Monday, June 1, 2020

مَصلوب ٿيل ڪھاڻيءَ جي مَسيحائي - بخشل باغي


مَصلوب ٿيل ڪھاڻيءَ جي مَسيحائي
ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”کُليل دريءَ جو درد“ جو جائزو
بخشل باغي
روسيءَ ٻوليءَ جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار چيخوف ڪهاڻيءَ بابت چيو آهي ته؛ ”ڪهاڻي پوري طرح غيرجانبدار ٿي لکجي، هڪ ليکڪ کي ڪنهن جو پاسو کڻڻ بدران غير جانبدار ٿي شين کي بيان ڪرڻ گُهرجي. ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري سچ تي آڌاريل هُجي، جيڪو جيئن آهي اُن کي ائين ئي ڏيکارجي. شين کي بيان ڪرڻ مهل ڊيگهه نه ڪرڻ گُهرجي ۽ گهٽ لفظن ۾ ڳالهه کي بيان ڪجي. ڪهاڻي ۾ ليکڪ سخت قدم کڻڻ لاءِ تيار هُجي ۽ سندس انداز نِج پِج هُجي. جنهن ۾ ڪنهن جي ڀوڳنا جو احساس هُجڻ گهرجي.“ چيخوف جي اِنهن ويچارن جي روشنيءَ ۾ ممتاز لوهار جي ڪُجهه ڪهاڻين کي ڏسجي ٿو ته اُهي اهڙي اعليٰ معيار جي ڪسوٽي تي پوريون لهندي نظر اچن ٿيون.


ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻيءَ جو جنم ۽ وري اُنهن مان ٽين ڪهاڻيءَ جو جنم، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي فني سُندرتا جو هڪ حسين حوالو چئي سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ کي خيال جي نڪور زاويي مان ڪڪوري جديد سنڌي ڪهاڻي جو نئون روپ بخشڻ ممتاز لوهار جهڙي بهترين ڪهاڻيڪار جي ڳوڙهي مُشاهدي جو گهرو عڪس آهي. ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب ”کُليل دَريءَ جو درد“ پڙهندي اِهو احساس ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو ته ڪهاڻي ڪڏهن به خارج مان نمودار ٿي داخليت جو دروازو کڙڪائي وجود کي ڌوڏي ”کُليل دَريءَ جو درد“ بڻجي سگهي ٿي. ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي هِن ڪتاب جي پهرين ٽائيٽل ڪهاڻي پڙهيم ته منهنجي ذهن جا هَلڪا ٻيڪڙيل تاڪ ٺَڙاڪ سان کُلي پيا. ۽ ليکڪ مون کي خود اُن ڪهاڻيءَ جو ٽيون ڪردار محسوس ٿيو. ٻِن ڪردارن جي حادثن جي ٻِن پُڙن ۾ پِيسجندڙ ٽيون ڪردار. دراصل دري جي اندر ۽ دري کان ٻاهر ٻَه دنيائون، ٽين دنيا کي پڻ ڌوڏي ڇڏين ٿيون. ڇاڪاڻ ته ٽئي دنيائون ۽ اُنهن جا ٽئي ڪردار سماج جا اهڙا ته چِٽا ۽ پنهنجين ڀوڳنائن کي ڀوڳيندڙ حادثا آهن جن جي ٿيڻ جا جواز، ڌار ڌار هوندي به، هڪڙي ئي سماجي حقيقت نگاريءَ مان نروار ٿين ٿا. ڪهاڻيءَ جي هي حقيقي ڪيفيتي دنيا ڏاڍي گھري، تُز ۽ ترار جيان اندر ۾ لهي وڃي ٿي ته، پهرين ڪهاڻيءَ جو وڍيندڙ سواليه آواز ڪنن وسيلي روح تائين پَڙاڏي جيان گونجي وڃي ٿو.  
”پنهنجي زال کي پنهنجي ڀاءُ سان سُتل ڏسي سگهندين؟“ جنهن کان اڳ ٻِي ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو کُليل  دريءَ جي تاڪن مان ايندڙ ٻُڏل لھجي ۾ هڪ تلخ جُملو؛ ”ماسات سان کِلندي ڏٺئي ته غيرت ٿي اچئي. . . . . پاڻ اوطاق ۾ ڇورن هيٺان اُونڌو ٿيو پيو هوندو آهين، اُتي ته غيرت ڪو نه ٿي اچئي. . . “ گوليءَ جيان اچي دماغ ۾ ٺڪاءُ ڪري خيالن کي مُنتشر ڪندي حواسن ۽ ڪيفيتن جي وايومنڊل کي ڪنهن زلزلي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. ”ڏُک بنگلي جي کُليل دريءَ مان ٽِپو ڏئي ٽين ڪهاڻيءَ جي ليکڪ ڪردار جي اڳيان اچي هيٺ ڪري ٿو. ته اُها ٻِي ڪهاڻي، ليکڪ کي پھرين ڪهاڻيءَ کان ڪي پَل ڇِني ڌار ڪري ڇڏي ٿي. ۽ ليکڪ ٻِن ڪهاڻين جي وِچ ۾ حواس وڃائي، اندر مَنجهه ايئن پيسجندو رهي ٿو جيئن جنڊ جي ٻِن پُڙن ۾ داڻو پُيسجندو آهي. “ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار پنهنجي آرٽ ۽ ڪِرافٽ جي نفاست سان جنهن حقيقي سماجي پيڙا جي تصوير چِٽي آهي اُها ليکڪ جي به اکين ۾ هڪ پورٽريٽ جوڙي ٿي. جنهن ۾ ٻِن ڪهاڻين جي ٽِياس تي ليکڪ ٽِين ڪهاڻي بڻجي مَصلوب ٿي وڃي ٿو ته تخليق جي مَسيحائي اَمر بڻجي وڃي ٿي.
