Monday, June 8, 2020

اھو اجنبي - سومرو شبير


اھو اجنبي
راجن مڱريو جو ڪھاڻي ڪتاب جون ڪجھ نوٽ ڪرڻ جھڙيون ڳالھيون
سومرو شبير
راجن اڄ جو ناميارو ڪھاڻيڪار آھي. مون کي خبر آھي ته ھو شاعر به آھي، پر شاعر تي ڪھاڻيڪار حاوي آھي. راجن جي ھن نئين مجموعي “اھو اجنبي” ۾ کوڙ سارا موضوع آھن ۽ مون چاھيو پئي ته ھر موضوع تي لکان پر ائين ڪرڻ سان مون کان تبصرو لکڻ بجاء مھاڳ لکجي وڃي ھا.


سو مختصرن ھي ته راجن ڪجھ ڪردار به گھڙيا آھن، جيڪي ڪھاڻيء جي دنيا مان گم ٿي ويا ھئا. جيڪا ڪھاڻي پڙھو ته ڪردار جي حوالي سان فارملٽي پوري ڪئي وئي ھجي، پڙھڻ کان پوء ياد ئي نه رھن. راجن مظبوط ڪردارن واريون ڪھاڻييون لکي، مظبوط ڪردارن ۽ ڪھاڻين کي زندھ رکيو آھي. جيئن “ٽٽل ٻانھن.... فليش بيڪ“.
ھيءَ ڪھاڻي جرئت ظاھر ڪري ٿي. ھڪ مظلوم ۽ ھيڻي ڪردار کي جرئتمند بڻائڻ ھڪ سٺي ڪھاڻيڪار جو گڻ آھي. بالي اھڙو ڪردار آھي جيڪو پنھنجي لاپرواھ مزاج جي ڪري زبان ۾ به ڇوٽ آھي ۽ اھڙا ڪردار ڪڏھن ڪڏھن اھڙو ڪجھ ڪري وجھندا آھن جنھن سان ھلندڙ زماني کي ڌوڏو اچي ويندو آھي، ڀلا ڪنھن ٿي ڄاتو ته پنھنجي دؤر جي مظبوط مرشدي، ھلندي چلندي، رعب تاب ۽ دٻدٻي جي زماني ۾ ھڪڙو ننڍڙو ٻار زبان جو لاپرواھ ڪردار، مرشد کي “شاھ جو ڦر” چئي زماني کي ڌوڏي ڇڏيندو. بالي به اھڙو ئي ڪجھ ڪيو. اھو جرئت جو ھڪ مثال آھي. ۽ ڪھاڻيڪار ھڪ ڪمزور ڪردار کي منھن تي ڦھڪائي رکڻ جي جرئت بخشڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.
ڪھاڻي “اڌ وتايو” جو ڪردار به جرئتمند آھي. ھن ڪھاڻي ۾ ڪردار رحيم سان جيڪي لاڳاپيل ننڍا ننڍا واقعا ڏيکاريل/بيان ڪيل آھن، اھي ۽ اھڙا واقعا شايد ڪنھن تفصيل سان ھلندڙ دؤر ۾ قلمبند ڪيا ھجن. اھڙا ڪردار ھڪ ته نه ھئڻ جي برابر آھن ۽ وري جيڪي آھن انھن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي.( مون کي ھڪ ٻيو ڪھاڻيڪار ضراب حيدر سجھي ٿو، جيڪو ڪردارن واريون ڪھاڻيون لکي ٿو)ھن ڪردار ذريعي سماجي ناسورن تي جيڪي چوٽون ٿيل آھن اھي ڪمال آھن. اھڙي بيباڪي ۽ چالاڪي ھن دؤر جي سماج کي گھربل آھي.
ھن ڪھاڻي جي ڇا ڳالھ ڪجي پر ھڪ جملو ھن ۾ نه ھئڻ گھرجي ھا. “ڀلي وڏيريء کي گھرائي پڇوس.“
راجن جي ڪھاڻي “بارسلونا واري ڇوڪري“
جي ڪلائمڪس تي راجن کي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي، پر ڪھاڻي ۾ زبردست رواني آھي، اسٽائيل غضب جو آھي. راجن ھن ۾ نرالو نظر اچي ٿو. مڪالما، منظر نگاري ۽ ٻولي مناسب آھي.
راجن جي ڪھاڻين ۾ نفسيات، سياست، سماجيت، روايتون ۽ جديديت ملي ٿي. ھن ڪھاڻين ۾ انھن موضوعن کي چونڊيو آھي جيڪي سماج ۾ ساھ کڻي رھيا آھن. جيئن ڪھاڻي “ھڪ خواب جي وشالتا“ ۾ اجتماعي سوچ، اجتماعي ٻڌيءَ جي ڳالھ ڪيل آھي، ۽ خبردار ڪيل آھي ته جي سجاڳ نه ٿياسين ته ڀٽائي جي روضي تي بلڊوزر اچي بيھندا. ڪھاڻيڪار پنھنجو ڪم ڪيو آھي. پڙھندڙ کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آھي ۽ ڪھاڻيڪار جو اھو ئي ڪم ته آھي، خبردار ڪرڻ.
ھن ڪھاڻيء کان علاوھ “اھو اجنبي پکي، رت لڪير ۽ سنڌوءَ جي سير، ھئا اڳيئي گڏ“  جھڙين ڪھاڻين ۾ مٿيان موضوع شامل آھن.
راجن ڪھاڻين ۾ ٻين عنصرن سان گڏ ٻولي به سادي سودي استعمال ڪئي آھي. ھن ڪوشش ڪئي آھي ته ٻولي جديد ھجي، پر پوءِ به روايتي انداز کان ھٽي نه سگھيو آھي، ٿي سگھي ٿو ھو پنھنجي ٽين ڪھاڻي ڪتاب ۾ ان طرف ڌيان ڌري.

No comments:

Post a Comment