Saturday, June 13, 2020

سماجي نظرين کان ڏور، جديد آرٽ جو سفر - خليق ٻگھيو


سماجي نظرين کان ڏور، جديد آرٽ جو سفر
مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون ڪتاب ’بارش کان بارش تائين‘
تجزيو: خليق ٻگھيو
لاڪ ڊائون جي ڏينھن ۾ مون، مجيب اُوٺي جو ڪَھاڻي-ڪتاب ”بارش کان بارش تائين“ پئي پڙھيو آھي. ھيءُ ڪتاب آڪٽوبر ۲۰۱۹ع ۾ ’ڪنول پبليڪيشن، قنبر‘ ڇپيو آھي. بنا مُھاڳن واري ھن ڪتاب جي ارپنا ’پروفيسر اروشيءَ‘ جي نالي ڪئي وئي آھي. بيڪ پيج تي پروفيسر اروشي، رحمت الله ماڃوٺيءَ ۽ منور سراج جا مختصر ترين رايا آھن. ڪارنر ورقن ۾ معشوق ڌاريجو ۽ شاھنواز خاصخيليءَ جا مختصر ترين رايا شامل ڪيا ويا آھن، ڪتاب ۾ ڪُل اُوڻويھ ”مختصر مختصر ڪھاڻيون آھن. اڪثر ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ نتيجي اخذ ڪرڻ ۾ نھايت آسان آھن. ڪَھاڻين جي ٻولي نھايت سَھل/ سَڀاويڪ /عام فھم آھي. اُنھن ڪارڻن جي ڪري، پڙھندڙ ڪِٿي به بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. پڙھندڙَ ڪِٿي به عدم دلچسپي جو شڪار نٿو ٿئي. ڪَھاڻين ۾ پيغام رسائيءَ جي برعڪس، فرد جي داخليت کي مابعد الطبيعاتي تصور ۾ تورڻ/ تڪڻ جو سعيو ساريو ويو آھي. سڀني ڪھاڻين ۾ فرد ئي آھي، سماج ڪونھي.


مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون حياتيءَ/ سماج جي objective معروضي حقيقتن کي ثانوي حيثيت ڏيندي، مُوضوعي Subjectivity جي بيانيي کي جَنمين ٿيون، ھِن قِسم جي بيانيي ۾، سماج جي اجتماعي واقعن جي برعڪس،  مُوضوعي انفراديت، ۽ داخلي وارتائن کي، وڌيڪ افادي حيثت سان، پيش ڪيو ويندو آھي، ھن ڪتاب جون ڪھاڻيون پڻ، انفرادي ڀوڳنائن ۽ وُجودي نراسائيءَ جي وارتائن جي ڪُننَ ۾ ڦرندڙ ڪھاڻيون آھن، ڪھاڻين ۾ اِھڙن ڪردارن کي فوڪس ڪيو ويو آھي، جيڪي ڪردار، روان سماجي وھڪ کان ڪٽيل ڪردار چَئي سگھجن ٿا، مارڪسٽ ٿيوريءَ  موجب، اِھڙا سماجي ڪردار، سماجي پيداوار ۽ اُپت کان ڇِنل ڪردار ٿين ٿا، جن کي ويڳاڻپ ۽ ’نظريه بيگانگيءَ‘ جا شڪار ٿيل ڪردارَ چَئبو آھي، مُجيب اُوٺي جون ڪَھاڻيون، وُجودي فلسفي جي باقاعدي پيروي نه ڪندي به، لاشعوري طرحَ وجودي فلسفي جي روشنيءَ جي عَڪسن ۾ ئي پَسي سگھجن ٿيون، ڪِٿي ڪِٿي/ ڪن ڪن ڪھاڻين جي ڪردارن  ۾ شعور جي روءِ Streams of Consciousness آھي، ھِن قِسم جي ڪھاڻين کي، جديد/ جدت ڀريون ڪھاڻيون سَڏي سگھجي ٿو. ڪتاب جي نوَن ڪھاڻين جو ڪجھ مفصل سير حاصل تجزيو ڪريون ٿا:
۱. دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي
