Thursday, June 18, 2020

احساس نگر - مٺل جسڪاڻي


احساس نگر
ڪھاڻي-ڪتاب جو تعارف
مٺل جسڪاڻي
”احساس نگر“ ڪھاڻين جو مجموعو آھي، احسان آڪاش جو ترتيب ڏنل آھي. احساس پبليڪيشن حيدرآباد جو ڪتاب نمبر ۰۹ آھي. ڊيمي سائيز جي ۱۴۴ صفحن تي مشتمل آھي. پڪي جلد جي خوبصورت سرورق سان، بئڪ ٽائيٽل تي مٿان مرتب جي تصوير، ان کان پوءِ مرتب ۽ ڪتاب جي حوالي سان حميد سنڌي جي تحرير، ھيٺ ھڪ لائين ۾ ترتيبوار ڪتاب ۾ شامل ۱۰ ڪھاڻيڪارن ۽ ڪھاڻيڪارائن جون رنگين تصويرون آھن.


ڪتاب ۾ اندر پھرين ارپنا ”ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيڪارن جي نانءِ...!!!“، پوءِ اداري پاران، تنھن بعد ”سونھن سٽاءُ“، جنھن کان پوءِ ”جوئي آھيان، سوئي آھيان!“ عنوان سان مرتب جي قلم مان، تنھن کان پوءِ ترتيبوار ھر ڪھاڻيڪار جي تصوير سان ھڪ صفحي تي مشتمل مختلف ليکڪن پاران تعارفي ۽ اعزازي سٽون، ان کان پوءِ سندن ڪھاڻيون آھن.
ھن ڪتاب ۾ پھريون ڪھاڻيڪار سليم چنا آھي، جنھن جو تعارف گل محمد عمراڻي لکيو آھي ۽ پوءِ سليم چنا جون ننڍيون وڏيون چار ڪھاڻيون آھن.
ٻئي ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو جو تعارف نور محمد ڀٽو لکيو آھي ۽ مارو جون ۱۰ مختلف ڪھاڻيون آھن.
”احساس نگر“ جو ٽيون واسي ڪھاڻيڪار اقبال بلوچ آھي، جنھن جي شخصيت ۽ ڪھاڻين تي مدد علي سنڌي لکيو آھي. اقبال جي ھڪ سنڌي ۽ ھڪ سرائيڪي ڪھاڻي شامل آھي.
ھن ڪتاب ۾ ھڪ ڪھاڻي ”ماءُ!“ عين سحر جي آھي. ليکڪہ ۽ ڪھاڻيءَ تي ٻہ اکر، طارق قريشي لکيا آھن.
زاھدہ ابڙو جون چار ڪھاڻيون بہ ”احساس نگر“ ۾ شامل آھن. تعارف احسان آڪاش لکيو آھي.
”احساس نگر“ جو ڇھون ڪھاڻيڪار، نور حسين ڪلھوڙو آھي. سندس شخصيت ۽ تحريرن تي پارس حميد لکيو آھي ۽ نور جون ٽي ڪھاڻيون شامل آھن.
ستون ڪھاڻيڪار ھدايت قريشي، سندس تعارف ايوب کوسو پاران لکيل، ”گلاب جو گل“ ۽ ”پيرو ماڇي“ ڪھاڻيون شامل آھن.
”اداس ڪردارن جو ليکڪ“ عنوان سان پروفيسر اروشي پاران ٻه اکر مجيب اوٺو ۽ ان جي لکڻين تي لکيل آھن ۽ مجيب جون چار ڪھاڻيون شامل آھن.
نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري جون پنج ڪھاڻيون به ”احساس نگر“ ۾ آھن. سندس تعارف مور خاصخيلي لکيو آھي.
”احساس نگر“ جو آخري يعني ڏھون واسي، ڪھاڻيڪار جو نالو طالب ڀنڀرو آھي. ھن جون ٻه ڪھاڻيون شامل آھن. سندس تعارف ڇپيل آھي، پر تعارف ڪرائيندڙ پنھنجو نالو ڳُجھ ۾ رکيو آھي!
مون تي ھن ڪتاب جي عنايت، اقبال بلوچ پھرين مئي ۲۰۲۰ع جي سندر ۽ يادگار شام ويل ڪئي. مون مرتب سميت سڀني ليکڪن تي ۽ جو، ڪتاب ۾ موجود سمورو مواد پڙھڻ جي عنايت ڪئي آھي. ھي ڪتاب پڻ پڙھڻ جھڙو ان ڪري آھي، ته ھن ھڪ ڪتاب ۾ ۱۰ ڪھاڻيڪار شامل آھن. ڏھن ئي ڪھاڻيڪارن جي لکڻ جو انداز پنھنجو آھي. ڏھن ئي ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين جا موضوع، سندن اوليت جي بنياد تي، پر ھن سماج، حاضر معاشري جي عڪاسي ڪندڙ عنوانن تي مبني آھن. پڙھڻ سان ئي پروڙ پئي ته ڪير ڇا ٿو سوچي، ڇا ٿو لکي، ڇا ٿو چاھي؟ ھنن به جيڪو چاھيو آھي، موجودہ سماجي، معاشي، علمي، ادبي، اخلاقي گهرجن جي پيش نظر يا ردعمل مطابق آھي.

No comments:

Post a Comment