Monday, June 8, 2020

نئين دنيا - عاشق چانڊيو.


نئين دنيا
ڪھاڻي
عاشق چانڊيو.
سانول ھاڻي اچي ڪراڙو ٿيو آھي. پر اڃان ھلڻ گھمڻ کان لاچار ناھي ٿيو. ھو پنڌ گھمندو رھندو آھي. سندس جسم اڄ به مضبوط آھي. کڻي جو اھي جواني وارا جلوا نه رھيا اٿس. پوءِ به سندس جسم ۾ گھڻي طاقت آھي جو سڄي عمر پئي کير مکڻ کاڌائون، ميلن جا ميل پنڌ آيا ويا ٿي. تڏھن سواريون ڪو نه ھيون. اڄ جديد دؤر آھي ماڻھو ٻه وکون به موٽر سائيڪل کانسواءِ نه ٿو چري پر سانول جا اڄ به اھي ئي پيادا سفر! اڄ به ھو گھران نڪري شھر پنڌ پئي ويو جو مال جي منھ پٺيان پيل ڀڳل ھر تي نظر پئي ته سندس يادن جا ورق اٿلي آيا. اھي ڏينھن ياد آيا جڏھن ڏاندن جي جوڙن تي ھر ڪاھيندا ھئا. سڄو سڄو ڏينھن پيا ڏاند وھائيندا ھئا ۽ زمين کيڙيندا ھئا. کيس کنو ۽ ڦاڙھي ڏاند جو جوڙو ياد آيو. جنھن جوڙي جي پوري ڳوٺ ۾ ھاڪ ھئي. جتي ڪٿي پئي اھا ڳالھ ھلندي ھئي ته ڏاند ته سانول جا، اصل ھڪٻئي کي وارو ئي نه ٿا ڏين!


