Friday, June 12, 2020

ڪڏهن ڪڏهن دل کڄي به ويندي آ - نصرت چ


ڪڏهن ڪڏهن دل کڄي به ويندي آ
ڪهاڻي
نصرت چ
ملان مائيڪ کي ٺونگو هڻي، کنگهڪر ڪري اڃا ’الله اڪبر چيو ته شانان وڃي کڙ جي ڪونر وٽ پهتي. ڀر ۾ رکيل جستي ڪلسي سان هن، ڪونر ۾ ڀڄايل کڙ کي ملايو ته سڄي ماحول ۾ کڙ جي بوء ڦھلجي وئي. هن ٽوڪرو کڻي، بھ واري ڪوٺي مان، سڀني ڪونرن ۾ بھ وڌو ۽ پوءِ ڪينگر کڻي کڙ جي ڪونر مان ڀريندي، بھ کي ملڻي ڏيندي، فارغ ٿي بالٽي ۾ بچيل پاڻيءَ مان هٿ ٻوڙي بھ ۽ کڙ کي هٿن تان لاٿو. پوتيءَ سان هٿ اگهندي، هن ٻھارو وڃي کنيو. چئن ڪمرن جي اڳ وارو پڌر ميڙيندي اچي ٽاري جي هيٺان پهتي، ويڙهي جو عورتون اکيون مهٽينديون پنهنجي پنهنجي ڪم سان لڳيون. ويڙهو ڇا هيو، پنج گهر هڪڙي ئي جاءِ تي هئا، جن جي چوڌاري ڪو ورلي ڍينگھرن جو لوڙهو ڏنل ھو۔ پنج ئي گهر پاڻ ۾ سوٽ، ماسات، پڦاٽ، ماروٽ ھئا۔


ساريالو علائقو هو. گرمي، سارين جي اوٻر ۽ گهٽ سبب ٻوسٽ ھو. رات جو پچاڙڪو پھر، ننڊ اکين ۾ آکيرو ٺاهيندي هئي، نه ته مڇر تڙيندي رات گذري ويندي  هئي۔
شانان ٻهاري سان ٽاريءَ جا پن ميڙيندي، وھنجڻ جي جاءِ تي اچي پهتي، جنهن کي چوڌاري گاري ۽ پڪين سرن سان چئن فٽن جي ڀت ڏنل هئي. ماڻهو سڌو ٿي بيهي ته ڪلهن کان مٿي سڄو ظاهر ٿئي.
شانان جڏھن نلڪي جي گيڙڻ جو آواز ٻڌو ته ويسوري ۾ پئجي وئي ته ھي ڪير صبح سان اچي وهنجڻ جي جاءِ تي پهتو آھي، ھن ڀت تي واڱڻائي وڳو ڏٺو. دماغ ويڙھائڻ لڳي ته اسان ڏيرياڻين مان ڪنھن کي اھي ڪپڙا پاتل ھئا. يڪدم سندس خيال افروز ڏانھن هليو ويو. ”ھا جائي افروز کي ئي اھو وڳو پاتل ھو.“
ھوءَ اڃا سوچ ۾ئي ڦاٿي بيٺي ھئي ته پريان منظوران، نلڪي ڏانھن پئي آئي؛ “اڙي ڇا وڃايو ٿي جو افسوس ۾ بيٺي آھين.“
شانان ھٿ ۾ جھليل ٻهاري سان اشارو ڏنس.
منظوران جو وهنجڻ واري جاءِ ڏانھن ڏٺو ته افروز چولي ۾ ٻانهون وجھندي ڳچيءَ مان مٿو ٽپائيندي، ٻاهر نڪتي ۽ چولي کي سٽ ڏئي ھيٺ لاٿائين. شانان چپن تي آڱر رکندي چيس؛ “اڙي مائي ھي قھر ڏس، اڃا ڪالھ شام جو پورو مينديءَ جو وٽو مٿي ۾ وڌو اٿائين.“
افروز واڇون ٽيڙي بيبي رھي؛ ”ادي مان ڇا ڪريان؟ بي بڻيادي جي خبر اٿوَ، شل نه ڪو جسم تي چڱو لٽو ڏسي، پوءِ پٽ پٽان هوندس، گھڻو جھليومانس ته اڙي نه ڪر، مھيني کانپوءِ ميندِي وڌي اٿم، شانان کي ايلاز ڪري، وريون ڏياري وڌي اٿم، ڇو ٿو منھنجو ڪيو ڪرايو ڪم خراب ڪرين. تڏھن به مڙسالو مڙي ڇا؟“ مٿان منظوران لاڳ وٺرائيس؛ ”ادي مڙسالو جو مڇين جون منڍيون ڪاڙھائي پيئندو ته مڙندو ڇا؟.“
ها ادي مڇي ته وڻندي اٿس. پر ڪالھ سيدن جي ڳوٺ ويو ھو ته سنڌي ڪڪڙ بغل ۾ کنيون آيو ھو، اھو سو منجھند جو کاڌو هئائين.
