Monday, June 8, 2020

ڌُوڙ- امراقبال


ڌُوڙ
مختصر ڪھاڻي
امراقبال
موسمَ نامھربان ھئي. تيز ھوا گھلي رھي ھئي. ڌُوڙ سان ڀريل... سڀ ڪجھ ڌوڙ ڌوڙ ٿي ويو ھيو. چھرا، چؤنڪ سڀ ڌوڙ ۾ لٽجي چڪا ھيا. آسمان ڌوڙ، وڻ، جھنڊا ۽ بينر ڌوڙ.. ھو تيز تيز قدمن سان، شھر مان پاڻ ڇڏائي، سھڪندو، ڊگھا ساھ ۽ ويڪريون وکون کڻندو، پنھنجي ھڪ ڪمري، ننڍڙي ورانڊي ۽ مختصر پڌر واري پراڻي، ڪرائي جي گھر جي در تي پھتو. جتي ھو اڪيلو رھندو ھيو. ڌوڙ ھاڻي تالي ۾ ڌوڙ ھاڻي چاٻي ڦيرائي، در کولي، ھو اندر داخل ٿيو ۽ دروازو تڪڙ ۾ بند ڪري ڇڏيائين. پڌر ۾ تار تان پٽ تي ڪريل بي سڌ ٽوال ڌوڙ لڳو پيو ھيو. غسل خاني ۾ رکيل پراڻي سينواريل بالٽي، ڏول، تيل جي شيشي، اڌ بچيل صابڻ، ڀرسان ئي بورچيخاني ۾ بي ترتيبيءَ سان رکيل ٿانو، مختلف سائيزن ۽ رنگن جون پليٽون، ننڍا وڏا ڀڳل ۽ سڄا ڪوپَ، گھ جو ميرو دٻو، مصالحن جي اوائلي پيٽڙي، ڇڳل ڇٻيءَ ۾ رکيل ٻه چار بصر ۽ اوترا ئي پٽاٽا... سڀ ڌوڙ لڳا پيا ھيا...


”سڀ ڌوڙ ڪري ويندي،
جا ڌوڙ اڏاڻي آ“
ھن شعر جھونگاريندي، ڪمري جو ڪڙو کوليو. پٽ تي وڇايل پراڻو، کٽل ڪارپيٽ، دريءَ ۾ رکيل شاعري ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب، ڪجھ ناول، سفرناما، ھڪ اڌ اخبارون، ٻه جھونيون ڊائريون، پنج ست ايوارڊ، ڪوپ ۾ پيل مختلف رنگن جون پينيون، ڪنڊ ۾ رکيل ائش ٽري، پاڻيءَ جو ڪولر، ٻه ٽي رليون، وھاڻا.. سڀ ڌوڙ لڳا پيا ھئا.. ھن جلديءَ ۾ ڪمري جو دروازو بند ڪيو ۽ اڪيلي دريءَ جا تاڪ ورائي ڇڏيا. ڪارپيٽ کي ڇنڊڪو ڏئي، ويھڻ جي جاءِ ٺاھيائين. ڪولر مان گلاس ڀري، ڪمري جي ڪنڊ ۾ ئي منھن کي ڇنڊو ھنيائين ۽ قميص جي دانوڻ سان ئي منھن اگھي، وھاڻي کي ڀت سان رکي، ٽيڪ ڏئي ويھي رھيو..
ڪولر مان ٻيو گلاس ڀري پيئڻ کان پوءِ ھو ڪجھ رليڪس ٿيو. شانت ٿيندي ئي ھٿ بي اختيار قميص جي پاسي واري کيس طرف ويس. موبائيل ڪڍي، ڊيٽا آن ڪري، فيس بڪ کوليائين. فيس بڪ ڏسندي ڏسندي، اوچتو ھو ھڪ ٻي ڌوڙ جي طوفان جي زد ۾ اچي ويو.. مختلف آءِ ڊيز تان، ڌوڙ جا مختلف ننڍا وڏا طوفانَ اٿي رھيا ھئا. ھن جو منهن ھڪ دفعو ٻيھر ڌوڙ ۾ لٽجي ويو... ڌوڙ اکين، دماغ ۾ لھڻ لڳس. سڄو ڪمرو ھڪ نئين ڌوڙ سان ڀرجي ويو. ساھ منجھڻ لڳس. بيوسيءَ جي عالم ۾ لاگ آئوٽ ٿي، موبائيل ئي بند ڪري ڇڏيائين... ڪمري جي در ۽ اڪيلي دريءَ جيان...۽ ٻئي لمحي، اٿي، ڪمري جو دروازو کولي، ٻاهرين ڌوڙ جو جائزو وٺڻ لڳو. محسوس ڪيائين ٻاهرين ڌوڙ، ڪمري ۾ اٿيل اندرين ڌوڙ کان، ڪئي دفعا جھڪي ھئي.

No comments:

Post a Comment