Monday, June 1, 2020

ڪراس - رئوف عباسي


ڪراس
مختصر ڪھاڻي
رئوف عباسي
اسٽيشن تي اداس نظر ڦيرائي ٽرين ۾ چڙھيو. کن پل کان پوءِ سگريٽ دکائي ان جا تيز ڪش ھڻڻ لڳو.
روپا سندس حواسن تي ڇانيل رھي. ھن جو سندر سراپو اکين اڳيان اچي بيٺو.
"عرفات ھيءَ ته بي مھلي جدائي آ. سچ پچ يونيورسٽي بند ڪندا ڇا؟“
“چون ته ائين ٿا!“
“تون به پنھنجي شھر موٽي ويندين.“


“ظاھر آ.“ ھن مختصر وراڻيو.
“تون ھاسٽل نه ڇڏيندينءَ ڇا؟“
“مٿان سيمسٽر آ.“
“بس سرڪار جي چوڻ تي انتظاميا يونيورسٽي بند ڪندي ته ڇا ٿو ڪري سگھجي!.”
“تون ته چوندو آن؛ يونيورسٽي منھنجي پناھ گاھ آ. اڄ ڪو خاص تاثر ئي ناھي تنھنجي چھري تي.“
“ائين ناھي. تو کان پري رھڻ جو احساس ئي وڍ وجھندڙ آھي.“
۽ آخرڪار يونيورسٽي اڻ ڄاتل مدي تائين بند ٿي وئي.
ھو ٿڪل قدمن سان ھاسٽل جي گيٽ تي روپا سان آخري ملاقات لاءِ ويو.
توڙي جو ھوءَ به ان وڇوڙي تي ڪافي پريشان ھئي. پوءِ به کيڪار سان سندس آڌرڀاءُ ڪيائين.
“ھي ڪتاب تو کي بور ٿيڻ نه ڏيندا.“
عرفات ڪجھ سياسي ادب ۽ فيض ۽ اياز جي شاعري جا ڪتاب کيس ڏنا.
“چڱو روپا مان ھلان ٿو. ٽرين جي نڪرڻ ۾ ڏھ منٽ آھن ۽ ھا تون اڪيلي ھاسٽل ۾ ڇا ڪندينءَ.“
“نه مان جھٽ گھڙيءَ ۾ وڃان ٿي. بابا پنڌ ۾ ھوندو.“
ٻنھي آگميل نيڻن سان ھڪ ٻئي کي باءِ باءِ ڪيو.
اوچتو ٽرين وڏي جھٽڪي سان بيھي رھي. سمورو ڪمپارٽمنٽ حيران ٿي ويو.
“يا الاھي خير. ھن ويراني ۾ ٽرين جوبيھڻ سڀاويڪ ناھي.”
ايس ٽي سھڪندو ٻي بوگيءَ مان آيو. ڪنھن پيسينجر پڇيس؛ ”ٽرين ڇو بيٺي آ؟“
ايس ٽيءَ وراڻيس؛ ”ڪراس آ!“

No comments:

Post a Comment