Monday, June 8, 2020

ٿڌڙا پير - مٺل جسڪاڻي


ٿڌڙا پير
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
ان ڏينھن ھوٽل تي وڃي ويٺس، منھنجي ڀر ۾ ٻه ھمراھه اچي ويٺا. سندن ڳالھين مان محسوس ڪيم ته اھي ننڍپڻ جا دوست ھئا، ٽيھارو سال جي وڇوڙي کان پوءِ مليا ھئا. ان ڪري، واري واري سان، سڀ پراڻيون نيون خبرون پئي ڪيائون.
انھن ٻنھي مان ھڪ دوست چيو ”يار، ڇا ته مون بلا جي شاعري ڪئي ھئي... جيڪو ٻڌندو ھو، دنگ رھجي ويندو ھو... سڀ سنڀالي ھڪ ئي ڪاپي ۾، صاف اکرن ۾ لکي به رکي ھئم، پر شادي ڪيم، اڃان ستاوڙو به ڪو نه ٿيو ھوندو، ڀايان ٿو چوٿون يا پنجون ڏينھن ھو، مون واري ڪنوار، منھنجي کيسي ۾ پيل سڀ ڪاڳر، ھڪ ڀلوڙ قلم، شادي ۾ گفٽ ٿي مليو ھو، اھو به، ۽ مون واري شاعري جي ڪاپي به، اوچتو چُلھه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيائين... پڇيومانس ڀاڳڀري اھو ڇا ڪيئي، ته چيائين دنيا جھان ۾ ٻيا به ڪم ڪار آھن يا رڳو اھا مُئي شاعري ئي ڪندو رھندين“.
مون کي اھا ڳالھه ٻڌي ڏک کان وڌيڪ کِل پئي آئي، سو ٿڌڙا پير ڏئي اٿي آيس.

No comments:

Post a Comment