وري شانان اچي ھنبِي طنبي ڪيس؛ ”هيڏي ڙي، جڏھن خبر به ھيئي ته مڙسھن ڪڪڙ کاڌو آ ته مونکان ڇو هروڀرو ميندِي ٿڦرايئي؟“
منظوران وري مٿان جملو ھنيس ته؛ ”ادي ھي پاڻ اڳٺ ڍري آھي.“
مٿان منظوران لاڳ وٺرائيس؛ ”ادي مڙسالو جو مڇين جون منڍيون ڪاڙھائي پيئندو ته مڙندو ڇا؟.“
چوين سچ ٿي ادي، ڀلا جي ھيءَ ٿورو اک پٽي ته ھو ڪو زوريءَ هٿين پوندس ڇا؟.“ شانان، افروز سان مخاطب ٿي.
اڙي ڀيڻ اھي مرد اھڙا آھن، جو ٻي شاديءَ جو دڙڪو ڏيندي، دير ئي نٿا ڪن. ھو ماسات سبحان جو مڙس ڏٺئي نه ڪيئن شادي ڪري شھر وِيھي رھيو. رڳو زال، ٽي ڏينھن، ماءُ سان وڃي اسپتال ۾ رھي، سو عمر ڀر جي سور کان، جھٽ گھڙي جي، ھيءُ پٽ ڀلي“. افروز، مڙس جي پرڪارن کي ڄڻ ڍڪ ڏنو.
ھا ادي افروز کي به سور سجھن ٿا.“ شانان، منطوران کي ويجھو ٿيندي چيو.
ادي توھان کي خبر ئي ڪونھي، جي جواب ٿي ڏيان ته، مهڻن ۾ ئي ماري ٿو وجھي. چي؛ ڇو؟ نٿو وڻانءِ ڇا؟ وري رکي رکي ڪُک ۾ اھڙي ٺوٺ ٿو وهائي ڪڍي جو سڄي سڄي رات سور کان ننڊ ئي ڪونه ٿي اچي. وڃان ته وڃان ڪاڏي؟ اھو به خوف الڳ ته، ڪاٿي اڇو منهن نههه ڪري وجھي پوء رڳو ھاء ڦٻندي.“ افروز سڀئي الڪا بيان ڪري، آلن وارن کي ھٿ سان ڇنڊڻ لڳي.
منظوران، افروز جي لاچاريءَ وارو جملو ٻڌي، وڃي نلڪي تي پھتي. منهن کي پاڻي جو ڇنڊو ھڻي، اچي وري پنهنجا سور پٽڻ شروع ڪيائين؛ ”ادي مان ته ان روز روز جي آزار کان ڇٽل آھيان، مڙس سيلر تي ڪم ڪري، ٽي بي جي ور چڙهيل آھي، ڪو مھيني ماسي ٿو پور پويس، نه ته سدائين دوائن جي بلي.“
شانان کي وري پنهنجا سور؛ ”ادي مون وارو وري، پگهر کان اھڙو ٿو ونئون وڃي جو ڪانءُ ڄڻ ڪمان کان. ٻوٿ بڇڙو ڪري ٿو چوي؛ رن ويجھو ويهڻ کان ارواح ئي کڻائي ٿي ڇڏين.“
ھا ادي تو وارو آ، شھري بابو، سڄو ڏينھن ٿو ڪيبل تي، هندستاني شوديون ڏسي، جيڪي اڌ اگھاڙيون ٿيو، ٺينگ ٽپا ڏين. پوءِ تو مان ڌپ ڇو نه ايندس.“
”بس ادي ڪجي ته ڇا ڪجي، سڄو ڏينھن ٿيون ڄنگھون ھڻون، مال جي ڪيئون، ٻارن سان منهن ڏيئون، وري رات جي جھڳ جھڳ الڳ، اولاد اچي جوان ٿي آ، اھا ڇا سوچيندي ته ھي ھر رات ڇا جي جھڳ جھڳ آھي؟ ڪڏھن ڪڏھن ته ڪنڌ کڻي ٿا ڏسن، پوءِ به اھي ساڳيا پرڪار، سو ادي مان ته وڃان ٿي امان وٽ، ٻه ٽي ڏينھن سڪون جو ڪو ساھ کڻان.“
 شانان، بيزاريءَ مان ٻنهي ڏيرياڻين کي ڇڏي، پنھنجي ڪم سان لڳي وئي.
