Monday, June 8, 2020

هڪ نوجوان شاعر سان ملاقات - اسحاق سميجو


هڪ نوجوان شاعر سان ملاقات
اڄ جي ڪهاڻي
اسحاق سميجو
يونيورسٽي ۾ پڙهائي پوري ڪري، مون گاڏي کاتي مان نڪرندڙ هڪ مشهور سنڌي اخبار ۾ شام جي نوڪري شروع ڪري ڏني. ان ڏينهن بائيڪ خراب هجڻ ڪري، نسيم نگر واري سوزوڪي ۾ چڙهيس ۽ ٻين مسافرن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ٿوري دير کان پوءِ ٻه باگڙياڻيون اچي منهنجي سامهون واري سيٽ تي ويٺيون. هڪ صفا الهڙ ۽ ٻي اڌڙوٽ عمر جي هئي. هوريان هوريان ٻيا مسافر به اچڻ لڳا. هڪ سنهڙو سيپڪڙو وکريل وارن ۽ سُڪِي پاٺو ٿيل چهري وارو نوجوان به چڙهي اچي منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويٺو. رکي رکي کيس ڍڪر پئي آيا. سندس وات مان ڪچي شراب جهڙي بُوءِ پئي آئي. مان ٿورو اڳتي ٿي ويٺس، ته هي اڃا سُري اڳتي ٿيو. في الحال چُپ ڪري ويهڻ بنا ڪو چارو نه هو.


اوچتو هن جي اک باگڙياڻين تي پئي. هن جون پنڪين ۾ ورتل اکيون صفا کُلي ويون. اڌڙوٽ عمر واري باگڙياڻيءَ کان ڇوڪريءَ جي باري ۾ پڇيائين، “هيءَ تنهنجي ماءُ آهي؟”
اهڙي عجيب سوال تي هن سخت بُڇان مان چيو؛ “انڌو آهين، هيءَ مون کان ننڍي آهي، منهنجي ماءُ ڪيئن هوندي.... ٺرو پيتو اٿئي ڇا...”
هن تي ڪو اثر نه ٿيو، مرڪي چيائينس؛ “سچ پچ ته تون مون کي هن کان گهڻي ننڍي ٿي لڳين.. ۽ وڌيڪ سهڻي به...”
اهو ٻڌندي ئي باگڙياڻيءَ کڻي ڳچيءَ مان ورتس، پر مسافرن وچ ۾ پئي، همراهه کي چنبي چاڙيءَ کان بچائي ورتو.
معاملو ٿڌو ٿيو ته مون کيس آهستگيءَ سان چيو؛ “عقل سک! پرائي مائيءَ سان ايئن بدتميزي ڪبي آهي ڇا.. ڪير آهين....”
تمام دلربا انداز ۾ مرڪيو. چيائين؛ “بابا شاعر ماڻهو آهيون، دل پشوري به نه ڪيون ڇا... وڌ ۾ وڌ گار ڏيندي، پر دل ته خوش ٿيندي.... دل جا اسان تي وڏا قرض آهن، ايئن ئي ته ٿورا ٿورا ڪري لاهينداسين...”
سندس عجيب جواب، هيڪر مون کي به کلائي وڌو. پر باگڙياڻي جي ڊپ کان کل روڪي ڇڏيم.
پڇيومانس؛ “نالو ڇا اٿئي ۽ ڪٿان پيو اچين؟”
چيائين؛ ”مان ‘غرش’ آهيان ۽ ڀٽ شاهه تان موٽيو آهيان. رات سنگت وٽ گذري، هاڻ ڳوٺ پيو وڃان.”
“غرش...  اهو ڪهڙو نالو آهي؟”
چيائين؛ “غرش اصل ۾ غالب، رومي ۽ شاهه لطيف جو مخفف آهي. اهي سڀ وڏا شاعر منهنجي رُونءِ رُونءِ ۾ سرايت ڪري ويا آهن.”
“سرايت معنيٰ؟”
“معنيٰ اهي منهنجي رڳ رڳ ۾ داخل ٿي ويا آهن. ايتري به ٻولي نٿي اچئي، ڪٿي سنڌي صحافي ته ناهين.”
مان مرڪي پيس. “بلڪل صحيح سڃاتو اٿئي. مان هڪ سنڌي اخبار ۾ سب ايڊِيٽر آهيان. پر ڀٽ شاهه ڇو ويو هئين.”
“مان شيخ اياز جي قبر تي ويو هوس. کيس للڪاري چيم؛ اُٿ! شيخ اياز اُٿ! ڏس سنڌ ۾ تو کان به وڏو شاعر پيدا ٿي ويو آهي! هاڻ گادي خالي ڪر، مون وٽ ٽائيم ناهي... جو انتظار ڪيان.”
“اڇا، پوءِ هن ڇا چيو؟”
“ڪجهه به نه- ڇَپ هڻي ويٺو رهيو قبر ۾، ڊڄي ويو هوندو.”
مون کي هي يار دلچسپ لڳو.
مون کان پڇيائين؛ “تون ڇا ڪندو آهين...”
ٻڌايومانس ته؛ “ٿوري گهڻي شاعري مان به ڪندو آهيان ۽ شام جو هڪ سنڌي اخبار ۾ سب ايڊيٽر آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪالم به لکيو ڇڏيان.”
“اڇا اڇا، ته اهو تون آهين .... مان تو کي سڃاڻان ٿو. پر اهو ته ٻڌاءِ ته تو ڪڏهن به پنهنجي ڪالمن ۾ منهنجي شاعريءَ جو ذڪر ڇو ناهي ڪيو؟”
مون چيو؛ “اتفاق سان مون تنهنجي شاعري پڙهي ناهي. ڪو ڪتاب وغيره به نظر مان ناهي گذريو.”
چيائين؛ “ڪتاب ڇپائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مان فيس بڪ جو مشهور شاعر آهيان. هزارين ماڻهو مون کي لائيڪ ڪندا آهن ۽ ڪيترا ئي شيئر ڪندا آهن. چار پنج ته ڇوڪريون به آهن، جيڪي منهنجي شاعري ري شيئر ڪنديون آهن.”
“ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي، پر منهنجيءَ نظر مان ناهي گذري.”
“توهان جي سڄي ٽهي اهڙي ئي ٽرڙي آهي...”
مان ڇرڪي ويس. هن کي اوچتو ڇا ٿيو؛ “خير ته آهي، اسان جي ٽهيءَ تو کي ڇا ڪيو.”
“ڇا وري ڇا ڪيو، اسان کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اسان سنڌي شاعريءَ کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي، پر اهي زمين تي بيٺل توهان جي ٽهيءَ جا ڄامڙا، شاعر اسان کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن.”
مون چيو؛ “ڄامڙن جي مڃتا ڇا ڪندين، ٻيو ته تون شاعري پنهنجي اندر جي اُڇل کي اظهارڻ لاءِ ٿو ڪرين، يا اسان جي ٽهيءَ وٽ پاڻ مڃرائڻ لاءِ؟ شاعريءَ جي قبوليت عام ماڻهو ڪندا آهن، شاعر مڃن نه مڃن، ڪهڙو فرق ٿو پوي.”
چيائين؛ “عوام اسان کي مڃي چڪو آهي. هاڻ توهان کي سبق سيکارڻو آهي. ڪافي شاعرن کي ته مان سيکاريندو اچان.”