ھِن ڪھاڻيءَ جو عنوان ئي آرٽسٽڪ ۽ شاعراڻو آھي، سموري ڪھاڻي تجسس ڀري آھي، مرڪزي ڪردار ھڪ عورت جو آھي، جنھن جي شاديءَ جي پھرين سالگره آھي، ھوءَ شاديءَ جي پھرين سالگره تي ھوءَ پُوري شوق سان، سنبري ٿي، پنھنجي ڀريل بُت تي سرھائي محسوس ڪري ٿي، پُونيءَ ۾ ٻڌل وارا ڇوڙي ٿي، ڊگھن ڪارن وارن کي نئين سنئين  ڦڻي ڏئي ٿي، سرد ھَوا ۾ مڙس جو انتظار ڪندي بي چين ٿي وڃي ٿي، ڪھاڻيءَ ۾ موجود  جماليات، حِسي ادراڪ، خلقي ٿي، سندس مڙس جو ڪٿان پتو نٿو پوي ھُو گُم ٿي وڃي ٿو. گھر جو دروازو طلسماتي طور تي ٺڙڪي ٿو. ھوءَ پاڳلن جيان لُوھَ پائي ٿي ۽ در سان لڳي/ ٽَڪرائي ڪِري پوي ٿي. ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته جنھن در سان ٽَڪرائجي ٿي، سو پاڳل خاني جو ئي در ھُوندو آھي. ڪلائيمڪس کي ڪھاڻيڪارَ، آخري اڌ سٽ ۾ تخليقي ٿو، جيڪا ھڪ الڳ فني ڪرافٽمئنشپ آھي. ڪھاڻي پُراسرار لڳي ٿي، ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس پڙھندڙ جي نتيجي کان بدلجي، غير امڪاني ٿي پوڻ ئي، جديد ڪھاڻيءَ جو آرٽُ آھي، جديد ڪھاڻين ۾ ھونئن به پڙھندڙن کي به رياضيءَ جي حسابن جيان آخر ۾ ڪھاڻيءَ جي رٿا ۽ تسلسل وارو نتيجو نه ملندو آھي.
۲. سائي چادر جو ڏک
ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ٻُھاريدار/ ڀَنگيءَ جو ڪردار، مرڪزي ڪردار آھي، جنھن جي زال کي ڇِتو ڪُتو کائي ٿو ۽ ھُن کي گھر ۾ ئي آئيسوليشن ۾ رکيو وڃي ٿو، گھر جا ڀاتي سندس بتالجڻ جو مُدو ٽي ڏينھن، اڍائي مھينا ۽ اڍائي سال ٻُڌائن ٿا. گھر جي ڀاتين پاران  امڪاني طرح ڇِتي ڪُتي کاڌل فرد کي، پاڻيءَ جي بوڙين ۽ جھرڻن مان بتاليل ٻڌائن ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ متاثر عورت کي پائخاني ۾ ننڍڙيون ڏيڏرين مثل ننڍڙا گُلر اچڻ واري ڳالھ پڻ ٿيل آھي. خبر ناھي ھنن ڳالھين جو ميڊيڪل سائنس سان ڪيترو ربط ھُجي!
ڪھاڻيڪار ان قسم جا سوال پڙھندڙ جي اڳيان اُڀاريا آھن،َ آخر ۾ اُھا عورت مري وڃي ٿي ۽ گھر جا ڀاتي سندس مٿان، سائي پُسيل چادر وجھي ڇڏين ٿا. ڇتي ڪُتي جي انجيڪشن واري علاج واري ڳالھ، ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي به موجود ڪانھي. ھيءَ ڪھاڻي سسپينس رکي ٿي، ڏند-ڪٿائي تصورن جي ڀرسان گُذرندي، محسوس ٿئي ٿي، متاثر عورت پنھنجي مڙس سان بيحد محبت ڪندڙ عورت آھي، مڙس/ڀنگي پنھنجو انتقام ھر ڪُتي کان وٺي ٿو، جيڪو ڪُتو ڏِسي ٿو، سو مختلف طريقن سان ماري ڇڏي ٿو، ايتري قدر جو، جيئرن ڪُتن کي، گٽرن ڏئي پُوري ماري ڇڏي ٿو، ڀنگي سُوچي ٿو، ته سَرنھن جي گُلن جي خوشبوءِ واسجڻ سان، ڪُتا ڇِتا ڇو ٿا ٿين؟ مڙس/ڀنگيءَ جي ڪردار جي نفسياتي روڳ کي ڪھاڻيءَ ۾ فوڪس ھيٺ آندو ويو آھي. انتقامي نفسيات جي ڪيترن رُخن کي کوليندڙ ھيءَ ڪھاڻي ڀرپور ڪلائيمس رکي متاثر ڪري ٿي.
