Sunday, June 14, 2020

عارب واڍو - انور ابڙو


عارب واڍو
ڪهاڻي
انور ابڙو
ڪراڙي رحيمان، روز رات جو، سلطان وارن جي گهران، ماني وٺڻ ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پئسا به کانئن گهُري وٺندي آهي. سلطان جو ننڍو خاندان آهي. کيس هڪ اهڙي خانگي نوڪري آهي، جنهن مان مهيني ۾ گهر جو خرچ پورو ڪرڻ کانپوءِ به ٻه ڏوڪڙ بچي پوندا اٿس..... سادي زندگي... ڪو به فعل نه...... نه ٻيڙي، نه سگريٽ..... چانهه جي به ڪا خاص ٻاڙَ نه.....پنهنجن ٻارڙن سان خوش....اوکي سوکيءَ ۾ ڀائرن ۽ ڀينرن جو سهارو بڻجندڙ.


ڪراڙي رحيمان، سنهڙي تلهڙ، ڊگهي، منهن ۾ هلڪا گهنج پيل، مٿي کي ميندي لڳل، عمر پنجونجاهه سٺ سالن جي ويجهو. هلڻ چلڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڦڙت. سلطان، جڏهن به گهٽيءَ مان، کيس پنهنجي سڄي هٿ جي تَري تيءَ ماني رکي، کڻي ويندي ڏسندو آهي ته، کانئس ضرور سندس خيريت پڇندي چوندو آهي؛ ”ماسي خوش آهين؟“ ۽ هوءَ ”ها ابا“ چئي، کيس دعائون ڏيئي اڳتي وڌي ويندي آهي.
اڄ رات، هُن جيئن ئي اٺين وڳي ڌاران معمول مطابق، ماني وٺڻ لاءِ سلطان جي گهر جو در کڙڪايو ته سلطان پاڻ ٻاهر نڪري آيو. هن ڪراڙي رحيمان کي سلام ڪري، پوئتي ورڻ جي ڪئي ته جيئن کيس ماني آڻي ڏئي ته، هُن چيس؛ ”ابا اڄ ڪجهه پئسا به کپنمِ ٿا.“ سلطان، کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي کيس ڏنا. سلطان جي گهر واري مارئي به جيئن ته ڪراڙي رحيمان جي در کي کڙڪائڻ واري انداز کي سڃاڻي ويئي آهي، سو هن به ماني کڻي اچي کيس ڏني.
ڪراڙي رحيمان ۽ سلطان جا اصل ڳوٺَ، قاضي احمد جي ويجهو ڪچي ۾ آهن. سلطان، ڪراڙي رحيمان جو ان ڪري به خيال رکندو آهي جو هوءَ جنهن ڳوٺ جي آهي، اُتان جو استاد رشيد، ڪراڙي رحيمان جو مائٽ هئڻ سان گڏ سلطان جو، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي دوست آهي. هي ٻئي گڏ پڙهيا هئا.
ڪراڙي رحيمان، ٻارهن تيرهن سالن کان ڊکاڻڪو ڪم ڪندڙ پنهنجي پٽ عارب سان گڏ، ڪراچيءَ ۾ ابراهيم حيدريءَ ۾ اچي رهي آهي. پوئتي سندن ڪير به ناهي. عارب، ڊکاڻڪي ڪم جو وڏو ڪاريگر رهيو آهي. هيءُ ته جنڊيءَ جو به ڪم ڄاڻي. ابراهيم حيدريءَ ۾ کيس، پنهنجو هڪ ڊکاڻڪو دڪان به هيو، جتي ٽي چار ڄڻا ويٺا ئي ويٺا هوندا هئا. ڪچهريون ۽ چانهيون، پيون هلنديون هيون، پر پوءِ چرس ۽ ٻئي نشي، ان پهلوان مڙس جي جسم جي ڪاٺيءَ کي سُري جيان کائي، هڏن جي مٺ بڻائي، ڪنهن به ڪم جو نه ڇڏيو.
