Monday, June 8, 2020

فرضي نالا مظھر الاسلام / ھمير گاد


فرضي نالا
مظھر الاسلام / ھمير گاد
ڪنهن شخص مون کان پڇيو؛ “اديب فرضي نالي سان ڇو لکندا آھن؟”
مون کيس چيو ته: ”محترم اوهان کي انب کائڻ سا مطلب يا ان جي وڻن کي ڳڻڻ سان.“
ان تي هو چوڻ لڳو: ”ڪڏهن ڪڏهن وڻن کي به ڳڻيو وڃي ته ڪو ھرج ناهي.“
ائين چئي اهو شخص ته هليو ويو ۽ مان فرضي نالن جي چڪر ۾ ڦاسي ويس.
مون کي بي اختيار ماضيءَ جا ڪجھ فرضي نالا ياد اچي ويا. جنهن ۾ طاهره جو نالو سرفهرست آھي. جهن پنهجي دؤر ۾ وڏن وڏن ليکڪن کي پنهنجي عشق ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ انڪشاف ٿيو هو ته طاهره هڪ مرد جو فرضي نالو آھي.


خير اهو ته ايترو مشھور واقعو هو جو ان کي ورجائڻ جي ضرورت ناهي.
هن وقت ڏسڻو اهو آھي ته فرضي نالا ڪيترن قسمن جا هوندا آھن ۽ انهن جي ضرورت ڇو پيش ايندي آھي.
فرضي نالن جو پهريون ۽ سڀ کان اهم قسم اهو آھي، جنهن جي ڪري اڪثر نوجوان پنهنجي مواد کي ڇاپڻ جي لاءِ زنانو نالا رکندا آھن. ۽ جڏهن اهڙن فرضي نالن کي تمام جلد مقبوليت ملندي آھي ته اچانڪ انڪشاف ٿيندو آھي ته هي زنانو نالو ته فلاڻي صاحب جو آھي ۽ اهڙي طرح ھو ادبي گڏجاڻين ۾ مقبول ٿي ويندو آھي. پر اڪثر ڪري سڄي زندگي، فرضي نالي سان ئي گذارڻي پوندي اٿس. جوانيءَ جي ان غلطيءَ تي تمام عمر پڇتائيندا آھن.
ان جي ڪري ئي گهڻن شاعرن ۽ اديبن جا نالا بلڪل زنانه هوندا آھن ۽ گهڻا ماڻھو ته مشاعري جي فهرست يا ڪنهن پروگرام ۾ ان جو نالو پڙھي مقرر وقت کان به پهريان پري کان اچي منزل تي پهچي ويندا آھن ۽ جڏهن گهڻي انتظار کان پوءِ اها محترمه ناهي ايندي ته هو بي چين ٿي پاسا ورائيندا آھن ۽ پوءِ انتظام سنڀاليندڙ کان پڇندا آھن ته: ”محترما شبنم نه آئي آھي ڇا.؟“ ان کي اشارو ڪري ٻڌايو ويندو آھي ته هو سامھون ويٺو آھي، محترم شبنم صاحب. ۽ جڏهن انهن جي نگاھ شبنم تي پوندي آھي، اهو شبنم صاحب آرام سان ويهي شھپرن کي سيٽ ڪندو آھي.
فرضي نالن جو هڪ اهو به قسم آھي، جنهن جو مقصد پنهنجي شخصيت کي پردي جي پويان لڪائي رکڻ ھوندو آھي. اهڙا فرضي نالا عام طور تي ٻين جي خلاف لکڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن. ۽ منهنجي خيال ۾ اهڙن نالن سان ڇپيل تحريرون لاوارث هونديون آھن ۽ ادب کي برباد ڪري ڇڏينديون آھن.
ڪجھ فرضي نالا اهڙا به هوندا آھن، جيڪي لکڻ واري جي سڃاڻپ ڪرائيندا آھن ۽ ماڻھو انهن کي ان جي اصلي نالي کان بنا ان جي فرضي نالي سان سڏيندا آھن.
۽ ڪي ته فرضي نالا اهڙا هوندا آھن جو پڙھڻ وارو سمجهي ويندو آھي ته اهڙن نالن جي پويان ڪهڙي شخصيت لڪيل آھي.
فرضي نالن جو اهو سلسلو به عجيب آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي نالا ٻين جي توجه حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ ڪڏهن ٻين جي توجه هٽائڻ جي لاءِ رکيا ويندا آھن.
ڪجھ ڏينهن پهريان هڪ عورت مون کي ٻڌايو ته؛ ”هوءَ فرضي نالي سان ان جي ڪري لکندي آھي ته جيئن ڪوئي ان کي سڃاڻي نه سگهي.“
مون ان کي چيو ته: ”محترمه لکڻ واري جي ته پهرين خواھش اها هوندي آھي ته ماڻھو هن کي سڃاڻن.“
ان تي هوءَ چوڻ لڳي ته؛ ”مان چاهيان ٿي ته ماڻھو مون کي نه سڃاڻن. مان پنهنجي تسڪين لاءِ لکندي آھيان.“
ان جون ڳالهيون ٻڌي آئون حيران ٿي ويس ته؛ هن دؤر ۾ جڏهن ماڻھو پنهنجي نالي جي خاطر ڇا ڇا نه ٿا ڪن ۽ ڪي وري اهڙا ماڻھو به آھن جيڪي نالي کي اهميت ئي نه ٿا ڏين.
پوءِ منهنجو ڌيان انهن اديبن ۽ شاعرن ڏانهن ويو، جيڪي نالي سان گڏ گڏ مقام جي لاءِ به ڏينهن رات سرگرم هوندا آھن. مون ان کي چيو ته: ”محترمه اوهان چاهي فرضي نالي سان ئي لکندا رهو پر اها ڳالھ ياد رکو...نالو ۽ مقام وڏي مشڪل سان ٺھندا آھن.“

(پنهنجي اخبار ۾، ڇنڇر ۲۳ مئي ۲۰۲۰ع تي ڇپيل.)

No comments:

Post a Comment