۳. پھرين انام ڪھاڻي
ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ آرٽ گيلريءَ جي مُجسمي جا تجسيمي Personification روپ ۾ اظھاريل آھن، ھڪ آرٽ- گئلري آھي، جنھن ۾ ھڪ مُجسمي بابت ٻُڌايو وڃي ٿو ته ھِن جو سنگتراش گُم ٿي ويو آھي، سمنڊ مُنھن-ڪري ويو آھي/ مُجسمي ۾ پاڻ تحليل ٿي ويو آھي، ڪھاڻيڪار اُن جون مختلف رخن کان تصويرون ڪڍي، اُنھن  مان اُن مجسمي جي تاثرات کي نمائشي ٿو، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪِٿي مجسمي کي پريشان، ڪِٿي درويش، ڪٿي نرواڻ جي تلاش ۾ ڀَٽڪيل ڪردار، ڪِٿي ٻار جنھن کي ڳل تي چماٽ لڳل ھُجي، ڪٿي ٻار جيڪو ماءُ لاءِ روئندو ھُجي،ڪٿي روڊ تي آورگي ڪندڙ  نوجوان، ڪٿي پوڙھو جنھن جي ڏاڙھيءَ ۽ وار وڌيل ھُجن، ڪٿي شھر جي منافقيءَ ۽ اُداسيءَ جي شڪايت ڪندڙ، مختلف ڪرداري تاثرات، ڪھاڻيڪار عَڪسي ٿو، ڪلائيمڪس تحت سڀ ڪرداري عڪس، ڪھاڻيڪار کي پنھنجا ئي لڳن ٿا ۽ اينٽي-ڪلائيمڪس ۾ وري سڀ ڪجھ گُم ٿي وڃي ٿو؛ نه آرٽ گئلري، نه مُجسمو. ڇو ته ھڪ پوڙھو شخص کيس ٻُڌائي ٿو ته؛ ”ھتي ڪا آرٽ گئلري نه پر ھتي قبرستان آھي.“
ھِن ڪھاڻيءَ ۾ تصورن، خوابن ۽ ڌنڌلين حقيقتن جو سنگم ته آھي، پر ڪھاڻيءَ مان قاريءَ کي، ڪھاڻي-پَڻي جو ڪو مزاج ۽ سڀاءُ نٿو حاصل ٿئي، ڪھاڻيءَ ۾ علامت نگاريءَ کي استعمال ڪندي، زندگيءَ جي مختلف رخن کي، آرٽسٽڪ زاوين سان ڏيکارڻ جي ڪامياب ڪوشش ضرور ڪئي وئي آھي، پر ڪھاڻي، ظاھر ۾ ڪھاڻي نه تاثراتي ڊائريءَ جو ورق لڳي ٿي.
۴. خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻھو
ھن ڪھاڻيءَ ۾ خوابيده ڪائنات کي شاعراڻي اک سان پُرجھيو ويو آھي ۽ ڏند-ڪٿائي تصورن جي خاڪا-سازي ڪئي وئي آھي، ڪھاڻي پَڙھندي، مَحسوس ائينءَ محسوس ٿئي ٿو ته ڪھاڻيءَ جي ھيئت ۾ ڪيترا ئي نثري نظمن جا شاعراڻا اسٽروڪس پوشيده آھن نئرٽوز بلڪل شاعراڻي مزاج جي نمائندگي ڪن ٿا.