هاڻي هو سلطان کي مکيه بازار جي ڪنڊ تي موجود مانڊڻيءَ وٽ پيل ڪاٺ جي هڪ بينچ تي، ڪڏهن ڪڏهن ويٺل يا گهٽيءَ مان آهستي آهستي ويندي نظر ايندو هو. ڪنڌ جهڪيل. ڪلهي تي رومال رکيل... اڌوراڻا ڪپڙا پاتل.... وارَ اڻ ڌوتل... ڏاڙهي وڌيل... پيرَ ۽ چيل مٽيءَ ۾ ڀريل. اڪثر کنگهندو رهندو هو. مانڊڻيءَ وارو به ڦوڪ ڀريندو آهي. سو هي ٻئي ڄڻا سگريٽ ٺاهي پيا پيئندا هئا. عارب ته قلندر جي ميلي کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ جي موالين سان گڏجي، پنڌ ئي پنڌ وڃي لاهوت به ڪري آيو هو، جنهن ڪري سڀ سڃاڻپ وارا کيس لاهوتي چوندا هئا.
اڳ ۾ جڏهن هو نئون نئون ڪراچيءَ آيو هو ته، ايترو سهڻو جوان هو جو پاڙي وارا کيس اداڪار وحيد مراد سڏيندا هئا. رت ٽِمندڙ ويڪرو چهرو، ڀريل بت، ڊگهو قد..... يار-ويس... سلطان کي هو سدائين ”بابا...“ چئي مخاطب ٿيندو هو. هڪ ڀيري سلطان جي گهر جو پلائي ووڊ جو در مينهنَ تي، هيٺان ڳري ويو هو ته هُن کيس نئون در ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو هو. جنهن تي عارب وراڻيو هئس ته؛ ”بابا، اهو ڪڍي نئون در ٺاهي ٿا لڳايون.... سستو ٿا ٺاهيون... رڳو تون مون سان گڏ ڪورنگي جي ڇهه نمبر هل. اُتي پراڻي ڪاٺ جا ڪافي دڪان آهن.... اُتان ڪاٺ وٺي ٿا اچون.... تون به اهي دڪان ڏسي ڇڏ.... ڪمِ ايندئي.“
سلطان جڏهن پراڻي ڪاٺ جي دڪان تي ساڻس گڏجي ويو هو ته دڪاندار، کيس عارب جو سٺو واقفڪار نظر آيو هو. عارب اُتان چونڊي ٽالهيءَ جا تختا، ماپي کنيا هئا، پوءِ گهر اچي، ويهي هن کي بهترين در ٺاهي ڏنو هئائين. اهڙا هن سندس ٻه چار ٻيا به ننڍا وڏا ڪم ڪيا هئا.... کانئس ڪاٺ جو هڪ صندل به ٺهرايو هئائين، جيڪو هونئن ته ٻيا ڪاريگر ڇهه هزار رپين ۾ ٺاهي پيا ڏينسِ، پر هن ساڳي طرح ڇهه نمبر مارڪيٽ هلي، پراڻو ڪاٺ وٺي، ساڍن ٽن هزار رپين ۾ ٺاهي ڏنو هيس. ان ڪم دوران جڏهن به سلطان کانئس پڇندو هئو ته: ”ادا عارب، تنهنجا گهڻا پئسا ٿيا؟“ ته چوندو هئس: ”بابا، تو سان ڪو ليکو آ؟.... جيڪي به ڏين.... نه ڏيندين ته به خير آ بابا...“ ۽ پوءِ سلطان جڏهن کيس سندس محنت جا پورا پئسا ڏيندو هو ته هُو خوش ٿي ويندو هو.