ڪهاڻي اصل ۾ چئبو ئي اُن کي آهي جو اُها پنهنجي موضوع توڙي مواد يا ڪهاڻيءَ جي فنائتي خاڪي ۾ ايئن ته جَڙي وڃي جو ڪهاڻيءَ جي دنيا، حقيقيت مان فڪشن جو روپ وٺي، وري حقيقت ۾ تحليل ٿي، پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ ڪنهن ملاح جي ڪنڍيءَ جيئن اَٽڪي، سندس وجود کي لرزائي ڇڏي.
اهڙي ڪهاڻي ۾ ”طوطي جا ٻَچا“ ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڀرپور ۽ هڪ سيبتي ڪهاڻي آهي. ”منجهند جي وقت تيز اُس، ڇانوَ جي ڳولا، ڊگري ڪاليج، سَروينٽ ڪواٽرن ڀرسان هڪ ننڍڙو باغيچو، ساوا وڻ پکين کي ڏيندڙ پناھ، گرمين جي موڪلن ۾، ڪاليج هُجڻ ڪري ۽ لائٽ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪاليج جو پَٽي وارو چاچو رستم گهاٽِي نِم جي ڇانوَ هيٺ کَٽ تي ويٺل ۽ پوءِ ڪُجهه ئي گهڙين ۾ ڪاليج جي ڪلارڪ انور جي اچي ويهڻ جو مَنظر. سندن ڪچهري جا موضوع روز جي روايتي حالتن، مھنگائي، بدامني، آفيسرن جي روين کان هٽي ماضيءَ جون يادگيريون ڪپڙن جي ٿانن جيان کُلنديون وڃن ٿيون. بجلي اچڻ تائين ٻارڙن جي هڪ ٻئي سان راند روند، پاڻ ۾ وڙھڻ ۽ ٺھڻ جو يا نمورين کي ميڙڻ، لفظن مان اُڀري ذهن تي عيان ٿيندڙ ڏيک جو انداز ڏاڍو آرٽسٽڪ محسوس ٿئي ٿو. رستم پنهنجي نوڪري جي دور ۾ آيل آفيسرن جي چڱائي ۽ لڱائي جو ذڪر ڪندي ڪيترن آفيسرن کي وڻن جي واڍيءَ جو پيٽ ۾ سور هئڻ جون ڳالهيون ٻُڌائي ٿو. ۽ اُنهن خلاف ڪيئن نه هڪ مالهي هُئڻ جي ناتي وڻن جي رکوالي ڪري ٿو، ۽ پوءِ وڻن ۾ رهندڙ پکين جو ذڪر ڪندي بنگالي طوطن جو ذڪر ڪن ٿا. ۽ سندن ٻچن کي وڻن جي پورن مان چوري کڻي ويندڙن مُتعلق به ڳالهيون اورين ٿا. ”ڳالهين دوران طوطن جو جوڙو به اچي نِم تي ويهي ٿو. ڪنڌ پاسيرو ڪري طوطا ڄڻ چاچي رستم جي ڳالهه ٻُڌي رهيا هُجن. طوطن جي ٽيئون ٽيئون تي ٻارڙن پنهنجي راند ڦٽائي طوطن ڏي آڱر کنئي ته طوطا ڀَڙڪو کائي ٽيئون ٽيئون ڪندا اُڏري وڃن ٿا. “بجلي اچڻ تي سڀ پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وڃن ٿا. منجهند ٽاڪ هُجڻ ڪري ڪير به نظر نٿو اچي. اهڙي وقت ٻاهران ٻه ڇوڪرا اچن ٿا. اُنهن مان هڪڙو هيٺ بيهي چوطرف نظرداري ڪري ٿو ته ٻيو وري سَرينهن جي وڻ تي چڙهي طوطن جا ٻَه ٻَچا وڻ جي پُورن مان ڪڍي پنهنجي قميص جي پاسي وارن کيسن ۾ وجهي ٿو. ۽ جڏهن اُهي ٻئي ڇوڪرا وڃڻ لڳن ٿا ته، اوچتو هڪ ڪواٽر مان ڪلارڪ انور تڪڙو نڪري ٿو، سندس پُٽ دانهون ڪندي کيس طوطن جي ٻچن لاهڻ جو ٻُڌائي ٿو. انور ڇوڪرن کي داٻو ڏئي طوطن جا ٻَچا وٺي ٿو. ۽ طوطن جي ٻَچن کي وري واپس ساڳي وڻ جي پُور ۾ رکڻ لاءِ چئي ڇوڪرن کي ڀَڄائي ڇڏي ٿو. پر هيڏي هوڏي ڏسي پُٽ کي چئي ٿو ته، هي وٺ، خيال سان. . . . . . فلحال کوکي ۾ رکين، شام جو پڃرو وٺي ايندس ته پوءِ اُن ۾ رکنداسين!“
هي ڪهاڻي دلچسپ انداز سان پنهنجي مَنطقي نتيجي تي پهچي هڪ دل ڏاريندڙ دانهن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته ماڻهوءَ جي ٻيائي تي دل آزاري ۾ نفرت ۽ پکين جي معصوميت تي بيحد پيار اندر ۾ ڇُلي پوي ٿو.  