جديد ڪھاڻيءَ ۾ ھونئن به مقرر فني لوازمات تي ڪھاڻي لکڻ ضروري ناھي. ڇو ته جڏھن ڪھاڻي، ڪھاڻيڪار تي غالب پوندي آھي ته ڪھاڻيڪار وٽان ڪھاڻيءَ جي فني رٿا غائب  ٿي ويندي آھي، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس زوردار نٿو ٿئي يا جن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس ناھي ھُوندو، اُن قِسم جي ڪھاڻيءَ مان اُھا نظريا سازي ڦُٽندي آھي ته حياتيءَ جي ھلندڙ سفر تي يقين رکجي ۽  حالتن کان زوريءَ  نتيجا وٺڻ جي ڪوشش غير فطري آھي، ڇوته  حياتي خود ڪلائيمڪس-ليس ھُوندي آھي، فطري طرحَ حياتي ڪِٿي به مقرر فيصلن جي محتاج ناھي ھوندي، جتان ڪھاڻي شروع ڪبي آھي، اُتي ان کان اڳ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھُونديون آھن، جتي ڪھاڻي ختم ٿيندي آھي، دراصل اُتان ڪھاڻي نئون موڙ وٺندي آھي،  جديد ڪھاڻين جي آرٽُ پڻ ڪلائيمڪس- ليس ٿئي ٿو، جديد آرٽ ھيءُ آھي ته ڪھاڻي پڇاڙڪن سٽن ۾ پڙھندڙن کان ڄڻ ڌڪ پٽي وٺندي آھي، جديد ڪھاڻين ۾ ڪلائيمڪس سڀ ڪجھ ناھي ھُوندو، پر ڪلائيمڪس کان پوءِ ڪٿي ڪٿي اينٽي ڪلائيمڪس ھُوندو آھي.
ھِن ڪھاڻيءَ ۾ عنوان ٺھڪندڙ ڪونھي، پر ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس ضرور آھي، ڪھاڻي ھڪ ڇوڪري جي ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪو ننڍي ھُوندي کان خوابن جو مُتلاشي ھُوندو آھي، خوابن کي گُڏين جھڙو تصور ڪندو آھي، پکين جا اڪثر خواب ڏسندو آھي، پکين جي نرسنگ ڪندو آھي، پکين جي موت تي روئندو آھي ۽ خوش ٿيندو آھي، پھريون خواب جھرڪين جو ڏسندو آھي، آخر ۾ خواب ئي سندس اکين کي ساڙيندا آھن ۽ اُن عمل کي ڪھاڻيڪار ڪلائيمڪس بڻائي ان کي “خوابن مان خارج ٿيل ماڻھو“ سَڏيو آھي، ڪھاڻيءَ جو ڪردار فطرت ۽ نفسيات جي وچ تي بُولاٽيندو کائيندو رھي ٿو، ۽ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ پُراسراريت ھيءَ آھي، نيٺ خواب ڏسندڙ اکيون سڙڻ لڳن ٿيون.
۵. رھجي ويل ملاقات جو لمحو
ھيءَ ھڪ رُومانوي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪنھن شخص جي پريمڪا، کانئس وِڇڙي مري وڃي ٿي، پر ھُو خواب ۾ کيس ساڳيو جوان ۽ تازو ڏسي ڇِرڪي پوي ٿو، ھُن کي يقين نٿو ٿئي ته ھوءَ مرڻ کان پوءِ به، اچڻ سان ساڳي قسم  خوشبوءِ پکيڙي سگھي ٿي، مري ويل پريمڪا جون يادون ساري ٿو، ھُن کي ائينءَ ٿو لڳي ڄڻ ھُوءَ کيس وٺڻ آئي ھُجي نيٺ ھُو سندس قبر تي ساڻس ملڻ وڃي ٿو، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻي-پڻو ڪونھي. پر رنگين تخيل پرستي آھي. سموري ڪھاڻي داخلي احساسن جي ڊائريءَ جي ورقن جيان لڳي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل خيالَ مابعد الطبيعاتي وھمن مان نچوڙجي، قاريءَ جي تجسس کي وڌائين ٿا. مُنھنجي خيال ۾ ھيءَ ڪھاڻي، لاشعوري طرحَ پريمڪا جي مري وڃڻ کان پوءِ به، محبت جي وجود تي ايمان آڻڻ جي مابعد الطبيعاتي فلسفي تي زور ڏئي ٿي ۽ اڻَ-سِڌيءَ طرح، محبت جي مادي تصورن کي ردُ ڏئي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ جيئري انسان کي مُئل پريمڪا جو انتظار ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. سموري ڪھاڻي ممڪنات ۽ ناممڪنات جي تصورن تي بيٺل آھي.
