Saturday, May 30, 2020

مئٽرڪ - امراقبال


مئٽرڪ
مختصر ڪھاڻي
امراقبال
آفيس ۾ واندڪائي ھئي. فيس بڪ تي نظر وڌم. اچانڪ حيرانيءَ جي رنگين چادر ۾ ويڙھجي ويس. دوستن جي دوستن واري لسٽ ۾ ھن جو مرڪندڙ چھرو نظر اچي ويو. پروفائيل ۾ وڃي ڪنفرم ڪيم. ھوءَ اھا ئي ھئي. ٽيھ سال اڳ، مئٽرڪ جو آخري پيپر ڏيڻ کانپوءِ ھوءَ نظر نه آئي ھئي. سندس بابا جي ڪنھن ٻئي شھر بدلي ٿي وئي ھئي ۽ ھوءَ اچانڪ گم ٿي وئي ھئي. اڄ ٽيھن سالن کانپوءِ کيس ڏٺو ھيم. جھٽ ۾ ڏانھنس فرينڊ رڪئيسٽ موڪليم. ٺيڪ ٻن منٽن کانپوءِ رڪئيسٽ قبول ٿي وئي. ھوءَ آن لائين ھئي. لکيومانس: ”ڪٿي ھئينءَ ايترا سالَ ظالم!؟“.
”تنھنجي ئي بادشاھيءَ ۾...“ جواب ڏنائين.


”منھنجي بادشاھيءَ ۾..!!؟؟....... خالي جهول وارا بادشاھ ٿي ئي نه ٿا سگهن“. مون لکيو.
”تون صفا ائين ئي آھين، جيئن مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ ھوندو ھئين“. ھن لکيو.
مون مرڪندڙ اموجي ڏانھنس اماڻي ڇڏيو.
”گھڻا ٻار اٿئي؟“ ھن اچانڪ سوال ڪيو.
”ھڪ به نه...“
”ڇو؟!!.“
”مئٽرڪ جي امتحان کان پوءِ، اڄ تائين ڳوليندو رھيو آھيان مسلسل... ملي ئي ڪا نه...... مون شادي ناھي ڪئي“.
”اڇا...!!!.“
”ھا....“
”تو کي ڪيترا ٻار آھن؟!.“ مون سوال ٽائيپ ڪيو.
”ھڪ ڌيءَ آھي“.
”عمر ڪيتري اٿس؟“.
”مئٽرڪ ۾ پڙھندي آھي.....“
ھن جي لکيل جواب ۾ ھڪ دفعو ٻيھر ”مئٽرڪ“ جو لفظ پڙھي، منھنجو ڄڻ ته ھانءُ ٻُڏڻ لڳو. اچانڪ بجلي بند ٿيڻ سبب ڪمپيوٽر به بند ٿي ويو...

No comments:

Post a Comment