نشي تي لهڻ کانپوءِ سلطان نه چاهيندي به کيس ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پئسا ڏيندي چوندو هو: ”ادا، ٻيلي عارب، هي نشو ڇڏ. ڪيڏو سهڻو جوان هئين. هاڻ پاڻ کي ڏٺو اٿئي.... ڇا ٿي ويو آهين.... هي نشو ماڻهوءَ جو دشمن آهي...؟“ ته ڪنڌ هيٺ ڪري، ٻانهون مٿي ڪري، ٻَڌندي، چوندو هئس: ”بابا، اڳتي نه پيئندس.“ پر ’هانئياري جي هيرَ، ٽنَگ ڀَڄي به نه مُڙي.“ واري ڪارِ هئي.... نشو هُن جي زندگي بڻجي پيو هو هاڻي. 
عارب نشي ڪرڻ سبب پنهنجو اباڻڪو واڍڪو ڪم ڪرڻ سان گڏ ٻي ڪا به محنت مزدوري ڪرڻ جي قابل نه رهيو هو. تنهن ڪري سندس امڙ مجبور ٿي، پنهنجي پاڙي جي ڪجهه گهرن مان ماني ۽ خيرات وٺڻ لڳي هئي. ان سان سندن ٽن ويلن جي مانيءَ سان گڏ ٿوري گهڻي ٻئي خرچ جو به بندوبست ٿي ويندو هو، پر عارب کي ته ماني وڻي ئي ڪو نه، سو ڪراڙي رحيمان جي لاءِ اها ماني سندس ضرورت کان وڌيڪ هوندي هئي، جنهن ڪري هوءَ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري اهي ٽُڪرَ کپائي، ٻه ٽي رپيا به حاصل ڪري وٺندي هئي. 
هاڻي ته عارب نشي پَتي لاءِ هلڪيون ڦُلڪيون چوريون ڪرڻ به شروع ڪيون هيون. هڪ ڀيري ته هو رات جو بجلي وڃڻ ويل، ڀُل ۾ يا ڏسي وائسي، سلطان جي، بجليءَ جي تارَ، جيڪا مکيه گهٽي ۾ لڳل سندس ميٽر مان هن جي گهر ڏانهن ڇڪيل هئي، ۽ جيڪا ۴۰ ميٽر کن هئي، سا ڪٽي، لاهي ويو هو. ٻئي ڏينهن تي صبح جو جڏهن پاڙي جي هڪ شخص سلطان کي ٻڌايو هو ته تنهنجي تار عارب لاهي ويو آهي ته، هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، تڏهن سڌو سندس گهر وڃي کيس، سندس ماءُ ڪراڙي رحيمان جي سامهون رڳو ايترو چيو هئائين؛ ”ادا عارب، ان تارَ جيترا پئسا اچي مون کان گهرين هان ته مان تو کي ڏيئي ڇڏيان ها... سڄي رات منهنجا ٻچا گرميءَ ۾ تڙپندا رهيا آهن!“ ته عارب سان گڏ سندس ماءُ به روئي پئي هئي. ڪراڙي رحيمان ته پنهنجي پٽ کي پِٽڻ به شروع ڪيو هو، جنهن تي سلطان کيس روڪيندي چيو هو؛ ”ماسي، بددعا نه ڏينسِ، سڌري ويندو.“
”ڌوڙِ سڌرندو ابا. ڳوٺ ڇڏي هِتي آياسين. هِتي به پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيائين...“ ڪراڙيءَ جي لهجي ۾ ڄڻ درد جون لهرون لهي آيون هيون.
”ماسي، بس الله سائين سمجهه ڏيندس.“ ائين چئي سلطان هليو ويو هو.
