Monday, June 8, 2020

سڀ ڪوڙ - جبار آزاد منگي


سڀ ڪوڙ
جديد دور جي ڪوڙي ڪهاڻي
جبار آزاد منگي
سمنڊ ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ ڏسندي معدنيات جي وڏي وزير، پنهنجي کاتي ريلوي جي سينيٽري انسپڪٽر کي حڪم ڏيندي چيو ته؛ ”موسم جي موڊ کي محسوس ڪندي، فوري طور تي شهر جي واٽر سپلاءِ جي گرڊ اسٽيشن انچارج ڊرگ انسپڪٽر کي ان ڳالھ جو پابند بڻاءِ ته گجگوڙ کان پاڻيءَ کي لڪايو يا ڍڪيو وڃي.“


ريلوي جي سينيٽري انسپڪٽر “بيڊ لڪ” چئي ريڊيو بند ڪري، جيئن ئي اخبار ڏسڻ لاءِ اسڪرين کي پنهنجي پيرن ۾ پڪڙيو ته اوچتي نيوز تي هٿ لڳي ويس! پروگرام جو ميزبان خاموشيءَ سان ٻڌائي رهيو هو ته؛ ”شهر جي واٽر سپلاءِ جي گرڊ اسٽيشن جي اٺن پاڻي جي تلائن کي گجگوڙ مان مبينا باھ لڳي وئي آهي! جنهن کي ڀڙڪائڻ لاءِ فائر برگيڊ جو پٽيوالو، ميونسپل جي صوبيدار جي اڳواڻيءَ ۾ پلال ۽ بُھَ سان ڀريل سائيڪلن سميت واقعي واري هنڌ کان چار سوُ ڪلوميٽر پري ويهي باھ کي ڀڙڪائي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري چڪا آهن! جيڪڏهن سمنڊ ۾ تيز کنوڻ نه هجي ها ته، باھ سبب پاڻيءَ جي تلائن کي مبينا وڏو فائدو رسي ها!
ٻئي پاسي شهر جا نامي گرامي ڪاسائي ڏنڊن ۽ ڪونڊن سان پنهنجي واٺي انتهائي بڇڙي اڌڙ سروٽي کي هٿيار بند ڪري، واقعي جي ڪوريج لاءِ تيار ڪري ورتو، جيڪو فارمي ڪڪڙ تي چڙهي واقعي واري هنڌ پهچڻ کان اڳ ٽائون ڪاميٽي جي واڪ ڏيندڙ ۽ ڪنڊڪٽر جي شان ۾ اوچتي خبر  هلائيندي، ستل عوام کي ٻڌايو ته جانورن جو درزي جيڪڏهن پنهنجي آفيس ۾ پنج ليٽر پيٽرول رکي ها ته شهر جي واٽر سپلاءِ جي گرڊ اسٽيشن وارن پاڻيءَ جي تلائن کي مبينا باھ هر گز نه لڳي ها!!!
اهڙي طرح هي واقعو هميشه ڪنهن کي به ياد نه رهندو.

No comments:

Post a Comment