ڪهاڻي”جيون: ڦاٽل بُوٽ“ سماج جي ڪَڙي حقيقت جو هڪ دل کي ڏهڪائي ڇڏيندڙ اهڙو درد آهي، جنهن ڏانهن ممتاز لوهار جهڙي ڪهاڻيڪار جي اک، اُن سموري وارتا جو گهرائيءَ سان ايڪسري ڪري اچي ٿي ۽ احساس جي انگاس تي ٽنگي ڇڏي ٿي. هي ڪهاڻي خودڪلاميءَ واري انداز ۾ شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ هُو پنهنجن ڇِڳل جوتن کي ڏِسي کِلِي پَوي ٿو، هُن پاران چيل اُن جُملي تي، جيڪو هُن سندس ڇِڳل جوتا ڏسي چيو هو ته ”نئون جوتو ڇو نه ٿو وٺين؟“ جنهن تي هِن وراڻيو هو ته؛ ”چري! جيڪو ماڻهو روز ڪٿي نه ڪٿي انٽرويو ڏيڻ لاءِ ڪِرايو به پنهنجي پورهيت ڀينرن کان وٺي ويندو هُجي، اُهو ماڻهو نئون جوتو ڪٿان ٿو وٺي سگهي!“ اهڙي طرح سان خودڪلاميءَ واري ڏُکائتي انداز ۾ هُو، هُن جي اُن جُملي تي سوچي ٿو ته ڪاش هوءَ اُهو جُملو کيس نه چوي ها ته ڇا ٿي پوي ها ”نه اَبا! تو سُڃي جي پويان ڪا پنهنجي زندگي تباھ ڪنديس ڇا؟“ اُن جُملي ٻُڌڻ سان هُو وسامي وڃي ٿو. هُن جي هڪ ئي ڦُوڪ، هِن جي ڀروسي جي ڏيئي کي وسائي ڇڏي ٿي. ۽ هوءَ اهڙي ڪَڙي جُملي تي کيس ڀوڳ چئي چيڙائڻ جو چئي ٿي پر هِن کي اُهو ڀوڳ کيس اندر ۾ دٻيل سچ لڳي ٿو جيڪو کيس ”الائي ته ڪڏهن کان خونخوار شينهن جهڙي جُملي کي سندس ذهن جي پِڃري ۾ واڙي رکڻ جيئن لڳي ٿو. “
 اهڙيءَ ريت پيار محبت جي وچ ۾ غُربت جي ديوار حائل ٿيڻ جي نتيجي ۾ هي ڪهاڻي ڇِرڪ جهڙو موڙ کائيندي جيءُ کي جهوري وجهي ٿي. ۽ هُو، هُن کي چئي ٿو ته؛ ”مون کي نوڪري نه ملي سگهي، منهنجي پورهيت ڀينرن پنهنجو پورهيو تبديل ڪري ورتو، هٿن جي پورهئي مان گهر نه هلي سگهيو ته هُنن جسماني پورهيو شروع ڪري ڇڏيو. “هڪ پُر درد آھُ اندر جي گهراين مان اُڀري اکين کي ڀِڄائي وڃي ٿي ۽ دل ۾ هڪ ڪَنڊي جهڙو احساس چُڀي وڃي ٿو.
هي ڪهاڻي سماجي حقيقت نگاريءَ جو هڪ اهڙو ته ڪَڙو سچ آهي جنهن جي اندر ۾ زندگيءَ جون تلخيون ڪنهن گهري سمنڊ جيان ڇُلندي، حساس دلين کي پاڻ ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿيون.
”ڌوتل وَڳو، ميرو بَدن“ هڪ مزور نورل جي ڏُک جي ڪهاڻي آهي. هُو مزوري ڪندي پنهنجي جَوان بيمار ڌيءَ جي پريشانيءَ ۾ مُبتلا رهي ٿو. جنهن تي رمضان اوستو کيس ٽوڪيندي چَويس ٿو؛ ”اڃا ته ٽي ٿيا آهن ميان! هفتو پنجين وڳي ڇڏائبو، لڳي ٿو تنهنجو ڌيان هينئر ئي گهر جي گهٽيءَ ڏانهن آهي. نيٺ پنج ٿين ٿا، هر مزور سان پيٽي ٺيڪيدار هفتي جو حساب ڇڏائي ٿو. نورل هڪ نظر پنهنجن ڪپڙن جهڙن ميرن نوٽن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ تڪڙيون وکون کڻندو ڳوٺ واري چنگچيءَ ۾ اچي ويهي ٿو. “ايئن ڌيءَ جي بيماريءَ جي پريشانيءَ ۾ نورل پنهنجي رب کي ٻاڏائي ٿو ۽ مالڪ کان نياڻي لاءِ ڪنهن به وڏي بيماري کان پناھ ۾ رکڻ جي دعا گُهري ٿو. ۽ ڊڄندي ڊڄندي شهر جي وڏي ڊاڪٽر وٽ ڌيءَ کي وٺي وڃي ٿو.      
