Monday, June 8, 2020

بخت جي بازي - سيما عباسي


بخت جي بازي
مختصر ڪهاڻي
سيما عباسي
سرمد اڄ پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت سمجهي رهيو هو، ڇو ته اڄ پهريون ڀيرو ساعقه پنهنجي سيٽ تان هن کي ڏسي مرڪي رهي هئي. اها ساعقه جيڪا آفيس ۾ ڪنهن مرد سان ڳالهائڻ پنهنجي شان جي خلاف سمجهندي هئي. اڄ اها ئي ساعقه هن کي ڏسي کلي رهي هئي.
سرمد ڪم ڪندي ڪندي اوچتو پنهنجو ڪمپيوٽر بند ڪيو ۽ موبائيل تي ساعقه جو نمبر پنچ ڪيو.


“لنچ ٽائيم ٿيڻ وارو آهي، ڇا خيال آهي؟ لنچ ڪرڻ هلجي؟”
هُن ساعقه کي پنهنجي ڪيبن جي شيشي منجهان ڏسندي چيو ته هوءَ ‘اوڪي’ چئي مرڪندي هن جي ڪيبن طرف هلي آئي.
ٻئي آفيس جي ڀر واري هوٽل ۾ اچي ويٺا، بيرو لنچ جو آرڊر رکي هليو ويو، ساعقه ٽيبل تي رکيل پاڻي گلاس ۾ اوتيو ۽ سرمد کي چوڻ لڳي:
“سرمد مان تو کي تنهنجي آفر جي مثبت موٽ ته ڏني آهي پر خوف به ٿي رهيو آهي.”
“خوف... ڪهڙو خوف ساعقه؟”
سرمد سلاد جي پليٽ مان کيرو کڻي چيو؛ “اهو ته گهر وارن جيڪڏهن تنهنجي رشتي کان انڪار ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟”
“ڪهڙي ڳالهه کي بنياد بڻائي انڪار ڪيو ويندو؟ ڇا مان تو کان گريڊ ۾ گھٽ آهيان، يا ظاهري شڪل شبيهه ۾ڪارو ڪوجهو آهيان؟ يا منهنجي خاندان جو حسب نسب تنهنجي فيملي جي حيثيت سان ميل نٿو کائي؟ آخر تو کي ان ڳالهه جو خدشو ڇو آهي؟”
سرمد نهايت جذباتي انداز ۾ ساعقه ڏانهن ڏٺو، جيڪا پنهنجي پليٽ ۾ ڀاڄي ڪڍي رهي هئي، ساعقه گرهه ڀڃي پليٽ ۾ ٻوڙيو.
“آخر ان  انڪار لاءِ ڪو وڏو سبب يا دليل ته انهن وٽ ضرور هوندو نه!!؟”
سرمد هڪ دفعو ٻيھر جذبات سان مغلوب ٿي پنهنجي ڳالهه ورجائي، پر ساعقه هن جي ڳالھ تي وري به خاموش رهي.
ماني کائڻ دوران سرمد مسلسل هن کي قائل ڪندو رهيو، آخر ڪار هوءَ سرمد جي سواليه اکين جو تاب نه سهندي چئي اٿي.
“چڱو تون رشتو ته موڪل! ان ڳالهه کي به پوءِ منهن ڏنو ويندو. اهو ٻڌاءِ مون کي ڪيترو عرصو جوائنٽ فيملي ۾ رهڻو پوندو؟”
“ساعقه مان تو کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان پنهنجي والدين جو وڏو ۽ اڪيلو پٽ آهيان، مون کان ننڍيون منهنجون چار ڀينرون به آهن، انهن جي شادي به مون کي ڪرائڻي آهي. بابا جي وفات کانپوءِ وڏي پُٽَ هئڻ جي حيثيت سان جيڪي ذميداريون مون تي عائد ٿين ٿيون، تن کان مان ڪن لاٽار قطعي طور تي نٿو ڪري سگهان. سو اڳ به مان تو کي چئي چڪو آهيان ته شاديءَ کانپوءِ تو کي منهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏ رهڻو پوندو. هونئن به مان الڳ گهر افورڊ به نٿو ڪري سگهان، نه معاشي طرح سان، نه اخلاقي حوالي سان منهنجو ضمير مونکي ان شيءِ جي اجازت ڏيندو.
”بهرحال ان موضوع تي بعد ۾ ڳالهائي سگهجي ٿو. في الحال لنچ جو وقت پورو ٿي ويو آهي، سو آفيس واپس هلڻ گهرجي.” ساعقه ڪنهن قدر بي زاري مان پنهنجي واچ ۾ ٽائيم ڏسندي چيو.
“ٺيڪ آ پر اهو ته ٻڌاءِ مان رشتي لاءِ امان وارن کي ڪڏهن تنهنجي گهر موڪليان؟”
