Tuesday, May 19, 2020

همعصر افساني جا موضوع - رسول ميمڻ


همعصر افساني جا موضوع
رسول ميمڻ
گهڻو ڪري انسان، حياتيءَ ۾ پنج پيڙهيون ڏسي ٿو. ڏاڏو، پيءُ، پاڻ، پٽ ۽ پوٽا. صرف قد ننڍا وڏا نه هوندا آهن پر حياتي به ننڍي وڏي ٿي سگهي ٿي. ائين اتفاقي، حادثاتي يا آپگهاتي لمحن مان بچي نڪتل ليکڪ، ادب جون پنج پيڙهيون ڏسي ٿو، جن کي همعصر ادب چئي سگهجي ٿو.
ادب جون پنج پيڙهيون ۽ انهن جا افسانا، انهن افسانن جي موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ وقت نه، عمر گهرجي.


ڪڏهن لڳندو آهي افسانو، افسوس ۽ افسردگيءَ مان نڪتل لفظ آهي ۽ لفظ جيڪو ڪنهن ڪوريئڙي جيان من کي مونجهه جو ڄارو هڻي ان انتظار ۾ ويٺل آهي ته پڙهندڙ کي ان ۾ الجهائي سگهي.
سنڌي افساني جا وڏا موضوع، پيارپرستي، پيرپرستي، قومپرستي، انسان پرستي ۽ توهم پرستي رهيا آهن. اها پنج پرستي، پنج ڏهاڪا سنڌي افساني جو موضوع رهي آهي. خدا پرستي ۽ بت پرستي، مذهبي موضوع آهن. ادب ۾ انهن جو تذڪرو انڪري ضروري نه آهي جو ادب کي مذهب کان الڳ ڪيو وڃي. ڇو جو جڏهن سياست سان مذهب ملندو آهي ته پوءِ شيطان کان جان ڇڏائڻ لاءِ ادب جي ضرورت پوندي آهي. شراب ۽ آب زم زم، اصلوڪين حالتن ۾ ئي اثرانگيز آهن.
مون پهرين ڪهاڻي چوڏهن سالن جي عمر ۾ لکي. ان وقت امر جليل کي پڙهندو هيس، مون اها ڪهاڻي ڦاڙي ڦٽي ڪئي. ٻي لکي، ٽين لکي ۽ لکي ڦٽي ڪندو ويس. امر جليل جي افسانن جا موضوع، منهنجا موضوع نه هيا. هر اديب، پنهنجا موضوع پاڻ تخليق ڪري ٿو.
پاڪستاني سنڌ جي عهد ۾، ون يونٽ اهڙو موڙ آهي، جنهن موڙ تي اچي، اسان کي واپس موڙيو ويو. ڪولين جي قطار اڳيان ڪک ڪِرندو آهي ته اهي تهس نهس ٿي وري قطار ۾ روان دوان هونديون آهن. اسان جون قطارون ڊٿيون ته وري نه ٺهيون. اسان ۽ ڪولين ۾ فرق آهي. تهس نهس ۽ روان دوان اردوءَ جا لفظ آهن. جيڪي مون ڄاڻي واڻي انڪري استعمال ڪيا آهن جيئن پنهنجي لکڻيءَ کي ڪارو داغ هڻي، نظر کان بچائي سگهان. جنهن نظر جي لڳڻ سان اسان جا عظيم شهپارا علاقائي هجڻ جي شبھي ۾ اعليٰ اختيارين کان آشيرواد نه ملڻ ڪري، فنا فلا ٿي چڪا آهن.
ون يونٽ وقت اسان خواب ۾ پير تي ڪهاڙو هڻي جاڳي پيا هياسين ۽ اها جاڳ وري خواب ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. خواب خطرناڪ هوندا آهن، ڇو جو خوابن ۾ ملڪ ٺهي پوندا آهن پر اسان جا خواب انڪري خطرناڪ نه آهن جو ٺهڻ بجاءِ، ٺهيل به ڊهي پوندا آهن. سنڌ ڪتابن جي ڦاٽل ورقن ۾ سڙي رهي آهي. نديءَ ڪناري پيران پير کي پڪاري رهيا آهيون ته؛ ”تعليم جو ٻيڙو تار.“
پيران پير، ٻڍڙيءَ جون دعائون ٻڌيون هيون. اسان ٻڍڙن کي پيران پير سمجهي، پڪاري رهيا آهيون. ٻڍڙا ٻوڙا ٿي چڪا آهن.
سنڌي همعصر افساني جا موضوع، فني لحاظ کان حقيقت نگاري (Realism) جي ويجهو رهيا آهن. ڪو وقت هيو جڏهن تنقيدي بيٺڪن ۾ پڙهيل افسانن تي اها تنقيد ٿيندي هئي ته انهن ۾ مقصد، مسئلو، مسئلي جو حل، ڀوڳنائن جي ڳالهه آهي يا نه آهي. ادب کي سياسي نظرين تحت پرکيو ويندو هيو. خارجي تخليقن کي داخلي تخليقن کان سٺو سمجهيو ويندو هيو. اديب کي پنهنجين لکڻين سان جانبدار يا غير جانبدار هجڻ تي وڏا بحث ٿيندا هيا. ڏٺو وڃي ته ادب ولر کان وڇڙيل ڪمزور جهنگلي جانور آهي، جيڪو پاڻ بچائي رستا ڳولهي ٿو ۽ انهن رستن ۾ ئي سندس بقا آهي. ادب کي رستو ٺاهي ڏيڻ، کيس کوهه ۾ ڪيرڻ برابر آهي.