ڊاڪٽر تپاس کان پوءِ نورل کي ٽيسٽ ۽ الٽرا سائونڊ لاءِ چئي ٿو. نورل کي اڳ ئي اِها خبر هُجي ٿي ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڳَرا خرچ ٿيندا آهن. رپوٽن کان پوءِ ڊاڪٽر، نورل کي چئي ٿو؛ ”بابا منهنجي ڳالهه کي خيال سان اڳ ۾ سمجهو. ادڙيءَ کي عورتاڻي تڪليف ٿي آهي. . . . . . . . . . . . ٻار ماءُ کي رهنڊون آيل آهن. . . . . . . . . . . ضروري ناهي ته ساڻس ڪنهن به ڪا اهڙي حرڪت ڪئي هُجي. ڪڏهن ڪڏهن اِهو پاڻ مُرادو کَنهڻ جي ڪري به انفيڪشن ٿيندو آهي. نورل جو وجود واريءَ جي ڍير وانگر ڀُرندو کيس محسوس ٿئي ٿو. . . . اڄ ڳوٺ جون گهٽيون کيس رات جو به نِٽهڻ اُس جيان تَتل ٿيون لڳن. کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري؟ پر وري خيال اچيس ٿو ته ”متان ايئن نه به هُجي. ڊاڪٽر چيو پَئي، ايئن نه به ٿي سگهي ٿو. راڻي ته منهنجي نِماڻي آهي.  مون کي اُن تي سورنهن آنا پَڪ آهي. نورل پنهنجي ذهني مانڌاڻ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ شَڪ وارا خيال مَٽائيندو ۽ ڪيئي پهر روئيندو رهي ٿو. رب ئي بهتر ٿو ڄاڻي، پر مان پنهنجي نياڻيءَ کي ميرو ڪو نه ڪندس. “هِن ڪهاڻيءَ جي مُثبت پُڄاڻي خاص طور سنڌي سماج ۾ صدين جي روايتي ۽ انفرادي غيرت جي نفي ڪندي ٻهراڙيءَ جي هڪ پورهيت جي خيالن ۾ مُثبت تبديليءَ جو ڏَسُ ڏئي ٿي. جيڪا ڳالهه اڄوڪي سنڌي سماج لاءِ هڪ نيئن راھ کولي ٿي ۽ شعور جي تقاظا ڪندي هڪ پورهيت کان اُن جي شروعات ڪري ٿي.
ايئن ممتاز لوهار جي هِن ڪهاڻين جي ڪتاب ”کُليل دريءَ جو درد“ ۾ ڏنل اوڻويھ ڪهاڻيون آهن جن ۾”گوندر مٿان جندڙي“؛ ”رات وچ ۾“؛ ”تون به نه سمجهي سگهينءَ“؛ ”لُوسڻ جو نَڪ“، ”راڄوڻي فيصلو“؛ ”واريءَ جو گهر“؛ ”اڳي ايئن هُياس“ هڪ ٻئي کان مُختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن. پر اُهي ڪُجهه اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح دل کي ڇُهڻ جو ساهس نه ٿيون رکن. اُنهن ۾ ڪا نه ڪا آرٽسٽڪ کوٽ محسوس ٿئي ٿي. يا ائين به آهي ته اُهي ڪهاڻيون ڪهاڻيڪار جي من جي بٺيءَ ۾ اڃا وڌيڪ پَچڻ لاءِ رهڻيون هُيون پر اُهي پَچي راس ٿيڻ کان اڳ ئي، مَشق جي روايتي ٽياس تي ٽنگجي ويل لڳن ٿيون. ڇو ته ڪٿ فلمڪ انداز، ڪٿ روايتي سطحي نمونو، ڪٿ بنا ڪنهن ڪشش جي ڳالهين يا موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ آندو ويو آهي. جنهن ڪري اُهي مٿي ڏنل ڪُجهه نالن واريون ڪهاڻيون پنهنجي الڳ ۽ اهم خصوصيت ماڻڻ ۾ ڪا خاص سگهه نه رکندي محسوس ٿين ٿيون.   
سنڌي ڪهاڻيءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار مشتاق شوري جي انڊيا ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب ”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“ ۾ ديوي ناگراڻي هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”دراصل ڪهاڻي اسان جي وقت جي دائري ۾ سماج جو عڪس آهي. جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي جو اسان جي سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي. لِکڻ فقط لفظن جي عمارت اَڏڻ ناهي. انسان جي مَن اندر مَتل اُٿل-پُٿل،  احساسن جو اهم ڏُهڻ (منٿن) سوچ ۽ شَبدن جي سنگم کي تراشي هڪ مُڪمل سَروپ ڏيڻ آهي. هتي مون کي همانشو جوشيءَ جي چوڻي ياد ٿي اچي ته؛ ”لکڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تپسيا آهي.“ اڌوري من سان لکيل ساهت اڌورو ئي ٿو رهجي وڃي، پڌرو ٿيڻ کان سواءِ. . . . . . . ! لکڻ جو پهريون شرط آهي ته ليکڪ، پاٺڪ کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي وڃي. “
”کُليل دَريءَ جو درد“ ۾ ”واچوڙو“ ڪهاڻي به هڪ سٺي ڪهاڻي آهي، جيڪا گهريلو زندگيءَ تي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اختلافن خاص طور تي زال جي فطرت ۽ نفسيات کي اُجاڳر ڪري ٿي.
”چَٽِي“ ڪهاڻي پڻ، سماج توڙي گهريلو حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ گهر ۾ گڏ رهندڙ شادي شده ڀائرن ۾ هڪ جواري ڀاءُ جي غلط ڪرتوتن جي سزا يا کنيل قرض جي اوڳاڙي، محنت مزدوري ڪندڙ ڀائرن کان ٿئي ٿي. پر اُها سموري برداشت هڪ ماءُ جو پُٽ سان فطري لڳاءُ جي عيوض سڀ ڀائر ماءُ کي مانُ ڏيندي ڪن ٿا ۽ هر ڀيري ڀاءُ جو جوا ۾ کنيل قرض ٻيا ڀائر گڏجي ڀرين ٿا.