۶. سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري
ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڇوڪري، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ييئر ۾ آھي، پنھنجي جيون -ساٿيءَ چُونڊڻَ  لاءِ ھڪ  مرد جي چونڊ ڪري ٿي، ھوءَ بي خبريءَ ۾ خواھشن جي گھوڙي تي سوار ٿئي ٿي، ھُن کي شديد خواھش ٿئي ٿي ته ھوءَ پنھنجي پريم کي حاصل ڪري وٺي، اُھو پريم ڪندڙ، جنھن سان صرف ھڪ ڀيرو ملاقات ٿي ھيس، جنھن ملاقات ۾ کيس ٻه ڀاڪر ۽ ٻه چُميون ئي نصيب ٿي سگھيون ھُيون. سندس ماءُ کيس چَئي ٿي ته؛ ”جنھن مرد جي سيني تي گھاٽا وار ٿيندا آھن، سي بيوفا ٿيندا آھن“
پوءِ اتفاق اِھڙو ٿئي ٿو ته جو ماءُ جي اُھا چَوڻي ئي ھُن ڇوڪريءَ جي، عملي زندگيءَ ۾ سچ ثابت  ٿيندي آھي، ڇوته ھُن ڇوڪريءَ سان ھڪ اِھڙو مرد ئي بيوفائي ڪري ٿو، جنھن جي سيني تي گھاٽا وار ھُوندا آھن، ھيءَ ڪھاڻي سائنس ۽ سماجي نظرين جي برعڪس، پُراڻي مفروضياتي قِسم جي ساڳي چَوڻيءَ تي مشتمل آھي ته؛ ”سيني تي گھاٽن وارن وارا مرد بيوفا ٿين ٿا“، ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي نسواني نفسيات ۽ رومانس ۾ اندر جي آنڌ مانڌ کي، سگھاري آرٽسڪ نموني پيش ڪيو ويو آھي، ھيءَ ڪھاڻي عنوان سان ٺھڪندڙ، ڪلائيمڪس ڏيندڙ ڪھاڻي آھي.
۷. اڪيلائيءَ جو آخري ڇرڪ
ھيءَ ڪھاڻي بنا ڪلائيمڪس جي، ھڪ اداس ملول، حساس، اڪيلي ۽ محروم شخص جو  پورٽريٽ آھي، ھڪ اِھڙو شخص، جيڪو ماڻھن جي روين کان خوفزده ھجي، جنھن کي پنھنجي پيءُ ڪڏھن نه ٻُڌو پر نظر انداز ڪيو، جنھن ڪري وڏو ٿيڻ کان پوءِ به نفسياتي محروميءَ جو شڪار رھي ٿو، سندس گھر واري پڻ وفات ڪري وڃي ٿي، پر ھُو ٻي شادي به نٿو ڪري ۽ محبوبه جي ساروڻين ۾ مصروف رھي ٿو، ھي ڪردار ھڪ اھڙي شخص جي جيون-خاڪسازيءَ تي مشتمل آھي، جنھن جي نراس جيوت ئي، ھن ڪھاڻيءَ جي آٿم-ڪٿائي نئريٽوز جو سبب بڻيو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ کوڙ خوبصورت جملا حوالن ڏيڻ جھڙا آھن.
ڪھاڻيءَ جو ڪردار، رشتن کان ٽُٽل ڪردار آھي، ويڳاڻو ۽ مايوس ڪردار آھي، ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار جي مختلف ڪيفيتن جي قِسمن کي دريافت ڪيو ويو آھي، ڪھاڻيڪار، ڪھاڻيءَ جي ڪردار جي اندر جي ڪائنات کي چڱي طرح ڇنڊيو ڇاڻيو آھي.