امر جليل ۽ نسيم کرل جي فن جو انداز ۽ ان جو فرق، جمال ابڙي جي لکڻين جا ننڍا جملا ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ منظر، پڙهندڙن جي دماغ تي اڻ مٽ نقش ڇڏي ويندڙ لکڻيون هيون. جذباتي رويا، منفرد موضوع، چڀندڙ مڪالما. ڪردارن جي روين ۽ انهن جي ڀوڳنائن ۾ شامل ٿي ويندڙ ليکڪن جي جانبداري، افسانن کي اهڙو روپ ڏيندي هئي جو اهي پڙهندڙ کي ڇرڪائي، همدردي حاصل ڪري وٺنديون هيون.
اياز قادري، رشيد ڀٽي، نجم عباسي ۽ حفيظ شيخ جون ڪهاڻيون عام انسانن ۽ انهن جي ڀوڳنائن جا موضوع آهن. اهي سادن لفظن ۾ آسان، معاشري ۾ اڻ برابري ۽ ان نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ رد عمل، ڇڪتاڻ، غربت، توهمپرستي ۽ ٻين برائين کي پڌرو ڪندڙ موضوع آهن. آغا سليم ۽ علي بابا جي افسانن جا موضوع، حقيقت نگاريءَ جو بي مثال نمونو آهن. انهن جي خوبصورت ٻولي، منظر ۽ عڪس، سندن لکڻين کي منفرد بنائين ٿا. ماڻڪ، گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ جا موضوع، سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏين ٿا. ڇو جو انهن جون لکڻيون، روايتي افسانن کان هٽيل، نواڻ ۽ تجريد سان ڀريل آهن.
ون يونٽ کان اڳ، سنڌي افساني جا موضوع، وقت ۽ ضرورتن مطابق عوامي جاڳرتا ۽ جدوجهد جي ڳالهه ڪن ٿا. اهي سنڌ دوستي ۽ پيڙهيل ماڻهن جو تذڪرو ڪن ٿا. ڌاڙيلن جي موضوع تي لکيل ان وقت جون ڪهاڻيون، کين ”هيرو“ ڪري پيش ڪن ٿيون، جيڪو هلندڙ دور ۾ هڪ تضاد جي صورت ۾ ڏسجي ٿو. پيرن ۽ وڏيرن کي مختلف انداز ۾ ننديو ۽ وائکو ڪيو ويو. جنهن جو معاشري تي ڪنهن حد تائين سٺو اثر پيو.
ون يونٽ کان پوءِ وارن ليکڪن جي ٽهي، پاڻ کان اڳ واري ٽهيءَ کان متاثر ڏسجي ٿي. انهن جا موضوع ورجاءَ جي ور چڙهي، پنهنجو اثر وڃائي ويٺا ۽ ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي افساني ۾ موضوعن جي پختي ۽ ڇڪيل ڏور ۾ اهو جهول مسلسل ڪيترن سالن تائين رهيو. ان عرصي اندر اسان پنهنجا ڪيترا ئي پڙهندڙ ضايع ڪيا. سائنسي ايجادن، ميڊيا جون متبادل راهون ٺاهي ڏنيون. قومي جذبو گهٽجي ويو. ڪنهن وقت اسٽيج تي سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هيو، هاڻي ڪي قدر آزادي آهي. سنڌي، وفاق پرست آهن. اهي ڪمان مان نڪتل تير تي ٺپا هڻن ٿا. هاڻي افساني جا موضوع، تبديل ٿي چڪا آهن. اڳ اديبن خارجي موضوعن تي لکيو، هاڻي داخلي موضوعن تي لکيو وڃي ٿو. لکڻين جو انداز علامتي، تجريدي ۽ سحرانگيز حقيقت نگاري آهي. اخلاق انصاري، نسيم پارس گاد، لياقت رضوي، منور سراج جي افسانن ۾ پراڻو موضوعاتي ورجاءُ نه آهي پر سنڌي سماج اڃا اهڙين لکڻين کي قبول نه ڪيو آهي. ان جو سبب، تعليم ۽ ڄاڻ جي گهٽتائي، عالمي ادب جو نه پڙهيو وڃڻ. دنيا جي سٺن چونڊ ڪتابن جو ترجمو نه ٿيڻ ۽ سرڪار پاران ادب جي حوصلا افزائي نه ٿيڻ آهي.
افساني ۾ موضوع کي اهميت حاصل آهي. موضوعن جي نواڻ، افساني کي تازو رکي ٿي. موضوعن جي کوٽ نه آهي. ايڏا موضوع آهن جو انهن کي ڳڻي نه ٿو سگهجي. نظر ايندڙ هر شيءِ پويان هزارين موضوع آهن. موضوعن جي نباهه لاءِ مختلف اسلوبن وجود ورتو. سڀ موضوع، حقيقت پسندي (Realism) ۾ سمائجي نه ٿا سگهن. علامتون ۽ تجريدون، موضوعن کي سولو ڪري وجهن ٿيون پر انهن سان نباهه، لکندڙ جي ڏات ۽ ڏانءُ آهي. موضوعن سان انصاف، هڪ اديب جي ذاتي پهچ آهي. ماضيءَ جو سنڌي افسانو، موضوعاتي لحاظ کان حقيقت نگاريءَ جي ويجهو هوندي، عالمي معيار جو آهي، پر دنيا جا معيار بدلجي چڪا آهن. اڄڪلهه سحرانگيزي، حقيقت نگاريءَ ۽ سريئلزم جو دور آهي. صورتحال ڪيئن به هجي پر سنڌي افساني جا لکندڙ، پهريان کان وڌيڪ آهن. اهو پاڻ وڏو موضوع آهي ته بغير حوصلا افزائيءَ ۽ سرپرستيءَ جي، هن دور ۾ سنڌي افسانو جيئرو آهي، مئو نه آهي.

No comments:

Post a Comment