”چريو“ ڪهاڻي ۾ زال، مُڙس کي نفسياتي مريض چئي ناراض ٿي وڃي ٿي. ۽ کيس نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ چئي ٿي. مُڙس، ان ڳالهه تي سوچيندي ڊاڪٽر وٽ وڃي ٿو. ويندي مهل رستي تي هلندي کيس عجيب وهم ۽ وسوسا ٿين ٿا. اُتي ڪهاڻيڪار مُتاثر ڪردار کي اوچتو ڪيلي جي کَل تان تِرڪندي کيس وڌيڪ مُنتشر ٿيندي ڏيکاري ٿو. پر اُتي ڪيلي جي کَل تان تِرڪي ڪيرائڻ وارو منظر الائي ڇو اُن سموري ڪهاڻيءَ جي هلندڙ روانيءَ واري وهڪري ۾ اَجائي ٺهراءُ جي احساس کي جَنمي ٿو. جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ هڪ جهول کي پيدا ڪري وجهي ٿو. تنهن هوندي به ڪهاڻي سماجي نفسيات جي گڏيل بهترين عڪاسي ڪري ٿي. مُتاثر ڪردار جڏهن اسپتال ۾ نفسيات جي ڊاڪٽر وٽ پُهچي ٿو ته هُو ڊاڪٽر کان پاڻ مُتعلق پُڇي ٿو ته مان کيس ڪيئن ٿو لڳان. ڊاڪٽر کيس بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ نارمل ٻُڌائي ٿو. جنهن تي هُو ڊاڪٽر کان پنهنجي نارمل هُجڻ جو ميڊيڪل سَرٽيفڪيٽ گُهري ٿو. جنهن تي ڊاڪٽر هُن کان پُڇي ٿو ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڪاڏي ڪندو ته هُو ڊاڪٽر کي چوي ٿو ته هُو اِهو سرٽيفڪيٽ پنهنجي زال کي ڏيکاريندو جيڪا کيس چريو سمجهندي آهي. جنهن تي ڊاڪٽر ساڻس مُخاطب ٿيندي چوي ٿو ته؛ ”سچ ٻڌايانءِ ڀائو. . . . . . . . .  منهنجي زال به مون کي چريو چوندي آهي. خوشگوار زندگيءَ لاءِ زال، مڙس ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي چريو ٿيڻو پوندو آهي.“ اُن ڳالهه تي هُو ڊاڪٽر ڏانهن ڏسي ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ڄڻ سندس زال ڊاڪٽر جي روپ ۾ ساڻس ڳالهائي رهي هُجي. اُن وقت هُن کي پاڻ کان وڌيڪ ڊاڪٽر چريو لڳي ٿو.
”تون هاڻ اُهو ناهين رهيو!“ ڪهاڻيءَ ۾ ھُو آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڌُنڌلو ڏسندي ويتر سندس لڱن مان ساھ ڇڏائجي وڃيس ٿو. ڪي پَل بدلجندڙ ڪيفيت جو ڊپ، سندس جسم هلڪو ڪري ڇڏي ٿو. خود ڪلاميءَ واري انداز ۾ هُو پاڻ سان ڳالهائي ٿو. پنهنجي زال آسيه کي سڏي ٿو. ۽ ٻين ايندڙ خيالن جو اظهار ڪندي، مُختلف ڪيفيتن مان گُذرندي هُو آسيه جو نالو وٺي سڄي گهر ۾ ڳولي ٿو. پر گهر ۾ نه آسيه آهي نه ئي سندس جاڙا پٽ. واپس ڪمري ۾ اچي آسيه جي ڪاڏي نڪري وڃڻ واري سواليه ڳالهه تي سوچي ٿو. ڪرسيءَ تي ويهندي، ٻئي هٿ چهري تي ڏئي ياد ڪرڻ لڳي ٿو. . . . . اُن مهل کان وٺي پوئتي سڀ واقعا پوئين پير سوچيندي، هڪ منظر تي بيهي رهي ٿو. هاڻ هُن کي ياد اچي ٿو ته، گُذريل رات هُن گهڻو پيتو هو. پورا ٻه آڌيا شراب جا پي ويو هو. پيئڻ کان پوءِ هن آسيه کي رڙ ڪري سڏيو هو. اُن حالت ۾ هُن آسيه کي مار ڪٽ ڪئي هئي. آسيه روئيندي ٻارڙا ساڻ ڪري گهر مان هلي وئي هئي. ايئن هي ڪهاڻي گهر جي ئي ڪمري ۾ مُختلف خيالن جو سفر ڪندي اُن مَقام تي پُهچي ٿي جتي لڳ ڀڳ هر مرد مُختلف لذتن جي ذائقن کي ماڻڻ جي اَنڌي جنون ۾ پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر تباھ ڪري ويهندا آهن. هُو موبائل تي آيل ڪال تي موبائل اسڪرين تي”دلبر“ نالو ڏسي مُرڪي ٿو. ڇو ته”دلبر“ جي نالي سان سندس سنگتياڻي جو نمبر سِيو ٿيل آهي. فون تي پنهنجي سنگتياڻيءَ سان ڳالهيون ڪندي هُوءَ سندس زال جو پُڇي ٿي ته هي کيس ناراض ٿي گهر ڇڏي وڃڻ جو ٻُڌائي ٿو. ۽ کيس اچڻ لاءِ چويس ٿو. فون بند ڪري هُو آرسيءَ ۾ خود کي ڏسي ٿو. ۽ سندس عڪس ڄڻ کيس چوندو هُجي ته؛ ”تون هاڻ اُهو ناهين رهيو.“