وبا جا هي ڏينهن، ڪراڙي رحيمان جي لاءِ اڃا وڌيڪ مصيبت بڻجي آيا هئا. رحيمان کي پاڙي جي ٽن چئن گهرن مان جيڪا ماني ملندي هئي، سا ماڻهن کيس ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي. ڇاڪاڻ جو ماڻهن ۾ اهو خوف ويهجي ويو هو ته گهر جي ڀاتين کانسواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ توڙي خيرات وٺندڙ سان رابطو نه رکجي. نه ته کين ان گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهوءَ مان وائرس لڳي سگهي ٿو. ان ڪري ڪراڙي رحيمان کي، در تي ماني ڏيڻ مان به انهن کي ڊڄ ٿي ٿيو. پر سلطان وارا کيس بدستور ماني ڏيندا رهندا هئا. سلطان وارن اهو ضرور ڪيو ته ڪجهه فيس ماسڪ ڏيندي چيو هئائونسِ ته؛ ”ماسي هي ضرور پائيندي ڪر ۽ ٿورو وٿيرڪو ٿي بيهي، ماني وٺندي ڪر.... ان ۾ ڪا به برائي ناهي...پر ان ۾ اسان سڀني جو بچاءُ آهي.....“
سلطان جي سئوٽ عبدالرحمان، جيڪو هڪ سماجي ڪارڪن آهي، ان به کيس راشن جو هڪ پاچڪو ڏنو هو. ڪراڙي رحيمان هاڻي خوش هئي.
ڪلهه ڏينهن جو ٻارهين وڳي ڌاران، سلطان جيئن ئي بازار پئي ويو ته ان کان اڳ ۾ ايندڙ آر او پلانٽ جي ڀرسان ڪجهه ماڻهن کي مُچي ڪري بيٺل ڏٺائين. هي جيئن ئي سندن ويجهو پهتو ته کيس هڪ ڪِريل ماڻهوءَ جون ڄنگهون نظر آيون..... هي موٽر سائيڪل پاسي تي بيهاري هڪ کٽڪو کڻي ان کي ڏسڻ ويو.
بيهوش پيل شخص کي ڏسي، هن کان دانهن نڪري وئي، ”اڙي هي ته عارب آهي.....“ سندس مٿان بيٺل ماڻهن مان ڪنهن به کيس هٿ نٿي لاتو... هو ڪورونا جي ڪري ڊنل هئا ته متان هن کي ڪورونا هجي.... سلطان کي ماسڪ ۽ دستانا پاتل هجن، تنهن ڪري هو ذري برابر به گهٻرائڻ کانسواءِ سندس جسم کي لوڏيندي کيس سڏ ڪرڻ لڳو... ”عارب....عارب....ادا عارب...“ هن ڪو سڏ نه ڏنس.
هي تڪڙ ۾ ڀرسان آر او پلانٽ تان پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي سندس مُنهن تي ڇنڊا هڻڻ لڳو، پر عارب بدستور بيهوش هو. سندس نبض ڏٺائين. اها هلي رهي هئي. هن ان ئي مهل ايڌي وارن کي ايمبولنس لاءِ فون ڪئي.....ڀرسان ئي موجود انهن جي مرڪز تان جلديءَ ۾ هڪ گاڏي اچي وئي.... عارب کي ڀرسان واري اسپتال پهچايو ويو....کيس اسپتال ۾ داخل ڪري سندس علاج شروع ڪيو ويو... ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ هو هوش ۾ آيو. اکيون پَٽيائين..... پنهنجي مٿان بيٺل سلطان کي ٽِڪ ٻڌي ڏسڻ لڳو.....سلطان کيس دلداري ڏيندي چيو؛ ”ادا عارب، سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.... تون گهٻراءِ نه...“ هُو تمام هلڪي انداز ۾ پنهنجي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏي سگهيو...
پوءِ سلطان وڃي ڪراڙي رحيمان کي سموري حقيقت ٻڌائي.... ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا....زبان مان ڪو لفظ نه نڪتس.... ”ماسي، جي هلو ته مان اوهان کي اسپتال ڇڏي اچان....“ سلطان جي ان آڇ تي ڪراڙيءَ چيو؛ ”جي ٻچا، مون کي هينئر ئي وٺي هل....“
سلطان ڪراڙي رحميان کي اسپتال ۾ ڇڏي، کيس وارڊ نمبر ٻڌائي، ڪجهه پئسا ڏيئي گهر آيو. اها خيراتي اسپتال آهي، جنهن ڪري هن کي ڪا گهڻي پريشاني نه هئي. اهڙي دلجاءِ هن ڪراڙي رحيمان کي به ڏني. 
