Monday, May 4, 2020

اڌ مانيءَ جو قرض ۽ ماءُ - عزيز الرحمان


اڌ مانيءَ جو قرض ۽ ماءُ
فلئش فڪشن
عزيز الرحمان/ ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
زال هر هر هن جي ماءُ تي الزام هڻي رهي هئي.. ۽ مڙس کيس هر هر هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي حد ۾ رهڻ جو چئي رهيو هو. پر زال چپ رهڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. هوءَ زور زور سان رڙيون ڪندي، اهو چئي رهي هئي ته؛ ”مون منڊي ٽيبل تي ئي رکي هئي. پاڻ ٻنهي کان سواءِ هن ڪمري ۾ ٻيو ڪو به ناهي آيو. منڊي پڪ سان تنهنجي ماءُ ئي کنئي آھي.“


ڳالھ جڏهن مڙس جي برداشت کان ٻاهر نڪري وئي ته هن زال جي منهن تي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي. ”اسان جي شاديءَ کي مس ٽي مهينا ٿيا آهن.“
زال کان چماٽ برداشت نه ٿي ۽ هن گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ وڃڻ مهل مڙس کان سوال پڇيائين ته؛ ”تو کي پنهنجي ماءُ تي ايڏو يقين ڇو آھي..؟؟“
مڙس جيڪو جواب ڏنو ان کي ٻڌي، دروازي جي پويان بيٺل ماءُ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. مڙس زال کي چيو ته؛
”مان ننڍو هئس ته منهنجو پيءُ گذاري ويو ۽ منهنجي امڙ اوڙي پاڙي جي گهرن ۾ ٻھارو ۽ پوچو ڏئي، جيڪو ڪمائي ايندي هئي. ان مان هڪڙي ويلي جي ماني مس ملندي هئي. امان هڪڙيءَ پليٽ ۾ ماني ڏيندي هئي ته ٻئي پاسي خالي کاري هيٺان پليٽ کي ڍڪي ڇڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته منهنجون مانيون هن کاري ۾ پيل آهن. ابا! تون ماني کاءُ، مان به سدائين اڌ ماني بچائي امان کي چوندو هيم ته مون کائي ڍءُ ڪيو آهي. هاڻ وڌيڪ مانيءَ جي طلب ناهي. امان منهنجي بچيل اڌ ماني کائي، مون کي پالي وڏو ڪيو آهي.“
اڄ جڏهن مان ٻن مانين ڪمائڻ جهڙو ٿيو آهيان ته اهو ڪيئن وساري ڇڏيان ته مون پنهنجي ماءُ جون خواهشون سڄي حياتي مرندي ڏٺيون آهن ۽ ان ماءُ کي عمر جي آخري حصي ۾ منڊي جي بک ڇو هوندي؟ مان اهو سوچي به نٿو سگهان. تو کي ته مون سان گڏ گذاريندي ٽي مهينا ٿيا آهن. مون پنهنجي امڙ کي پنجهويهن سالن کان سار سنڀال ڪندي ڏٺو آهي.
اهو ٻڌندي ماءُ جي اکين مان ڳوڙهن جي برسات ٽمڻ لڳي.
هوءَ اهو سمجهي نه رهي هئي ته؛ پُٽ هن جي اڌ مانيءَ جو قرض لاهي رهيو هو، يا ماءُ پٽَ جي اڌ ماني جو قرض.

No comments:

Post a Comment