Monday, June 8, 2020

خـبـر - سومرو شبير


خـبـر
مختصر ڪهاڻي
سومرو شبير
“خبر ئي نه پئي ادا، ڇا ڪجي!” اهو چئي هڪ وڏو ڪش هڻي، دونهين کي ڇلو بڻائي اڏاري ڇڏيو.
پريان ننڍڙو ويٺي دونهين جي ڇلي کي دير تائين غور سان ڏسندو رهيو. ڏسندي هن سوچيو شايد اهو سٺو ڪم آهي. هن به اهل ڪندي، هٿ ۾ جهليل قلم کي وات ۾ وڌو ۽ پوءِ ڪش جيان سوٽ ڏيئي، قلم پري ڪيو ۽ چپن کي گول بڻائي، هڪ وڏي ڦوڪ ڏيئي مٿي ڏسندو رهيو.


“خبر ڪيئن نه پئي، ماڻهو، اڳ ۾ خبر رکندو آهي نه، خبر رکين ها ته هيڏو نقصان نه ٿئي ها.'“
ڪڙڪيدار آواز تي ننڍڙي جو ڌيان هٽجي ويو.
“هٿ جي وڍي، هاڻي ته نقصان ٿي ويو نه ادا، بس رک الله تي.” ڪياڙي کي کنڻ لڳو.
“ائين ڪيئن رک الله تي، عقل به ته ڪا شيءِ آهي.” ڀاڻس ڄڻ مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
“الله ڀلي ڪندو ادا.” هن سڙيل سگريٽ جو فلٽر پري لم ڏيندي اڇلايو ۽ افسرده نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو.
“پر ماڻهوءَ کي اڳ ۾ خبر چار ته رکڻ گهرجي نه، ائين اکيون ٻوٽيون وڃي گپ ۾ ڪربو آهي ڇا؟”
ڀاڻس آخري بچيل سنڌڙيءَ انب جي ڊگهي ڦار وات ۾ وجهي، کل کي ڇڪ ڏنائين ته کل سندس هٿ ۾ رهجي ويئي ۽ ڳر سندس وات ۾. چٻاڙ تي سندس واڇن مان رس وهڻ لڳو. هٿن سان واڇن کي اگهيائين ۽ ٿانءَ سوري گڏ ڪري کڻي اٿيو. ٿورو اڳتي ويو ته ترڪي ڪري پيو. ٿانءَ پٽ تي اچي ڪري ٽڙي پکڙي ويا ۽ ٽن جو هڪ وڏو آواز ڪندا، نيٺ خاموش ٿي ويا. ڀاءُ رڙ ڪري وڃي مٿس پهتو؛ “ادا ڏسي وائسي ته هل نه، ڌڪ ته نه لڳئي؟”
هو ٿورو چنگهيو ۽ پوءِ پير کي هٿ سان زور ڏنائين، اٿڻ جي ڪيائين پر اٿي نه سگهيو.
“خبر ئي نه پئي پير ترڪي ويو.” ايترو چئي وري اٿڻ جي ڪيائين ته ڀاڻس هڪل ڪيس؛
“ائين ڪيئن خبر نه پئي.”
“بس خبر نه پئي نه.”
هڪ گهڙيءَ ڀاءُ ڏانهن نهاريائين. ڀاڻس به کيس ڏٺو ۽ پوءِ خبر لفظ تي ٻنهي گڏجي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، ٽهڪ دير تائين ننڍڙي جي ڪنن ۾ ٻُرندو رهيو.

(پنھنجي اخبار ۾ ڇنڇر ۲۳ مئي ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment