Thursday, June 11, 2020

پروفائيل پڪچر - مٺل جسڪاڻي


پروفائيل پڪچر
(فليش فڪشن)
مٺل جسڪاڻي
اڌ ڏينھن جي ڳُوڙھِي سوچ ويچار کان پوءِ به معاملو ڊُول ۾ نه ويٺس. ماني کاڌي نه کاڌي، وري به سوچن ۾ گم ٿي ويو...
پوئينءَ رات فيس بوڪ تي پوسٽ رکيائين ”ٻي شادي جو قانون پاس ٿيڻ جون خبرون عام ٿيندي ئي تصويري ۽ وڊيو شو وڌي ويا آھن... ڪنھن به مھربان قدردان وٽ منھنجي جواني جي ڪا تصوير ھجي، ته مھرباني ڪري موڪلي، آئون پروفائيل پڪچر چينج ڪريان.

No comments:

Post a Comment