پر ھن جديد دؤر جي ضرورتن سانول کان سندس اھي شوق جا ڏاند وڪڻائي ڇڏيا ھئا. باقي اھي ھر ۽ ڏاند گاڏيون بچيون ھيون، جيڪي اڄ ڀڄي ڀري پنھنجي اھا حالت وڃائي چڪيون آھن. ھاڻي تن کي ڏسي سانول جون اکيون آليون ٿي وينديون آھن ۽ ڏاند گاڏين ۽ ھر ۾ وھندڙ جوڙن جي يادن تي رشڪ ٿيندو آھي. سانول ھر مان نظرون ڪڍي گھر جي اڱڻ کان نڪري، شھر وڃڻ جو دڳ ورتو.
ڪجھ فاصلو طئي ڪري ھو جڏھن زمين تائين پھتو ۽ جڏھن نظرون ٽيوب ويل مشين جي وھندڙ پاڻي تي پيون ته ماضي جيءَ ۾ جھاتي پاتي. سندس اکين آڏو، اکيون ٻڌل ڏاچي نار وھندي نظر آئي، نار جا لوٽا کوھ مان ڀربا اونڌا ٿي اچي اڏ (واھي) ۾ پوندا ٿي ويا، ڏاچي چوڌاري ڦرندي ٿي رھي، اڏ آھستي آھستي وھندي ٿي وئي، پاڻي اڳتي چرندو ٿي ويو، وارياسي زمين پاڻي پيئندي ٿي وئي، ھڪڙو ٻارو اڌ ڏينھن ۾ مس پئي ڀريو. ايئن لڳي پيو ڄڻ زمين کي ڏاچي جا چڪر ۽ ڦرندڙ لوٽا وڻي رھيا ھجن ۽ ھوءَ کين ڏسڻ ۾ رڌل ھجي ۽ پويان پوک جي ڀرجڻ جو احساس وڃائي ويٺي ھجي. جيئن ڪو اڃايل عاشق پنھنجي محبوب جي ھٿن سان ڀري ڏنل ڪيترا ئي گلاس پي وڃي ۽ جڏھن محبوب پڇي ته اڃا پيئندؤ؟ ته سندس جواب ھجي ھا اڃان ھڪڙو گلاس ڏيو. ھن اڃايل زمين جو به اھو حال ھو ڏاچي جيترا ڀيرا ڦيرا ڏيندي نار جا لوٽا ھاريندي پڇندي ٿي وئي اڃا پيئندؤ ته زمين جا وراڻي اھا ئي ته ھا اڃا ھڪڙو چڪر! ايتري ۾ ٽيوب ويل مشين جي ڀر ۾ لئي جي وڻ تان ڪانءُ اڏاڻو ۽ سانول يادن جي ڄار مان نڪري آيو ۽ اڳتي وڌڻ لڳو.
ھو جيئن شھر پھتو ته موٽر سائيڪلن جون شھر ۾ قطارون ھيون، شھر ۾ سوارين جي پيھ ڏسي سندس ذھن تي گامون جت جي اٺن جو وڳ ياد آيو، جنھن وڳ ۾ سندس ننڍو ڀاءُ شانو روزانو ڏاچين جو کير ڏھڻ ويندو ھو. ڪنجھي جو وٽو ساڻ ھوندو ھئس. وتندو ڏاچيون ڏھندو، کير پيئندو. ڪنھن ڪنھن مھل مست اٺ ڊوڙائيندا ھئس، ڀڄي ويندو ھو.
ھڪڙو دفعي ته ھڪڙي مست اٺ سر نيو ھئس. اچي ڊوڙايئنس. وٺي ڀڳو. اٺ پويون شانو اڳ ۾. تڏھن سانول ٻڪريون پئي چاريون. شانو کي ڏٺئين اٺ پويان اٿس، لئي جا لڪڙ وڍي ننڍيون چھنبدار ڪليون ٺاھي، اٺ کي ھنيون، تڏھن وڃي جان ڇٽي.
جڏھن گاڏين جا ھارون لڳا ٿي ته سندس دماغ ۾ گامون جت جي ڪلام “اٺ نه وڃي وڳ سان ٻڌو چري ٻور” جا پڙاڏا گونجڻ ٿي لڳا. سانول ذھن کي پابند ڪرڻ چاھيو.
ھن چاھيو پئي ته کيس يادون تنگ نه ڪن. پر شھر ۾ جڏھن ھن پنھنجي دؤر جي شين جا متبادل ڏٺا ٿي تڏھن کيس يادون ورائي ٿي ويون ۽ سانول يادن تي بيوس ٿي پئي پيو. دل تي پٿر رکي گامون جت جي وڳ جو خيال نٽائيندي ھو اڳتي وڌيو ۽ سندس ڀاء شيرل جي گھر جو رخ رکيو.
رستي تي ان پيھڻ جي مشين تي نظر پيئي. ھو نه چاھيندي به بيھي رھيو ۽ يادن وري پنھنجا ورق اٿلايا. ھن کي جنڊ ياد آيو. جڏھن صبح سوير اٿي مايون جنڊ تي ان پيھينديون ھيون ۽ سڄي ڳوٺ مان “ٺڪ ٺڪ” جا آواز پيا ايندا ھئا. سانول کي اسر ويل جھرڪين جي ”چر چر” سان گڏ اھو “ٺڪ ٺڪ” جو آواز ڏاڍو وڻندو ھو. ان کانپوءِ پنھنجي دؤر جي ٿوري ترقي ياد آئي. جنڊ جي جاء جانڊھ ولاري. جانڊھ جو قصو به نار وانگي ھو. گڏھ چوڌاري ڦريو ٿي ۽ ان پيسيو ٿي.
سانول ڀاءُ جي گھر ڏانھن وڌيو ۽ ڪجھ منٽن ۾ گھر پھتو. ڀاء شيرل سندس آجيان ڪئي.
“ادا خوش آھيو خير! ڳوٺ پھر ڏي خير!”
“ھا ادا سڀ خير. زمانو ڏاڍو بدلجي ويو آھي! ”سانول ويھاڻي کي ٽيڪ ڏيندي وراڻيو.
“ھا ادا ايئن ته آھي.” شيرل ٺھ پھ جواب ڏنس.
سانول گھڙي پل ويٺو. سندس ڀائيٽيا نڪري آيا. ھٿ ڏئي ويھي رھيا ۽ فون ۾ منھن ھڻي ڇڏيائون. سانول کي ڪچھريون ياد آيون، اوطاقون ياد آيون، مھمان اچڻ تي اھي محفلون ياد آيون، جيڪي مھمان جي مان ۾ ڪيون وينديون ھيون. حال احوال، راڳ رنگ، لطيف جا بيت، ھتان ھتان جون ٿيندڙ ڳالھيون ياد آيون. اھو سڀ ڪجھ ياد ڪندي سانول جي اکڙين مان لڙڪ لڙي آيا.
سانول ٿڌو ساھ ڀريو ۽ لڙڪ اگھي بي اختيار چئي ڏنو. ميان! ھي ته ڄڻ ڪا نئين دنيا آھي!

No comments:

Post a Comment