۸. ڪھاڻين جو ديوتا
ھن ڪھاڻيءَ ۾ مختلف ڪھاڻين کي تجسيمي روپ سروپ ۾ پسڻ جو سعيو ساريل آھي، ھن ڪھاڻيءَ کي علامت نگاري پڻ چَئي سگھجي ٿو ۽ ڪِٿي ڪِٿي سررئيلسٽڪ ۽ فينٽسي اندازن جي گاڏڙ-ساڏڙ تاثر پڻ ملن ٿا، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڪھاڻيڪار کي ڪھاڻين جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو، جيڪو خانه بدوش آھي، صرف ڪھاڻين جا قافلا ئي کيس ڳُولي لھن ٿا، ڇوته ھُو ڪھاڻين کي امرتا بخشي ٿو، ھُو خود پاڻَ به ڪڏھن ڪھاڻيءَ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو، ھُو ڪھاڻين سان ئي جاڳي ۽ سُمھي ٿو، ڪِن ڪھاڻين کي ھُو ڇِتِ تي لٽڪائي ڇڏي ٿو، ڪھاڻيون ھُن اڳيان دانھين ٿيون ته کين وڪڻيو وڃي ٿو، مختلف ڪھاڻيون کيس ساڻن ٿيل زيادتيءَ کان آگاھ ڪن ٿيون، نيٺ آخر ھُو پاڻ پيٽ لاءِ لکيل ڪھاڻين جي موت کي ڏسي، پيٽ کان ھيٺ جي ڪھاڻي لکڻ چاھي ٿو، پر پَنن وٺڻ لاءِ نڪرندي، ھُو ھميشه لاءِ گُم ٿي وڃي ٿو يا مري وڃي ٿو.
پر ھيءَ ڪھاڻي عُنوان سان اڻَ-ٺھڪندڙ ڪھاڻي آھي مذڪوره ڪردار، ڪھاڻين جو ديوتا ڪيئن ٿيو؟ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ڪردار کي خوامخواه ماريو ويو آھي، جيڪا آرٽسٽڪ ڪمزوري آھي، ڇو ته ڪردار کي مارڻ جي باوجود، ڪھاڻي امڪاني تاثرات ڇڏڻ کان،  محروم رھجي وئي آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪار صرف سوچ کي پروفائيل ڪري سگھيو آھي، ۽ ڪھاڻيڪارُ ڪردار تي، ڪِٿي به پڄاڻيءَ لاءِ ڪردار تي غالب پئجي ڪونه سگھيو آھي مرڪزي ڪردار سندس گرفت کان آخر ٻاھر نڪري ويو آھي
۹. بارش کان بارش تائين
ھيءَ ھِن ڪتاب جي ٽائيٽل- ڪھاڻي آھي، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ شخص جي زال، پنھنجي مڙس سان بي انتھا پيار ڪرڻ چاھي ٿي، پر سندس مڙس کيس نظر انداز ڪندي، ھڪ اھڙيءَ پاڙيسري عورت جي عشق ۾ انڌو ٿي ويٺو آھي، جيڪا عورت شَھر ڇڏي ھَلي  وئي آھي. ڪلائيمڪس اُھو آھي، جو مڙس آخر ۾ پنھنجو اُھو راز پاڻ ئي پنھنجي زال کي ٻُڌائي ٿو ته؛ ’آئون پاڙي واري عورت سان محبت ڪندي، خالي ٿي ويو آھيان. مان ھاڻي تو سان محبت نٿو ڪيان.‘ ھيءُ ڪلائميڪس جي لحاظ کان خود سنڌي سماج جي ڪلچرل ماحول ۾ غير منطقي ۽ غير عقلي ۽ مصنوعي لڳي ٿو. ڇو ته ان قَسم جي راز ٻُڌائڻ جي حماقت، اسان جي سماجڪ ماحول/ ازدواجي زندگيءَ ۾، نه عورت ڪري ٿي ۽ نه ئي مرد ڪري سگھي ٿو.
