Monday, June 8, 2020

ڪچو گوشت - بيدل مسرور


ڪچو گوشت
فليش فڪشن
بيدل مسرور
هو هڪ تمام گرينڊ قسم جي دعوت تي آيل هو، دعوت تي آيل سڀئي مهمان مزي مزي سان کائي رهيا هئا، پر هن اڃان مانيءَ ڏانهن هٿ نه وڌايو هو. ڀرسان ويٺل ڪنهن ڪاموري کيس ٺونٺ هڻندي هلڪي آواز ۾ کاڌي کائڻ لاءِ به چيو پر هن جي دل چاهيو پئي ته اتان اٿي وڃي.


آخرڪار ميزبان کيس چيو: ”ڇو ڀلا سائين اوهان ڪجهه کائو ڪونه ٿا!“
هن جي دل ۾ آيو ته کيس چوي ته: ’مان ڪچو گوشت نه کائيندو آهيان...‘
”سر وٺو نه...“ ميزبان جي ويجهي وزير دوست پليٽ مان سيني جو ٽڪر کڻندي مٿس زور ڀريو.
”مان ڪچو گوشت نه کائيندو آهيان.“ هن همٿ ڪري کيس چيو.
”سر! هي ماڻهوءَ جو گوشت آهي ۽ اهو ته ڪچو ئي کائبو آهي.“ ميزبان پليٽ کڻي سندس اڳيان جهليندي چيو؛ ”وٺو نه ڪجهه ته وٺو.“

No comments:

Post a Comment