سرمد ٽشو سان هٿ اگهيا ۽ بل جا پئسا ٽيبل تي رکندي، هڪ دفعو ٻيهر سواليه نوع ۾ ساعقه ڏانهن ڏٺو۔
پر ساعقه ان جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪرسي تان اٿي کڙي ٿي. سرمد بيري کي بل پيمنٽ ٿي وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ به هن جي تقليد ڪندي اٿي کڙو ٿيو.
ان ڳالھ کان پوءِ ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ڄڻ لاشعوري طور تي ڪا سرد مهري اچي ويئي هئي. سرمد پوءِ به ساعقه کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر هُن جي ساڳي رٽ هئي ته گهر الڳ وٺي ڏيندي ته مان گهر وارن کي ان شادي لاءِ قائل ڪري سگهندس نه ته مشڪل آهي.
ساعقه جي طرفان بلڪل مايوس ٿي آخر هڪ ڏينهن سرمد پنهنجي طور تي همٿ ڪري پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي سندس گهر رشتي لاءِ موڪليو.
ساعقه جا گهر وارا نهايت سلڇڻا ۽ سمجهدار پئي نظر آيا. رشتي جي حوالي سان پڻ ساعقه جي چوڻ جي برخلاف انهن جو ردعمل پڻ خوشگوار رهيو. هن جي گهر وارن طرفان ڪا به ڊمانڊ نه ڪئي ويئي هُئي. نهايت پُر تڪلُف ميزباني ڪرڻ کانپوءِ انهن کي ڪجهه ڏينهن بعد جواب وٺڻ جو چيائون. هن جي گهر وارن کي به ساعقه بي حد پسند آئي هئي۔
پنهنجي گهر وارن جو اطمينان ڏسي سرمد پڻ مطمئن ٿي ويو. پر هن جي اها تشفي، عارضي ثابت ٿي.
ٻي ڏينهن تي بريڪ ٽائيم ۾ ساعقه ناراض ناراض، هن جي ڪيبن ۾ هلي آئي.
“يار حد ڪر ڇڏيئي، مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ تو کي پنهنجي گهر وارن کي رشتي لاءِ نه موڪلڻ گهربو هيو.”
“ساعقه مون کي اندازو هيو ته تون ڪاوڙجي ويندينءَ پر مون وٽ ٻيو ڪو چارو نه هيو، مان ڇا ڪيان ها؟ تون معاملي کي اڳتي واڌائڻ لاءِ تيار ڪو نه هئين. هوڏانهن امان روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ جي تصوير ڏيکاري مون کي شادي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي پئي هئي. هوءَ به هاڻي منهنجو انڪار ٻڌي ٻڌي، ٿڪجي پئي هئي. سو مان اهڙي صورتحال ۾ اهو ئي فيصلو وٺي سگهيس. پليز ناراض نه ٿيءُ. منهنجي والده نهايت معاملا فهم عورت آهي. تو کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي اٿس. شادي کانپوءِ تون نوڪري ڪرين يا نه ڪرين سا به تنهنجي مرضي رهندي. پليز ڪاوڙ ڇڏ. اهو ٻڌاءِ ته تنهنجا گهر وارا ڇا ٿا چون؟ ڀيڻ ٻڌائي پئي؛ تنهنجي گهر وارن جو رويو، انهن سان تمام سٺو رهيو. لڳي ته ڪو نه پيو هو انڪار ڪندا؟”
”سرمد هو انڪار ڪندا نه! پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو آهي.” ساعقه تيز لهجي ۾ پنهنجي سرد مهري ۽ بي زاري کي برقرار رکندي چيو.
“پر انهن ته ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هيو!” سرمد احتجاجي اکين سان هن ڏي ڏٺو.