“پاڻ مڃرائڻ لاءِ ٻين کي سبق سيکارڻ ضروري آهي ڇا؟”
“بلڪل، اها هن دور جي اهم ضرورت آهي. فيس بڪ تي اڌ کان وڌيڪ ماڻهو رڳو گاريون ڏئي ۽ ٻين کي هراسان ڪري مشهور دانشور، مشهور شاعر ۽ مشهور قومي اڳواڻ ٿيا آهن. اهو ئي ڪامياب رستو آهي.”
مون چيو؛ “سٺي ڳالهه آهي، پر بدنامي ۽ نيڪ ناميءَ ۾ فرق نه آهي؟!؟!”
چيائين؛ “بد ۽ نيڪ اوهان جو مسئلو آهي، اسان جو ٽارگيٽ فقط ’نامي‘ آهي.”
ايتري ۾ سوزوڪي اچي پڪوڙا اسٽاپ تي پهتي. چيائين؛ ”ڏهه روپيه اٿئي ته ڪڍ ته پڪوڙا وٺي اچان، گڏجي کائينداسين.” مون وٽ به پئسا پورا سارا هيا، مون معذرت ڪئي. چيائين؛ “توهان ماڻهن مان قوم کي ڏهين روپئي جي اميد ناهي، ٻيا ڪهڙا پٽڪا پارائيندئو.”
مون کلي ڏنو.
سوزوڪي هلڻ لڳي. موضُوع مٽائيندي چيائين؛ “تون پاڻ فيس بڪ گهٽ ٿو استعمال ڪرين، شايد تو کي ايترو لکڻ نٿو اچي. مون کي پنهنجي آءِ ڊي ۽ پاس ورڊ ڏي، مهيني کان پوءِ پنهنجي شهرت ۽ مَقام ڏسجان.”
“اهو وري ڪيئن؟؟” مون حيرت مان پڇيو.
چيائين؛ “منهنجون پنج اٺ ته پنهنجون آءِ ڊيز آهن، جن ۾ ڪجهه عورتن جي نالن سان آهن. مان پنهنجي اڪثر شاعريءَ تي ڪمينٽس انهن تان ئي ڪندو آهيان. ڪجهه دوست، جن کي لکڻ جو شوق آهي ۽ لکڻ گهٽ ٿو اچين، انهن جون آءِ ڊيز ۽ پاس ورڊ به مون وٽ آهن. انهن آءِ ڊيز تان پنهنجن دشمنن ۽ مخالفن کي سڄو ڏينهن سبق پيو سيکاريندو آهيان ۽ جڏهن به ڪو شاعر چڱو نظم يا غزل شيئر ڪندو آهي ته ان جي ڀران ڪجهه سٽون لکي، دوست جي پاران ڪمينٽس ۾ لکي ڇڏيندو آهيان ته اهو ته منهنجو فلاڻو عظيم شاعر دوست اڳ ۾ ئي لکي چڪو آهي... ڪنهن کي خبر ته اهو به مان ئي آهيان، جيڪو ڪمينٽ پيو ڪيان... هن ڀڄ ڀڄان جي دور ۾ ڪير ويهي تصديق ڪندو ته پهرين مون لکيو آهي يا ٻئي شاعر. ماڻهن کي مزو لُڙ ۾.”
مون چيو؛ “چوڻي ايئن آهي ته ڪانوَن کي مزو لڙ ۾.”
چيائين؛ “ماڻهو ڪهڙا ڪانوَن کان معتبر آهن.”
مون چيو؛ “پر اهو ته صفا خراب ڪم آهي. ڪوڙيون آءِ ڊيز ٺاهڻ، ٻين سان بدتميزي ڪرڻ...”
چيائين؛ “خراب ڇا ۾ آهي. وڏي شاعر ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. تو کي ته ڪا خبر ئي ناهي، تڏهن ته وڏو شاعر ٿي ناهين سگهيو.”
مون کيس غور سان ڏٺو. مون کي ڪجهه ڪجهه ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. هڪ ڀيري منهنجي ئي هڪ واقفڪار دوست شيخ اياز جي شعر جي هيٺان، غرش جي ئي شعر جون ڪجهه سٽون لکي، ان تي الزام لڳايو هيو ته اياز جو اهو شعر غرش جي شعر جو چَرٻو آهي. تڏهن مون کي خبر نه هئي، ته غرش ڪو پراڻو شاعر آهي يا ڪو نوجوان شاعر. مون کيس چيو؛ “يار ٻيو ته سڀ ٺيڪ آهي، پر تو اهو ڪيئن لکي ڇڏيو ته شيخ اياز به تنهنجي چوري ڪئي آهي.”
چيائين؛ “بلڪل ڪئي اٿس. منهنجي شعر ۾ به بادل، انڊلٺ، ندي، مور ۽ ڏکڻ جي هير جو ذڪر آهي، اياز به اهي ئي لفظ استعمال ڪيا آهن. اهو چرٻو نه چئجي ته ڇا چئجي...؟”
مان حيران ٿي ويس. “پر هو ته ڪيترا ئي سال اڳ گذاري ويو آهي، تڏهن تون ڄائو به نه هوندين...”
هن وڏي اعتماد سان چيو؛ “ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪڏهن هو اڳ ۾ گذاري ويو ۽ مان بعد ۾ ڄائس. اڳ ۾ گذاري ويو ته چور نٿو ٿي سگهي ڇا.... توهان جهڙن ماڻهن ئي شيخ اياز کي مٿي تي چاڙهيو آهي. باقي اها گادي ته هاڻ اياز وٽ رهڻ نه ڏيندس. ڀلي مون کي پنجاهه ڪوڙيون آءِ ڊيون ٺاهڻيون پون...”
مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته مان ان جو ڪهڙو جواب ڏيان... سو چپ چاپ سوزوڪيءَ مان لهڻ جي ڪيم. ايتري ۾ ڏٺم ته غرش به تقريبن غش ٿي چڪو هو ۽ باگڙياڻيءَ جي بُڇان، جيئن جو تيئن قائم هئي!

No comments:

Post a Comment