Saturday, June 13, 2020

آخري ٽُٻِي - فقير محمد سنڌي


آخري ٽُٻِي
ڪهاڻي
فقير محمد سنڌي
زندگيءَ جي گھڻي جفاڪشيءَ کان پوءِ، هن جي پاڙي ۾ جڳھ ملي هئي. پهرئين ڀيري ئي پاڙي ۾ هن تي نظر پئي هئي. جھڙو ھو قداور، تھڙو ئي محلي ۾ خاص ۽ اخلاقي مزاج ماڻھو به ھو. ماڻھو ھن جي تعلق رکڻ کي، ڀاڳ جي نشاني سمجھندا ھيا.  
اھي محرم جا ڏينھن ھجن. جڏھن مان ھڪ پاڙي کان شفٽ ٿي، ھن جي پاڙي جي ھڪ گهر ۾ اچي، سندس پاڙيسري ٿيس. زندگيءَ جا ڏينهن گذرڻ لڳا. ظاهر ڳالھ آھي پاڙيسري ۾ ڪم پوي ئي پوي. ھڪ دفعي  گھر وارن چيو؛ ”موٽر پاڻي ڪو نه ٿو ڏي. ڏسي اچو ڪو مستري!“


جيئن گھر مان نڪتس ته ساڳئي چوڪ تي قدآور احسان به ملي ويو. ھن سان سمورو حال احوال اوريم ته چيائين: ”تنھنجو مسئلو حل ٿي ويو. ٻيو حڪم ڪر!!“
”واقعي!“ چيم؛ ”مان اجايو پئي پريشان ٿيس!!“
”اسان جي ھوندي تون فڪر ڪرين. باقي اسان تنھجي ڪھڙي ڪم اينداسين!!“
مان ھن جي ساٿ واري اظھار تي ڏاڍوخوش ٿيس. سوچيم؛ ”اڃا ماڻھپي وارا ماڻھو زندھ آھن. اڃا انسانيت جيئري آھي. جنھن تي فخر ڪري سگھجي ٿو!!“
”سرتاج! ڇا پيو سوچين؟“ مون کي خيالن ۾ گم ڏسي ھن آٿت ڏيندي چيو؛ ”پاڙو نبين کي به پيارو آھي. ڏکئي وقت ۾ ھڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ گهرجي! “
”ڏسئون ٿا تنهنجي موٽر کي ڪھڙي ڀوانٽي ٿي اٿس... بس ڪيونس ٿا ڪليئر....! “
پوء جيئن هن چيو ۽ اهڙو ئي ڪم ڪري ڏيکاريائين. موٽر ٺاھيندي چيائين؛ ”ادا هيءُ موٽر به منهنجو لڳل آهي. ٻئي مستريءَ کان ٺهندو به مشڪل. ڏکي جڳھ تي لڳل آهي. منهنجو به گھڻو دماغ خراب ڪندو آهي. پر ڇا ڪجي ابا پاڙو آهي!!“
ائين ئي پاڙي ۾ هن سان ويجهڙائپ شروع ٿي. بس جھڙو هيس نالو احسان، تھڙي نموني سان سڄي محلي جي ڪم اچڻ وارو شخص ھو. هڪ ڏينهن محلي ۾ ڪو ئي پاڙيسري  پيرسن رب کي پيارو ٿي ويو. صبح سان احسان جو در کڙڪيو؛ ”ابا جاني جي ڏاڏي رضا الاهي ورتي آهي. مقام تي ڪير ڪير هلندو سامي کڻڻ لاءِ!“ احسان چيو.  
”بابل، مور ۽ مان ڪافي آھيون. باقي ٻيو بندوبست ڪيو. رڳو بابل کي چئو ته ڪوڏر کڻي ۽ ڪڇ ڪري اچي. مان تيار آهيان...!!“
ٽي چار ڏينهن گذريا. ڏسان احسان ساڳئي چوڪ تي بيٺو هو پر صفا پريشان، بيچين. ھن جي پريشاني مون کي به پريشان ڪري وڌو.  
”احسان خير ته آهي؟... ڇا ٿيو آ....؟ ايترو پريشان ٿو نظر اچين؟؟ ڪجھ ٿيو آهي ڇا....؟؟؟“
”نه ٿيو ته ڪجھ به ڪونھي!“
”پوءِ باقي پريشان ڇو آهين....!“ ”يار هڪ ڳالھ آھي، جيڪا دماغ مان نڪري ئي ڪو نه ٿي. ٽي راتيون گذريون آهن، ننڊ ئي ڪونه ٿي اچي. ڇا ڪيان؟“
”ٿيو ڇا آهي.....!؟“
”ان ڏينهن جانيءَ جو ڏاڏو گذاري ويو ھو نه ...!“
”ها اهو ته رب کي پيارو ٿي ويو، پوءِ ان کي... !!“
”ان ئي ته پريشان ڪيو آهي.“
”پريشانيءَ جو سبب آھي ڇا؟ “
”تون هن پاڙي ۾ نئون آهين، ان ڪري شايد تو کي خبر نه ھجي... جيڪو به هن پاڙي ۾ گذاري ويندو آهي. ان جي سامي مان مفت ۾ کڻندو آهيان. ان عمل کي پندرهون سال آهي.  تقريبن جڏهن جانيءَ جي ڏاڏي جي سامي لاءِ قبرستان پهتاسين. سوچ ويچار ڪيوسين. هڪڙي هنڌ زمين بلڪل هموار هئي، پر ڪانان ۽ ڊڀ هئا. زمين صاف ڪري، ڪڇ ڪيم.  جيئن ئي مان ڪوڏر جو پهريون لپو هنيو ته خوشبو اچڻ لڳي. مان وري اهو سمجهيو ته هتان گلن جون گاڏيون ڀرجي وينديون آهن، ٿي سگهي ٿو روڊ تان ڪنهن گاڏي گذر ڪيو هجي. خير مان پنهنجي ڪم سان لڳي ويس. بابل ۽ مور به مون سان گڏ هئا. سامي تيار ٿيڻ تي هئي ته مان اڃا ڪوڏر جو ڪم ڪري رهيو هئس ته مون جيئن ئي وڌيڪ لپا هنيا ته منهنجي ڪوڏر ائين محسوس ڪرايو ڄڻ ڪنهن ڪاٺ جي ڦٽي ۾ لڳي ھجي. ڪوڏر مان هٿ ڪڏيم ۽ اتي هٿ هڻڻ شروع ڪيم ته ڇا ڏسان واقعي ڪاٺ جو ڦٽو آهي. سوچيم ٿورو ٽڪرو هوندو ڪڍي صاف ٿو ڪيانس، جيئن ئي ڦٽو مٿي ڪيم، هيٺ لاش هيو. بابل ۽ مور کي سڏ ڪيم؛ ’هتي ته لاش پوريل آهي! خوشبو به ڪمال جي آهي.‘ بابل ۽ مور چيو؛ ’قبر کي بند ڪرڻ گهرجي.‘ پر منهنجو ضد هيو ته ان قبر واري جو منهن ضرور ڏسندم. پر بابل ۽ مور، مسلسل انڪار ڪري رهيا هئا. ڀرسان جيڪا آبادي هئي انھن کان به گھڻو پڇيو؛ ’هيءَ قبر ڪنهن جي آهي؟‘ ڪنهن به ڪو نه ٻڌايو. قبر جيئن هئي ان کي اھڙيءَ طرح سان بند ڪيوسين. اها ڳالهه مون کي بار بار ياد ٿي اچي ۽ طبيعت ۾ عجيب بيچيني ٿي ٿئي.“
ان ڳالهه کي به ٻه اڍائي سال گذري ويا. احسان ميلن جو شوقين ۽ تارو به ڪمال جو هو. ڪينئال ۾ وهنجڻ، هن جي پتي ئي نه پوندو هو. چوندو هو؛ ”وهنجڻ ته دريا جو. ڪئنالن ۾ ٻار وهنجندا آهن.“
اھو خميس جو ڏينھن هجي. احسان جي سنگت، سچل سرمست تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو.   جنھن ۾ پنج دوست ٿيا. مون کي به احسان سلهاڙيو:
”هلندين سچل سائينءَ تي! رات جو مڏ ڳوٺ ۾ رهنداسين. صبح جو  دريا ۾ وهنجي، هلبو سچل سرمست تي.“
”يار مان ڪنھن ضروري ڪم سان ٻاهر ويندس. ان لاءِ هلي ڪو نه سگھبو. اوهان چڪر ڏئي اچو.!!“
اھو جمعي جو ڏينهن ھو. صبح جا ۱۱ مس ٿيا ھيا. اچانڪ پاڙي ۾ رڙيون پئجي ويون.  آواز آيا؛ ”احسان ٻڏي ويو!“
”ڇا!“ مون کان دانھن ڪري وئي. دل تسليم ئي نه ٿي ڪيو ته؛ ’احسان ٻڏي مري سگھي ٿو.‘
”اھو سڀ  ڪجھ ڪيئن ٿيو؟ “ مان ڊوڙي وڃي معاملي جي جانچ ڪئي.  
ٻڌايائون؛ ”مونڀڻ پير جي ڀرسان واري پتڻ تي ڪجھ معصوم ٻارڙا درياءَ جي ڪناري تي وھنجي خوشي ملھائي رھيا ھيا. اوچتو ان ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا. جڏھن احسان اھو منظر ڏٺو ته رھي نه سگهيو. ھن ٽپو ڏئي، ٻڏندڙ ٻارڙن کي بچائڻ چاھيو ...پر درياءَ جون تيز لھرون، ستن ٻارڙن سان گڏ ھن کي به لوڙھي ويون ...!!“
مون کان دانھن نڪري وئي.  چيم؛ ”احسان! تنھنجي آخري ٽٻي، معصومن سان گڏ تنھنجي حياتي کي به نه بچائي سگهي. اسان ۽ سموري پاڙي وارن کي تنھنجي سخت ضرورت هئي. تون موٽي اچ يار!!“


(فقير محمد سنڌي؛ ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ريڊيو ڪمپيئر سان گڏ و گڏ صحافي ۽ مضمون نگار به واھ جو آهي، جنهن ٿورو ئي عرصي ۾ اسان جي سنڌي ادب ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي آھي، جنهن جي شاهدي سندس قلم سان سرجيل لکڻيون روزانو ڪنهن نه ڪنهن اخبار، مئگزين، رسالي، جي سونهن بڻجنديون رهنديون آھن، جيجل ”سنڌ“ سان عشق به ھر ويلي  سندس ڳاڙهين اکين مان چٽو پٽو ظاهر نظر ايندو آھي ۽ پاڻ کي سنڌ جو عاشق سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آھي، فقير محمد ٿوريون ڪهاڻيون لکيون آھن پر تمام شاندار ڪهاڻيون لکيون آھن، جن اسان جي سماج جا اڻ ڇھيل موضوعن جا عڪس نظر اچن ٿا ... ضراب حيدر)

(فيسبڪ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment