Monday, June 8, 2020

آخري داءُ - نصرت چانڊيو


آخري داءُ
ڪهاڻي
نصرت چانڊيو
هيءَ به منهنجي سنڌ آهي، جنهن جي اولھه ۾ سج لهي ويندو آهي. خبر ناهي اِهو سج، هن ڳوٺ مٿان گذرندي، جلدي اکيون ڇو ٻُوٽي ڇڏيندو آھي. ڳوٺ سئو سوا گهرن  تي مشتمل آھي. هتان جا ماڻهو ڪي ٻيا به ڌنڌا ڌاڙيون به ڪن ٿا، پر سندن  مکيه ڌنڌو جُوا کيڏڻ آهي. اِها عادت چئجي يا بڇڙائي جنهن کي هو پاڻ وندر چوندا آھن. تاس جي پتن کان ويندي گڏھن جي گوءِ ۽ تترن جي گهڻي ٻولڻ تائين ھر ڳالھه تي شرط رکندا آھن. روڊ جي ڪھڙي پاسي کان گهڻيون ڪرولا گاڏيون لنگهنديون، يا بجلي اچڻ ۽ وڃڻ جي ٽائيم تي به سَٽو ھڻندا آھن. گهر گهاٽ جي ڳڻتي ته ٺھيو، پر ماني ٽڪيءَ کان به لاپرواه! گهر ۾ ايندا ته سندن پيٽ به ايئن خالي ھوندا آھن، جيئن سندن اکيون حيا ۽ شرم کان خالي ھونديون آھن. سڀئي پلو آجا ڪري يا پوتڙن جا وَرَ ڍرا ڪري پوء گهرن ۾ داخل ٿيندا آهن. ڪڏهن کَٽي به ايندا آهن ته به مِرون ٿي ئي موٽندا آھن، سڄي ڏينھن جي لنگهڻ سبب ڇتڪُتائيءَ ۾ پنھنجي ٻچن کي پيا ڏاڙھيندا!


انهن ماڻهن منجھان، هڪ ماڻهو شمون به آهي. جنهن آڌياري مينهن وڪڻي، قبرستان جو پاسو وٺي، سوين خيال پئي ويِڙهايا ته آخر هو، هنن پئسن مان هاڻي ڇا ڪندو؟ ڌيءُ لاء زيور ٺِھرائيندو؟ زال لاءِ وڳو وٺندو جنهن جي وڳي مان هٿرادو ٽوپي وارا سڳا به ساھ ڇڏائي ويا آهن. وري کيس دڪان واري جي اوڌر ياد آئي، پر هُن پنھنجي اڻڀي ۽ کھري ٻوٿ تي هٿ گُهمائي سوچيو هنن ٽيهن هزارن مان هو ڇا وٺندو؟ ڪهڙا قرض لاهي ڪهڙا لاهيندو! ڌيءُ اڃان ننڍي آھي، وڏي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن کي کُٽِي کڻندي ۽ سڱ گُهرڻ ايندو پاڻھي ڏاج جا پئسا به ڏيندو، سون به ٺھرائندو ۽ لَٽو ڪپڙو به پاڻ وٺندو، مان ڇو هرو ڀرو ٽينشڻ کڻان. وري کيس ريچڪ اچي چڙهيو ته جُوا جي ٽڪريءَ تي وڃي ٿو ويھان ۽ پئسا واڌيءَ تي ٿو هلايان، ٽيھن مان چاليھه ٿو ڪيان ،سڀاڻي پنجاهه، اِهو سوچي، هو جُوا جي اڏي ڏانهن وڌيو، جتي ڇڪا پئي ڇڻڪيا. هزار آيا پئي، ھزار ويا پئي. نوٽن جي تڪڙي وار ڦَير ڏسي، هن جي ذهن ۾ جلدي سڀ پاڻ ڏي سورڻ ۽ ڌڪ سان امير ٿيڻ جي خواهش جاڳي پئي. مٿي تي ويڙهيل انگوڇو لاهي، سندرو ٻڌي، پنهنجي مڙي ويل شِھپرن کي سڌو ڪيائين. هن سامھون رکيل جڳ تي نظر وڌي جنهن ۾ ڳاڙها، ساوا ۽ نيرا نوٽ هن جي ذهن تي سوار ٿي ويا.
سدوري اچي ڪلهي تي هٿ رکي چيس؛ “اڙي ڪنگلا! ڇا ٿو سوچين، تنھنجي گاڏيءَ کان گاھ گهڻو آھي! ڳالھه تنهنجي وس کان چڙهيل آهي! وڃي مال جي سار سنڀال ڪر، سويل ئي وڃي ڪو گاهه پٺي جي ڪر.”
سدوري جا لفظ، هن جي  سوچ جي تپايل لوھ تي مُجن لوھار جي ھٿوڙن وانگر وڄڻ لڳا. پوتڙي جا ور کولي، هزار هزار جا نيرا نوٽ ڪڍندي چيائين؛ “ڏس، ڪير آ ڪنگلو سدورا! ٻڌاءِ تون يا مان؟”
سدوري جي واڇ ئي گودو ٿي وئي ۽ هو شمونءَ جي پئسن کي گهر ۾ ويٺل ڪنھن جواڻ جماڻ ڌيءُ جي پيءُ ڏانھن کنيل نھار واري انداز سان ڏسڻ لڳو. سدوري داءُ کيڏندي، نڪ ۽ ڪنن تي آڱر ڦيري سنگت ۾ اعلان ڪيو ته ’ادا اڄ مون کي ڏوڪڙن ۾، شمون ملھه ماري ويو، مان جائي به ڪنگلو ۽ شمون مون کان ٻه ھٿ اڳتي نڪري ويو.‘
سڀئي متوجهه ٿيا ته شمونءَ وات ۾ ٻوڙي، آڱر کي گِگَ سان آلو ڪري، نوٽ ڳڻڻ شروع ڪيا، “ھڪ، ٻه، ٽي...ھي پورا ٽيھه!! اٿئي ايترا پئسا؟”
سدوري پَٽَ تي ويهي گيسي ڪئي ۽ چيو؛ “ادا منهنجي ته ڇا، پر منهنجي وڏن جي به گيسي. مان توبنھِن ڪئي جو اڳتي تنهنجو نانءُ به کڻان!”
رموءَ، شمونءَ کي موج ۾ ڏٺو ته اچي ڀاڪر پائي مليس؛ “واهه جي مَروان سان ڪئي اٿئي، جي مڙس هوندو ته هفتو ٽِڪريءَ تي نه ايندو.”
نعرا لڳي ويا، شمون اندر ۾ گد گد ٿيندو رهيو.
سدوري داءُ کيڏيو؛ “مون وٽ هيترا پئسا هجن ته هنن سڀني کان بوڇڻ ڇنڊرائي ڇڏيان، وڃي زالن کي سلام ڏين.”
رموءَ لاڳ ڏنس؛ “واقعي سچو آهين. رَمنَ!”
شمون ڪَتِري هنئي؛ “ادا! مون وٽ آهن آڌياري مينهن جا پئسا، سو جي ڪنهن کي وياج تي گهرجن ته مان حاضر، باقي اھو ڇڪو ته آ قسمت واري جو، سو جنهن جا نصيب!”
رمونءَ اک ڀڃي جواب ڏنس؛ “اڙي شمون! اڄ تنهنجو ڏينهن آهي، اڄ تنهنجون ٻئي تريون سونيون آهن، جيئن چوندين، اڄ اوئين ٿيندو، زندگيءَ ۾ ڀاڳ هڪ دفعو ساٿ ڏيندو آهي، پڪ اڄ تنهنجي قسمت چوٽ تي آهي. هيءُ وٺ ڇَڪو ڦيراءِ، ڀل پڪ ڪر، جي ڇَڪو نه پوي ته مان ڪَنُ ڪٽرائيندس.”
شمون به توائي ۾ داڻن کي دٻيءَ ۾ وجهي جُوھَ ڀري سدوري کي ڏٺو ۽ داڻو اُڇلايو ته ڇڪو پئجي ويو نعرا لڳي ويا. ته شمون وائڙو ٿي ويو ۽ سدوري جا لفظ دماغ ۾ ڦرڻ لڳس، ’زندگيءَ ۾ ڀاڳ هڪ ڀيرو ساٿ ڏيندو آهي. سج لامارو ڏنو ته شمونءَ جي قسمت به لامارو ڏنو، آخري ھزار جو داءُ هليو ته اڄ به سج جلدي اکيون ٻُوٽي ڇڏيون، ڳوٺ تي رات ۽ شمونءَ جي قسمت تي اوندھ اچي وئي. شمون ٿيڙ کائي بيٺو، ته سدوري نعرو ھنيو ’سخي لال قلندر هو....‘
شمون توائي ۾ گهر موٽيو، سڌو وڃي ٽين جي پيتيءَ مٿان بيٺو، جنهن جا انجيس ٽوڙي، پيتيءَ ۾ رکيل دٻي جو ڍڪ کوليائين، جنهن ۾ گھرواريءَ کي پاڙي اوڙي مان مليل ڀرت جي سامان ۽ رلين ۽ ڌاڳن جا پئسا پيا ھئا، هن جلدي ۾ دٻي کي اونڌو ڪيو ۽ گھرواريءَ جي پيڪن ۾ وڃڻ جو فائدو وٺندي، پوئين پير واپس موٽيو.
اوندھ هجڻ سبب هن پنجاھ روپيا ڪڍي پئٽرول جا سدوري کي ڏنا ۽ پرائي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪرائي، ان جي ھيڊ لائيٽ جي روشنيءَ تي وري جُوا شروع ڪئي، پر قسمت وري به سندس ساٿ نه ڏنو، کيس ڍڪر اچڻ لڳا صبح جو گهران نڪتل جڏهن پيٽ ۽ کيسو خالي محسوس ٿيس. گوڏن تي هٿ رکي، اُٿڻ جي ڪيائين، پر چڪر کيس گهمائي لاٿو ۽ ٻوٿ ڀر وڃي ڪريو، سدوري ۽ رمون کيس سهارو ڏئي اُٿاريو، پاڻي پياري ۽ ڪلهن کي زور ڏنائونس. هن کي عاشل ياد اچڻ لڳي، صبح هن جڏهن مينهن جي پئسن وٺڻ جو ذڪر ڪيو ھئو ته عاشل کيس ڳچيءَ ۾ ننڍڙيون ٻانهون وجهي چيو هئس، “بابا مون کي اسڪول جي مس روز دڙڪا ڏئي ٿي، ته ڪاپيون کڻي اچ، بابا! اڄ ته منهنجون ڪاپيون وٺي اچجانءِ، هڪڙي پِڪَ گاڏڙ چمي سندس ڳل تي ڏني ھئائين. شمون، پنهنجي ڳل تي ھٿ ڦيري ٿو، جيڪو کيس اڃان به ڄڻ آلو لڳي ٿو، هو صفا وٺجي وڃي ٿو.
هن ٻانهُن ۾ مُنهن لڪائي رڙيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نڙيءَ سندس ساٿ نه ڏنو.
موت جي بستر تي جيئڻ جي تمنا ايتري زور ناھي ھوندي، جيتري، ھارايل جُواريءَ جي ٻيھر کٽڻ جي آس. وري اوچتو خيالن ۾ ڪا کنوڻ چمڪيس. ذهن ۾ سدوري جا لفظ ڦرڻ لڳس؛ ’زندگيءَ ۾ ڀاڳ ھڪ دفعو ساٿ ڏيندو آهي.‘
ھن جون اکيون چمڪڻ لڳيون، ھن رمونءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو؛ “مان آخري داءُ کيڏندس.”
“اڃا ڪهڙو داءُ کيڏندين؟” رمونءَ ٺٺول واري انداز ۾ وراڻيس.
“عاشل جو داءُ، جنهن جي چمي منهنجي ڳٽي کي آلو ڪيون، بيٺي آهي. مَنَ انهيءَ جي قسمت ۾ موٽ کاوان، اِھو داءُ لک روپئي جو هوندو. يا مان ٻيڻو مورُ پاڻ ڏي موٽايان يا عاشل جو ھٿ تنهنجي هٿ ۾ ڏيان.”
لک روپئي جو داءُ وڏو ھئو، سڀئي مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيا، شمونءَ جي حوصلي جو ھرڻ کن پل ۾ شينهن ٿي ويو. چوڌاري چپ ٿي وئي. پر ماٺ جي ھڪ مختصر وقفي کان پوءِ رموءَ به ساڳي جرئت سان چيو،
“ھا پُٽ! تو به ٻارن سان ٻوليون ڪيون آهن،  ٺيڪ آھي تخت يا تختو،  اِڌر يا اُڌر!”
رمونءَ ڇَڪي واري دٻلِي کنئي ته شمونءَ ٻانهن ۾ هٿ وڌس.
“داءُ مان ھڻندس.” شمونءَ ڇڪي کي دٻيءَ ۾ وجهي لوڏيو ۽ اکيون ٻوٽي داءُ اُڇليو.
سڀئي چُپ ھئا، کيس لڳو ته ڇڪو پئجي ويو. پر ڇَڪو پوڻ بدران، شمونءَ جو ڇڪو ڇڏائجي ويو ھئو. ھن اکيون کوليون ھيون ۽ پوءِ وري بند ڪري ڇڏيون، جو اڳيان ڪاريءَ وارا ڪک هئس.
هُو بند ٿيل اکين سان ٿيڙ کائيندو، ڪسيءَ جي ڪپر تي چڙهيو. کيس خبر ئي نه پئي ڀر ۾ پلال جي کري ۾ وڃي ڪريو. هٿ ۾ پَنَ جي ٻِيڙِي دُکيل هئس، ڏسندي ئي ڏسندي کَرو باھ جي ڀڀڙن سان ڀڙڪي اُٿيو.

No comments:

Post a Comment