”هڪڙو انب“ ڪهاڻي پوڙهي غلام حسين جي هڪ درد ڀري ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هُو گهر جي لاءِ انب خريد ڪندي هڪ انب پنهنجي لاءِ الڳ خريد ڪري ٿو. ڇو ته گهر ۾ اُهي انب کيس کائڻ ئي نصيب نٿا ٿين. انب وٺي ٻين ورتل انبن کان ڌار پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ لڪائي ٿو ته متان سندس نُنهن اهو لڪايل انب نه ڏسي ۽ سندن انبن مان انب چوري ڪرڻ جو نه سوچي ۽ پوءِ سندس پُٽ کي اُن مُتعلق ٻُڌائي مَٿس ڏمرائي نه وجهي. رستي ۾ ايندي پاسي واري کيسي کي ڇُهي انب جي موجودگي جي پَڪ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح گهر پهچي نُنهن کي ٻَه ڪلو انب ڏئي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سوچي ٿو ته انب کي فرج ۾ رکي ٿڌو ڪجي پر متان نُنهن کي خبر پوڻ جي ڊپ کان جڳ ۾ پاڻي وجهي ٿڌو ڪرڻ جو سوچي ٿو ته نُنهن وري کيس سَڏي ڏهن روپين جو نوٽ ڏيندي ماچيس ۽ تُلسيءَ جون سوپاريون وٺي اچڻ لاءِ چوي ٿي. هُو مَئي جي پَڇاڙڪي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ نِٽهڻ اُس ۾ نڪري وڃي ٿو. رستي ۾ کيس ياد اچيس ٿو ته هُو پنهنجو هڪڙو انب ڪمري ۾ لڳل ڪٻٽ اندر جڳ ۾ ٿڌي ڪرڻ لاءِ رکي آيو آهي. ڪٿي اُهو سندس نُنهن نه ڏسي وٺي. اُن اُڻ تُڻ ۾ هُو دُڪان تان ماچيس ۽ سوپاريون وٺي اچي پنهنجي نُنهن کي ڏئي ٿو. هُو لڪائي رکيل انب جي سوچ ۾ گُم آهي جو سندس نُنهن کيس سڏي چوي ٿي. ”چاچا هي اوهان ڇا ڪيوَ؟“ هُو پنهنجي وجود ۾ ڏَڪي وڃي ٿو ۽ پَل ۾ صدين جيڏي ڀوڳنا جي احساس ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته نُنهن حيرت ۽ ڪاوڙ منجهان  چويس ٿي ته؛ ”چاچا هي ڪهڙو ظلم ڪيئي!. . . . . . تو کي مون هي سوپاريون چيون هيون؟“ اِهو ٻُڌي هُن جي پٿريلي بُت ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو.
”ڪٽيل تار“ ملهار نالي هڪ بجلي جي مستريءَ جي ڪهاڻي آهي. جيڪو سرڪاري نوڪري ۾ ته ناهي پر ڪنهن لائين مين سان گڏ سندس حصي جو ڪم ڪري مليل خرچي تي گُذارو ڪري ٿو. هڪ ٻن ڏينهن کان ڪم نه ملڻ جي ڪري کيس کيسو خالي آهي.  سندس اهڙي غير قانوني ڪم ڪرڻ تي سندس ڀاءُ به منع ڪريس ٿو پر هي پوءِ به اُهو ڪم ڪندو رهي ٿو. اهڙي طرح ڪم نه ملڻ ڪري هو سوچي ٿو ته ڇو نه اڄ لوڊشيڊنگ دوران سيٺ رشيد جي گهر جي تار ڪٽي ڇڏي. جيڪو وري کيس ئي فون ڪري تار جوڙڻ لاءِ چوندو ته خرچي به ٺهي پوندي. ايئن ملهار بجلي وڃڻ کان پوءِ اُها تار يڪدم ڪٽي گهر هليو وڃي ٿو. ۽ ڪَري ٿو انتظار بجليءَ جي اچڻ جو. بجلي اچڻ کان پوءِ هُو موبائل تي سيٺ رشيد جي ڪال اچڻ جو انتظار ڪري ٿو. پر بجلي اچڻ جي ڳچ وقت کان پوءِ اِهو ڏسڻ لاءِ ته ڇا مون ڪٿي ڪنهن ٻئي جي ته تار نه ڪٽي ڇڏي آهي. اِهو سوچيندي هُو گهران نڪري، ڪٽيل تار واري پاسي ڏسي ٿو ته اُوندھ ۾ ڪي ٻه ڄڻا کيس اُن جاءِ تي نظر اچن ٿا. هي اُنهن ڏانهن وڃي ٿو. ۽ سيٺ رشيد هُن کي ڏسندي چوي ٿو ته ”يار تو ڏانهن ئي ڪال پئي ڪيم جو هِن گهر مان هڪ نوجوان نڪتو.“ سيٺ رشيد لڏي آيل پاڙيسريءَ جي گهر ڏانهن اشارو ڪندي چئيس ٿو؛ ”همراھ ڪو بجليءَ جو ڪم ڄاڻيندو آهي. ويچاري کي شابس آهي، پاڻ ئي چيائين ته مان ٿو تار ڳنڍي ڏايانءِ.  ويچاري پيسا به نه ورتا. . . . . . .  شابس اٿس. . . . . . . چڱو هلون ٿا.“ ايئن هي ڪهاڻي سماج جي هڪ اهڙي حالت جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ بيروزگاري ۾ ماڻهو پنهنجي هُنر وسيلي به مزدوري نه ماڻي سگهي ته پوءِ هُو ڪيئن نه مَنفي رستي تي هلي ٻَه ڏوڪڙ ڪمائڻ واسطي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اهڙي سماجي حالت ڪو تقدير جو حصو نه بلڪ اُن جي ناڪارا سياسي صورتحال جي دکدائڪ تصوير ئي ٿي سگهي ٿي.
”زيادتي“ ڪهاڻي، بدر جي مانڊڻي وٽ گڏ ٿيندڙ سنگت اُت موجود چوواٽي کي ”پاڳل چونڪ“ جي نالي سان سڏي ٿي. اُتي سياري ۾ سنگت مچ ٻاري چانهه پيئندي پئي ڪچهريون ڪندي آهي. ڊسمبر جي ٿڌڙين راتين ۾ باھ تي هٿ سيڪيندي هر ڪو، ڪو نه ڪو قصو ڪهاڻي پيو ٻڌايئندو آهي. ايئن هڪ ڏينهن باھ جي مَچ تي ڪچهري ڪندي هڪ پَڪي عمر جو چَريو، وڌيل وار ۽ ڏاڙهي، ميرن ڪپڙن سان سندن ڀَر ۾ اچي ويهي ٿو. ۽ ماٺ ميٺ ۾ هٿ سيڪي اُٿي هليو وڃي ٿو. بدر مانڊڻيءَ مان سگريٽ کڻي دکائي ٿو ۽ ڪش هڻندي سنگت کي هڪ قصو ٻُڌائي ٿو. جنهن ۾ ماستر رستم، پنهنجي شاگرد سان زيادتي ڪندي پَڪڙجي پوي ٿو. رستم کي پوليس پَڪڙي لاڪ اَپ ڪري ڇڏي ٿي. ٿاڻي تي کوڙ سارا ماڻهو اچي گڏجن ٿا. جن جا مُختلف خيال رکندڙ رويا سامهون اچن ٿا. ايئن متاثر ڇوڪري جو پيءُ ۽ ٻيا ماڻهو صوبيدار جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. صوبيدار اچي ٿو. ۽ ڇوڪري جي پيءُ ارباب ۽ ٻن معزز ماڻهن کي اندر سڏرائي ٿو. صوبيدار ڇوڪري جي پيءُ کي يقين ٿو ڏياري ته هُو هن سان انصاف ضرور ڪندو. ۽ رستم تي غصو کائيندي سپاهيءَ کي سڏرائي لاڪ مان ڪڍرائي رستم کي سچ پترا هڻائي ٿو. جنهن تي رستم جون دانهون سڀ ٻُڌن ٿا. ائين ڪهاڻي مُختلف منظر جوڙيندي پنهنجي پُڄاڻيءَ ڏانهن وڌي ٿي. ته هوريان هوريان وقت گذرڻ سان اُها افسوسناڪ ڳالهه به ٿڌي ٿيندي ماڻهن کان به وسرندي وڃي ٿي. ارباب ٿاڻي تي چڪر هَڻندي، مُختلف وقتن تي سپاهين سان ملندي نيٺ ارباب ڏنڊ ڏوھ ۽ فيصلي لاءِ راضي ٿئي ٿو. جيڪا سموري اندروني سازش صوبيدار جي اشاري سان ٿئي ٿي.
بدر، حال ۾ موٽندي سنگتين کي ٻُڌائي ٿو ته، سَوير جيڪو چريو باھ تي هٿ سيڪڻ آيو هو. اُهو ئي ته ماستر رستم هو. اهڙيءَ ريت ”چريي جي حال تي سوچڻ سان اُن مهل پاڳل چونڪ جي ڪوڏين جي اندر ٻرندڙ ڪاوڙ جو مَچ وسامي وڃي ٿو.“
”ڪورونا“ ڪهاڻي تازو عالمي سطع تي ڦھلجندڙ وَبا جي اثر ڪري سموري دنيا سميت سنڌ به ان کان مڪمل طور تي متاثر ٿي آهي. جنهن ۾ خوف ۽ حراس توڙي بيماريءَ لڳل ماڻهو سنڌ ۾ به ظاهر ٿيا آهن. اهڙي سبب سموري سنڌ پهريون ڀيرو لاڪ ڊائون جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ گهيرجي ڀوڳيندي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ جتي هر مزاج توڙي سوچ جو ماڻهو مُنتشر ٿيو آهي اُتي هڪ حساس ليکڪ پڻ اُنهن حالتن توڙي ڪيفيتن ۽ خوف، حراس جو شديد طور تي شڪار ٿيو آهي. ”ڪورونا“ ڪهاڻي اُنهن سڀني احساسن، خيالن، حالتن جي بهترين عڪاسي ڪندڙ هڪ ڪردار جي محسوسيات جي چٽي تصوير جوڙي ٿي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار هُو ٻاهر دروازي تي صبح جو گهنٽي وڃڻ تي جاڳي ٿو. ۽ ياد اچيس ٿو ته رات ٻين وڳي تائين خاص خبرون ڏسندي سُتو هو. ”هُو پنهنجي ئي شهر جي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي. سرڪاري اعلان موجب تعليمي ادارا بند هُئڻ سبب سندس روز جي روٽين ئي بدلجي وئي اٿس.