افروز وري ھٿ جي ميڇ ڏئي موٽايس؛ ”ادي تون ڀيڻ ويٺي آھين، مون سان به رات ڪتي جهڙي ٿي آ، تو کي ته خبر ھئي ته رات اوطاق تي مهمان ھئا، سورنهن ڊڳڙيون ته رڳو انھن جون پچايم. گھر جا ڀاتي الڳ، سومھڻي ٿي وئي، مٿان مال کي گاھ جو ٽوڪرو جو ڏنم ته يارنهن ٿي ويا. وڃان جو نلڪي تي ته پاڻي ڪو نه ٿو ڏئي. رھندو بالٽي وارو پاڻي به نلڪي ۾ اوتي بيھي رھيم. سو جهڙي مھل نه سھڪي لٿو، ته چيومانس؛ ’ڳالھ ته ٻڌ! نلڪو خراب آ، ھاڻي وھنجندس ڪيئن.‘ ان مھل اٿيو ٿِي، اوطاق واري نلڪي مان رٻڙي ڪڍي اچي، نلڪي ۾ وڌي اٿائين.“
ھا ادي برابر! مون پاڻ نلڪي جا آواز ڪنين ٻڌا.“ منظوران شاهدي ڏني.
”ڀلا اھو ڪم ڪرڻ کانپوء ته ائين ڪرڻو پيس نه، وري اڳتي جي اميد به اٿس. شانان اڃا ايترو مس چيو ته افروز وري چيو؛ توھان کي خبر ئي ناھي.“
منظوران پڇيس؛ ”اڃا ڪھڙي خبر، رن تون به اسان کي سيڪا ڏئي ٿي مارين.“
نلڪو ٺهي ويو ته، مون سوچيو وڃان لڱ آگھاري اچان. اھا پگھر جي ڌپ ته ختم ٿئي، سو وهنجي اچي آلا وار جو وھاڻي تان، ھيٺ لڙڪائي ڇڏيم ته. وري سندس نيت خراب ٿي.“
منظوران کان رڙ نڪري وئي؛ ”قھر ڙي، مائي مڙسالو آ ياجھرڪ.؟“
شانان نڪ تي آڱر رکي؛ ”ادي چاچي ۽ چاچيءَ کي ڪو نه ڏٺو اٿو، جيڪي پٽن جي ريس تي، ھن عمر ۾ به ڪو نه ٿا مڙن، سو ادي مان ته اڄ ڪنھن نههه ڪنھن مھل، امان ڏي ھلي ويندس، ڪي ٻه چار ڏينھن سڪون جا رھي اچان.“
“اڙي تو وارو ته وري، لک لھي، سڄو ڏينھن ڪيبل تي، پرايون مايون ڏسي ٿو موٽي، سو ان کي تو کان سواء سڪون ڪٿي ايندو، اتي اچي پھچندءِ.“ منطوران، شانان کي به چوچڙي ڏئي ھلي وئي.
شام ٿي ته شانان مظهر جي اچڻ کان اڳ، سس کي ٻڌائي، ٻار ساڻ ڪري، پيڪين ھلي وئي. مظهر جو آيو ته گھر ۾ سڃ ڏسي، ماءُ کان پڇا ڪيائين ته؛ ”امان ھي شاني ڪاڏي وئي؟“
ابا چئي وئي ته امان نياپو ڪيو آ، سو اوڏانهن ٿي وڃان، ٽن ڏينھن کان پوءِ موٽندس.“
مظهر ويچار ۾ پئجي ويو ته اھڙو ڇا ٿي ويو جو ائين بنا ٻڌائڻ جي آءُ ڪيائين.
