏي زور ۽ شور سان شامل آهن. هو جڏهن عورت جي بدن جي منظرنگاري ڪري ٿو ته عورت آزاد نظم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
هن جي ڪهاڻي ”ڏيئا ڏيئا لاٽ قومپرستيءَ جي موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ بهترين محاورا، تشبيهون ۽ منظر آهن. پر اها ڊرامائي روپ اختيار ڪري، اهڙي ڇرڪائيندڙ انت تي پهچي ٿي جو اهو غير فطري محسوس ٿئي ٿو. ساڳي ڳالهه، ڪهاڻي ”سينڌ“ ۾ ٿيل آهي، جيڪا شاندار انداز ۾ اڳتي هلي، هڪ عورت جي بي ڍنگي رويي تي اختتام پذير ٿئي ٿي.
انور شيخ، حقيقت پسند ليکڪ آهي. هو وارتائن جو ذڪر، ڪنهن صحافيءَ جيان نه، پر هڪ حساس اديب جيان ڪري ٿو. پر ڪٿي انداز جذباتي ۽ ڊرامائي ٿي وڃيس ٿو. هن جي ڪجهه ڪهاڻين جو انت، انڪري ساراهڻ جوڳو نه آهي جو اهي Anticlimax جون حدون ڇهندي، نفسيات تي ٺهڪندڙ نظر نه ٿيون اچن. حقيقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻيءَ کي آزاد ڇڏڻو آهي. ان کي منظم Orgnised ڪرڻ سان، مصنوعيت جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
هن جي ڪهاڻي ”ڳاڙهي شلوار“ هڪ سٺي ڪهاڻي هوندي، ان منظم Orgnised گهٽ وڌائيءَ جو شڪار نظر اچي ٿي. هڪ عورت کي سدائين ساڳي سلوار پهريل نه هوندي آهي. ضروري نه آهي ته محبوب سان ملڻ وقت، هن کي ساڳي سلوار پهريل هجي.
منهنجي ذهن ۾ به اهڙا ڪيئي پلاٽ ايندا آهن، جن کي سوچن سان منظم ڪندي، فني مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن. جيڪڏهن انهن کي سلجهائي نه سگهندو آهيان ته ذهن ۾ رکي، وقت جو انتظار ڪندو آهيان. ڪڏهن سوچون وڄ جيان جاڳي، انهن مسئلن کي حل ڪري وجهنديون آهن يا ڪهاڻين جو پلاٽ بدلائي وجهنديون آهن. ڪهاڻين جا سٺا پلاٽ، ڄاڻي واڻي سوچڻ سان نه ايندا آهن. پر معاشري ۾ ڏيتي ليتيءَ دوران، اوچتو ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ چمڪو ڏئي، جاڳي پوندا آهن. وڌيڪ، تخليقڪار جي ڏات آهي، ڏانءُ آهي، مطالعو ۽ مشاهدو آهي، جيڪو لکڻ وقت مدد ڏئي ٿو. ڪهاڻي لکڻ، قبر کوٽي ڍانچو ٻاهر ڪڍي، ان تي گوشت چاڙهڻ، رڳون ٺاهڻ، کل چاڙهڻ ۽ رت وجهي روح ڦوڪڻ آهي، جيڪا مردو اٿي پنهنجي واتان ٻڌائي ته اها ڪهاڻي آهي.
انور شيخ وٽ، ڏات ۽ ڏانءُ موجود آهي. اهو ضروري نه آهي ته تخليقڪار جون سڀ تخليقون، تعريف جي لائق هجن. اهو شرط پڻ دنيا جي وڏن چترڪارن تي لاڳو ٿئي ٿو. جن جون سڀ تصويرون، ساراهه جوڳيون قرار نه ٿيون ڏئي سگهجن. ڪنڀر جي آويءَ ۾ پچي، سڀ ٿانوَ هڪ جهڙا نه نڪرندا آهن. ڪي ڏنگا ڦڏا، ڀڳل ۽ ڪي رنگ جا سٺا ۽ پڪل هوندا آهن. ليکڪ جو دماغ به آويءَ جيان آهي، جنهن مان ڀل ٻاڦ ٻاهر نه نڪري پر ڄر ضرور نڪرندي آهي.
هن جي ڪهاڻي ”ڪٽ جوڙ، فن جي بلندين کي ڇهندي نظر اچي ٿي. ثوابن ۽ گناهن جي ڪٽ جوڙ ۽ دنياداريءَ جي منافعن ۽ نقصانن کي سٺي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻي ”شهمير خان“، پر تجسس ڪهاڻي آهي. جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ، وچ ۾ ڇڏيندي، دل نه ٿي چاهي.
ڪهاڻي ”نقش قدم“ ۾، خدوءَ ۽ خانوءَ جا علامتي ڪردار، ساراهڻ جوڳا آهن. اها علامتي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ سردار جي بوٽ سان عقيدت، هر پيڙا کان آجو ڪري ٿي.
ڪهاڻي ”وهندڙ ڪهاڻي، فني خوبين سان مالا مال آهي، پر ليکڪ ڌر بڻيل آهي.
ڪهاڻي ”سرمائي“، سٺي ڪهاڻي آهي، پر ان ۾ ٻوليءَ جي پالوٽ آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ٻوليءَ جو ملبو هٽائي، ڪهاڻيءَ جا کنڊر ڳولهڻا پوندا آهن. ٻوليءَ کي ٻانهي هجڻ گهرجي، حڪمرانيءَ جو حق صرف سوچ کي حاصل آهي.
مان ائين چوڻ ۾ ڪا به جهجهڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته سنڌي ادب جي جمود کي ٽوڙڻ ۾، انور شيخ جي ڪهاڻين جو ڪردار پڻ آهي. هن ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون ڏنيون آهن، جن کي کليل دل ۽ دماغ سان پڙهڻ کانپوءِ، چوڻو پوي ٿو ته؛ ’اهي سنڌي ادب لاءِ خوبصورت تحفا آهن. اهي يادگار ڪهاڻيون آهن ۽ انهن جي اهميت سدائين رهندي.‘
اميد ته انور شيخ، ائين لکندو رهندو ۽ ادب ۾ پيدا ٿيل اڻاٺ کي دور ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

No comments:

Post a Comment