“نه... نه! انتظار ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪونهي، انهن مون کي رات گهرايو هو، تنهنجي حوالي سان ڪجهه پڇا ڳاڇا ڪري آخر انڪار ڪري ڇڏيو.” ساعقه هن ڏانهن اکيون چورائيندي پنهنجي هٿ جي نيل پالش کي ڏسي جواب ڏنو.
“پر ساعقه تو کي انهن کي قائل ڪرڻو هيو. آخر ان انڪار جو انهن  ڪو ته سبب ڄاڻايو هوندو؟” سرمد جذباتي ٿي تيز آواز ۾ چيو.
“ها ساڳيو سبب ته تون مون کي الڳ گهر وٺي نه ڏئي سگهندين.”
“پر منهنجي گهر وارن کان ته هنن ڪا اهڙي گُهر ڪو نه ڪئي هئي.؟“ سرمد جي اکين ۾ احتجاج اوتجي آيو۔
“انهن سان ڀلي نه ڪن، گهر وارن مون سان ڊسڪس ڪيو هيو. جنهن تي مان انهن کي تنهن جي جواب جي آگاهي ڏني. تنهن کانپوءِ انهن انڪار ڪري ڇڏيو آهي.“ ساعقه چيو. پر ان جو ڪنڌ بدستور پنهنجي نَنهن ڏانهن جهڪيل رهيو.
“سچ ٻڌاءِ ساعقه! اهو تنهنجو فيصلو ته ناهي؟”
سرمد جو آواز ڏک ۽ صدمي وچان لرزڻ لڳو ۽ هو غور سان هن جو چهرو تڪڻ لڳو.
“نه...! اهو منهنجو فيصلو ناهي، گهر وارن جو آهي، ۽ مان گهر وارن جي فيصلي خلاف نه ٿي وڃي سگهان.”
ساعقه سرمد جي اکين ۾ ڏسڻ کانسواءِ تيز لهجي ۾ چيو ۽ هن جي ڪيبن مان نڪري آئي.
ڇهن مهينن کانپوءِ، سرمد خاموشيءَ سان شادي ڪري ڇڏي. ڇوڪري هن جي گهر وارن پسند ڪئي هئي. مريم هن جي لاءِ نهايت سلڇڻي زال ثابت ٿي. جهڙي شڪل شبيهه ۾ خوبصورت هئي، تهڙي اخلاق ۾سهڻي هئي. سرمد، ساعقه کي وساري نهايت خوش ۽ مطمئن زندگي گذارڻ لڳو. اها شادي هن جي نوڪريءَ لاءِ پڻ مبارڪ ثابت ٿي ۽ هن جو پروموشن ٿي ويو. ان دوران ساعقه وڌيڪ بهتر نوڪريءَ جي تلاش ۾ ڪنهن ٻيءَ ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي ته سرمد اڃا مطمئن ٿي، ساعقه جي طرفان بلڪل لاتعلق ٿي ويو.
ان ڏينهن هو آفيس جو ڪم ڪار اڪلائي اُٿڻ جو سوچي ئي رهيو هو، سرمد جو ڪوليگ ياور هن وٽ اچي پهتو، ياور تجسس ڀريل انداز مان محسوس ٿي رهيو هيو ته هن وٽ ڪا اهم خبر آهي.
“يار ڪالهه هڪ شادي ۾ پنهنجي پراڻي ڪليگ ساعقه سان ملاقات ٿي، هُن ته شادي ڪري ڇڏي آهي.”
“اڇا...!؟”
سرمد هڪ لفظ جو تبصرو ڪيو ۽ پنهنجي اندر ۾ بي نانءُ بي چيني محسوس ڪرڻ لڳو.
“خبر اٿئي ڪنهن سان شادي ڪئي اٿائين؟” ياور پنهنجي لهجي ۾ وڌيڪ تجسس ڀريو.
“نه تون ٻڌاءِ؟ ڪنهن سان ڪئي اٿنئين؟”
“هتان ڇڏي وڃي جنهن ڪمپني ۾نوڪري ڪئي هيائين، ان ڪمپني جي باس سان... ۽ مزي جي ڳالهه ته هن جو مڙس ضرور هن جي پيءُ جيتري عمر جو رهيو هوندو. ساعقه سان سندس ٻي شادي آهي، جوان ٻارن جو پيءُ آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته هو ساعقه سان گڏ به نه رهندو آهي. ساعقه جي فرمائش تي هن کي ڪلفٽن ۾ هڪڙو بنگلو وٺي ڏنو اٿائين.”
ياور، سرمد جي چهري ۾ ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڌيڪ چوڻ لڳو: “پر يار اها شادي ڪهڙي شادي ٿي؟”
“ان ڏينهن به ان شاديءَ ۾ هوءَ مڙس کانسواءِ، اڪيلي نظر آئي.”
ياور ڳالهائيندو رهيو ۽ سرمد قسمت جي ڪيل فيصلن تي مطمئن انداز ۾ مرڪندو رهيو، هو يقينن پنهنجي بخت جي وڏي ۾ وڏي بازي کٽي چڪو هيو.

No comments:

Post a Comment