هونئن ڀي شانان کي جڏھن پيڪن جو نياپو ايندو ھو ته ڪپڙن جي ڳنڍ کڻي مٿي تي رکندي ھئي، ۽ مظهر رڳو ايترو چوندو ھئس؛ ”ڀلو ٿيئي موٽڻ واري ڪجانءِ! تو کان سواء مان ھتي ڇورو ڇنو هوندس. ڀاڄايون سڻڀو ٽڪر ئي ڪو نه ڏينديون.“
مظهر جڏھن شام جي مانيءَ لاءِ کٽ تي ويٺو ته منظوران ماني اڳيان رکندي چيس؛ ”ادا ھاڻي ٿورو گھر تي به ڌيان ڏي، اھي شھري شوديون رڳو ڏسڻ لاءِ ھونديون آھن. وري به ھٿ پنھنجيء تي کپندئي، ۽ ڪجھ چوي به ٿي ته، شانان کي کڻي اُکين تي ٿو کڻين، پوءِ ويچاري، تنگ نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟“
شام جو مظهر جو موڊ خراب ھو، دوست سان ڪئنال واري هوٽل تي چانھ پيتائين ته دوست پڇيس؛ ”ڇا ڳالھ آھي جو ائين منجهيل منجهيل ٿو لڳين.“
مظهر دوست کي سڄو قصو ٻڌايو ته ھو ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
يار مون سان ھيڏو مسئلو ٿيو آھي ۽ تون ٽھڪ ٿو ڏئين؟“
يار اھڙن مردن تي کلي ئي سگھجي ٿو، جيڪي زالن جي رسي وڃڻ تي پريشان ٿي ويندا آھن. مان ته خوش ٿيندو آهيان ته اھا بلا ٻه چار ڏينھن ٽري. اٿي ته شھر ھلئون. چون ٿا ته بازار ۾ اسپيشل مهمان آيل آھن، اصل ھڪ کان ھڪ داڻو آھي. تنهنجو به ڪم ٿي ويندو ۽ اسان به نظر مان ڪڍي اينداسين. پوءِ اڪيلي ۾ ڪا ھڪ رات ڪڍي ڪچهري ڪبي.“
ٻئي ڄڻا اٿي بازار ۾ پھتا، واءُ سواء وٺن ئي پيا ته پوليس اچي ڪڙڪي. سڀني کي موبائيل ۾ وجھي ٿاڻي تي کڻي وئي. ميڊيا اچي پھتي ھمراهن جا منهن ڪيمرائن ۾ اچي ويا. چئنلن باھ ٻاري ڏني. سڄي راڄ تماشو ڏٺو. خبر، مظهر جي ساھرن تائين پھتي. ممڻ مچي ويو.
مظهر کي ڪيبل جي مالڪن پئسا ڏئي ڇڏايو.
مظهر ھاڻي وڃي ته ڪاڏي وڃي، بدنامي ۽ خواري الڳ. ڀائرن جي ٿڪ لعنت الڳ، شانان روئي کڻي ڪن ڪيا؛ ”مان ته چوندي ھئس پر منھنجو چيو ڪنھن نه ورتو، ھاڻي سڀني کي خبر پئي نه؟“
مظهر مجبور ٿي ٻه چار ماڻھو وٺي ساھرين پھتو. ”غلطي ٿي آھي، ھڪ دفعو معافي ملي. وري اھڙو ڪم نه ڪبو. جي ڪيم ته جيڪا سزا وڻيو ڏجو.“
معافي تلافي کانپوءِ سڀئي موٽي پنھنجي گھر آيا. مظهر ساھرن ۾ رات رھي پيو. شانان، ٿاڌل تيار ڪرائي جنھن ۾ بادام، ڪارا مرچ، ست مغزي وجھي مصريءَ ۾ مھٽرائي اصل صفا من ڪرائي رکي. سندس اکين ۾ رت لھي آيو، ھن ڀر ۾ رکيل ڀڄايل ميندي جو وٽو کنيو ۽ ميندي کي ڪپڙي ڇاڻ ڪري، ٿاڌل ۾ ملائي، مظهر کي پياري ڇڏي.

No comments:

Post a Comment