“ هُو در تي کير واري جو وقت هُجڻ ڪري کير جو ٿانءُ کڻي در کولي ٿو ته در تي هڪ عورت کي ڏسي ٿو. جيڪا لاڪ ڊائون جي ڪري پنهنجي مَڙهي کي ريڙهي نه ڪڍي سگهڻ ڪارڻ گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هُئڻ ۽ ٻَچڙن لاءِ سير اَٽي جو وٺڻ لاءِ پئسن جي گُهر ڪري ٿي. هُو کيس گُهربل پئسا ڏئي واپس ڪمري ۾ اچي ٿو. ۽ خبرن جو چينل ڏسي ٿو. جنهن ۾ خبرون پڙهندڙ عورت کي اڳ ته خبرون پڙهڻ وقت مرڪندي ڏسندو هو پر اڄ اُها به مايوس چھري سان خبرون پڙهي رهي آهي. ۽ عالمي توڙي مقامي تازي مايوس-ڪُن صورتحال کان آگاھ ٿي گهٻرائجي وڃي ٿو. ڀَر واري کٽ تي سُتل سندس زال مريم جاڳي رهي آهي. ۽ پريان بيڊ تي سندس پٽ نديم پڻ جاڳيل آهي. هُو مريم ڏانهن نهاري ٿو. هڪ عجيب خوف هِنن کي گُذريل ڏينهن کان هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي. نه ته هُو هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ سُتل هوندا هئا. حساس طبيعت هُئڻ ۽ خوف جي اثر ڪري، نِڙيءَ ۾ ڪؤڙاڻ محسوس ڪري ٿو. ۽ پنهنجو ساڄو هٿ، کاٻي ڪارائي تي رکي اُتان ھٽائي ڪنڌ تي رکي ٿو. جسم هلڪو گرم محسوس ٿئيس ٿو. نَڪ سُڻڪي ڏسي ٿو، لڳيس ٿو ته کيس زُڪام آهي. سندس لڱن مان ڏڪڻي نڪري وڃيس ٿي. هُن کي ڪورونا جي وَبا جون ٽئي نشانيون پاڻ ۾ محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون. ايئن مُختلف ڪيفيتن مان گُذرندي پنهنجي زال سان لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا مُتعلق ڳالهائيندي. ڀاڄي وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ مين روڊ تي چڙهي شهر جي سڄو ڏينهن وهندڙ روڊ کي سُنسان ڏسندي پنهنجي اندر ۾ ڏڪي وڃي ٿو. شهر ۾ هڪ اَڌ ڪو ڀاڃي جو دُڪان کُليو هُجڻ ڪري ڀاڄي وٺي تڪڙو ڊڄندي گهر موٽي ٿو. ايئن سندس موبائل تي سکر مان وڏي ڀاءُ جي فون اچيس ٿي. جيڪو سکر ۾ ايران مان آيل زائرين کي ڪورونا جي شڪ ۾ آئيسوليشن سينٽر ۾ رکڻ ڪري سموري شهر جيان خوف ۽ وهم ۾ وٺجڻ ڪري وَٽس لاڙڪاڻي وڃي رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هُن کي اُن پَل ايئن لڳي ٿو ڄڻ سکر مان سندس ڀاءُ جي نه پر ڪورونا جي وَبا فون ڪري اچڻ جي اجازت گُهري رهي آهي. موبائل ٽيبل تي رکي هُو مريم کي ڏسي ٿو. ”ادا هُيو. چيائين پئي ته سکر ۾ ڪورونا جي ڀئه سبب ٻارڙا پريشان ٿي ويا آهن. سو هيڏانهن اچڻ چاهين ٿا.“ هُو ڪرسيءَ تي پاڻ کي ڇڏي ڏئي ٿو. هُو ڄاڻي ٿو ته مريم رڙيون ڪري کيس اِهو چوندي؛ ”پوءِ تو ڇا چيس!. . . . . . . . هتي اچي ڪندو ڇا؟ اسان کي به بيمار. . . . . .  مون کان ته پُڇين هان. . . . . . . . ايئن ئي ها ڪري ويٺين؟
هُو مريم کان اکيون لِڪائڻ لڳي ٿو. اوچتو ڪَنن تي مريم جو آواز پَويس ٿو؛ ”اهڙن ڏينهن ۾ ته ماڻهوءَ کي دشمن تي به ڪَھل ڪرڻ گُهرجي، هي ته وري به اسان جا پنهنجا آهن. . . . . . . . الله سڄي جهان ڏي خير ڪري. ڀلي اچن. “
هُن جون اکيون ڀرجي اچن ٿيون. هُو مريم کي ڀاڪر ۾ ڀَري ڳل تي چُمي ڏيئس ٿو. اُن پل کيس لڳي ٿو ته ڄڻ انسانيت ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.“
هي ڪهاڻي انتهائي ڀيانڪ ۽ مايوس ڪندڙ ۽ ذهني طور تي مَفلوج ڪري ڇڏيندڙ صورتحال ۾ اهڙي اُتساھ بَخشيندڙ پُڄاڻي زندگيءَ سان پيار جو هڪ نئون حوالو تحرير ڪري ٿي.
ممتاز لوهار جو هي نئون ڪهاڻين جو ڪتاب ”کُليل دريءَ جو درد“ ۾ موجود ڪهاڻيون، ڪنهن نه ڪنهن طرح، سماج جي مختلف حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. انهن ۾ فني پختگي ۽ موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ڍالڻ جو انداز، ممتاز وٽ گهڻو پختو ۽ نفيس پڻ آهي. توڙي جو ڪجهه ڪهاڻين ۾ سندس معياري ڪهاڻين وارو رنگ، جهيڻو به آهي پر مجموعي طور تي ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر جون سگهاريون کنيل اهڙيون وکون آهن، جن جا پيرا پنهنجي پنڌ جي ساک ڏين ٿا.

No comments:

Post a Comment