ٻن ڏينهن کانپوءِ عارب کي اسپتال مان موڪل ڏني وئي، پر کيس اهو تاڪيد ڪيو ويو ته هو نشو ڪرڻ بند ڪري.... سندس گڙدن تي هلڪو اثر هو. ان جي کيس دوا ڏنائون.
هاڻي عارب نشو ته تمام گهڻو گهٽائي ڇڏيو هو، پر کنگهه اڃا هئس. ان لاءِ سلطان ڪراڙي رحيمان ۽ عارب کي وڃي چيو ته؛ ”اوجها سينٽوريم ۾ چيسٽ جو هڪ ماهر ۽ منهنجو ويجهو دوست ڊاڪٽر مظفر صاحب آهي، ان کي رڪشا ۾ چڙهي وڃي ڏيکاريو، ڇو ته لاڪ ڊائون جي ڪري ٻي ٽرانسپورٽ بند آهي. رڪشا جي ڀاڙي جا پئسا مان اوهان کي ڏيان ٿو. ڊاڪٽر مظفر کي مان فون به ڪيان ٿو..... منهنجو پنهنجو چاچو به هن وانگر نشو ڪندو هو، پر هُن کي به مون ڊاڪٽر مظفر کان دوا وٺي ڏني هئي... هاڻي هو اڳ وانگر صحتمند آهي..... ڳوٺ ۾ پنهنجي ٻني ٻارو ڪري ٿو.... عارب به اڃا جوان آهي.... وري صحتمند ٿي پنهنجي سٺي زندگي گذاري سگهي ٿو.“
“ابا، الله سائين تو کي ان جو اجر ڏيندو.... اسان مسڪينن جون دعائون اٿئي...“
”ماسي مهرباني،“ ائين چئي سلطان عارب کي چيو؛ ”عارب، يار پنهنجو ۽ پنهنجي ڪراڙي امڙ جو ڪو خيال ڪر.....اها تنهنجي غيرت آهي ته تون نشي پتي ۾ گم هجين ۽ تنهنجي امڙ پنندي وتي.... ٻيو ته اُن ڏينهن جيڪڏهن مان اتفاق سان نه اچي وڃان ها ته ائين ئي بيهوش پيو هجين ها... ڪير به تو کي کڻائي اسپتال نه پهچائي ها....ماڻهن ته ڪورونا جي ڪري تو کي هٿ به نه پئي لاتو..... سو ائين نه ٿئي جو سڀاڻي ساڳي طرح روڊ تي پيو هجين.... ۽ پوءِ....“
”بابا، بس مون سڀڪجهه ڇڏيو..... منهنجو تو سان واعدو آهي.... هاڻي ڪڏهن به نشو نه ڪندس... “
عارب جي ان ڳالهه تي سلطان ايترو خوش ٿيو، ڄڻ سندس سڳو ڀاءُ صحيح راهه تي اچي ويو هجي.
ڊاڪٽر مظفر کان دوا وٺڻ کانپوءِ، هاڻي عارب جي کنگهه گهٽجي وئي آهي. ڊاڪٽر کيس هڪ مهيني کانپوءِ وري اچڻ لاءِ چيو آهي. هاڻي عارب کي محسوس ٿيڻ لڳو ته سندس جسم ۾ ساهه پئجي ويو آهي... هو پاڻ کي ٿورو چست محسوس ڪرڻ لڳو آهي. ائين سمجهندي، هڪ ڏينهن هو گهر ۾ پيل ڊکاڻڪي ڪم جا اوزار: رندو، واهولو، ڪارائي، هٿوڙو ۽ ڪجهه ٻيا ڳولي هڪ بجڪيءَ ۾ وجهڻ لڳو. هو وري وڃي پنهنجو ڊکاڻڪو دڪان کوليندو.

No comments:

Post a Comment