پر جيئنءَ ته ڪھاڻيءَ جو ڪو مخصوص وطن ناھي ھُوندو، ڇوته ڪھاڻيءَ جو زمان مڪان ڳولڻ ئي ان کي محدود بڻائڻ جي مترادف آھي جنھن ڪر ڪھاڻي، ڪنھن به سماج ۾ لاڳو  ٿي سگھندي آھي. پوءِ به ڪھاڻي پڄاڻيءَ وقت، پنھنجو تاثر، ڀرپور ڏئي ڪو نه سگھي آھي. ڪھاڻيءَ جو ڪھاڻي-پڻو به ڪمزور آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگھ به ڪيل نظر اچي ٿي، ھيءَ ٽائيٽل-ڪھاڻي ايتري اھميت جوڳي ڪانھي، پر اُن کي، ٽائيٽل-ڪھاڻيءَ  ڪري، زوريءَ اھم بڻايو ويو آھي.
جيڪي ڪھاڻيون مون کي غير اھم ۽ گھٽ متاثر ڪندڙ لڳن ٿيون، سي ھي آھن؛
احساس جون لھرون“ ڪھاڻي، ٿوري جادوئي حقيقت نگاريءَ نما به آھي، ته وري اُن ۾ سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي ڇيد جھڙو لقاءُ پڻ مڪس ڪيو ويو آھي. مڪسنگ تجربي جي ڪري ڪھاڻيءَ جو پيغام منتقليءَ جي فن کان محروم ٿي ويو آھي،
ڪھاڻي ”سيئي سڪان ساريان“ پڻ ھڪ عجيب ۽ مُنجھيل ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ عورت ھڪ ئي وقت مڙس ۽ ھڪ ٻئي شخص سان بي انتھا پيارَ ڪري ٿي.
 ڪھاڻي ”زندگيءَ جي ايش ٽري ۾ سڙيل ساھ“ جو ڪو خاص مقصد نٿو نڪري. ھيءَ ڪھاڻي صرف ھڪ سڙيل انتظار واريءَ  دل جي، ھُڏ ٻُڏُ، چنتائون اوسيئڙا ۽ خود ڪلامي سانڍي ويٺي آھي. ھن ڪھاڻيءَ  ۾ ڪھاڻيءَ واري فضا موجود ڪانھي، جنھن ڪري ڪھاڻي ھڪ ڪردار سازيءَ جي عمل کان اڳتي ارتقائي سفر ڪونه ڪري سگھي آھي.
ڪھاڻي ”ٺري ويل چانھ جو ڪوپ“، ٻن پريمڪارن جي جواني گُذري وڃڻ جي پڇتاءَ جي صرف نمائندگي ڪري ٿي، ڪھاڻيءَ جون صرف آخري سٽون متاثر ڪندڙ آھن،
ڪھاڻي ”خوف جي خوشبوءِ“ ۾ موت جي خوف کي عڪسڻ جي ڪوشش ٿيل آھي. موت جو خوف، آخر مذڪوره ڪردار کي پاڳل ڪري وجھي ٿو ۽ ھُو روڊن تي ڊوڙندو چوندو وتي ٿو ته؛ ”مان مري ويندسانوَ!“ ڪردار جي علاج بابت ڪا به ڄاڻ نٿي پوي.
ڪھاڻي ”ھِن دل جي خانه بدوشي“ تي ڪِن ڌرمي عقيدن جو اثر آھي. پر ڪھاڻي ڌرمي عقيدت پرستيءَ ۽ وھمن ۾ ڦاسجي رھجي رھجي وئي آھي، ھڪ شخص کي پنھنجي پريمڪا نانگڻ جي روپ ۾ پنھنجو وجود پَسائي ٿي، نانگن جو انسان ٿيڻ ۽ انسان مان نانگ ٿيڻ بابت ھِن قسم جا ڪيتريون ئي فلمون ۽ ڊراما پاڙيسري ملڪ جا ڪيبل تي اڳ به ڏسندا آھيون.
باقي بچيل ڪھاڻيون، ڪتاب جي ڀراءَ جون ڪھاڻيون آھن، سُڪي ويل گل جي خوشبوءِ، ڪھاڻيءَ جي ڪناري تي بيٺل ڇوڪري، ننڍپڻ ۾ مري ويل شخص، وائلن جي ٽُٽل تار جھڙي ڇوڪري.
ڪھاڻين ۾ ڪي مڪالما نھايت تخليقي، آرٽسٽڪ زاويا دريافت ڪندڙ، من جي ڪائنات کي ڇُھندڙ، سگھارا ۽ خوبصورت آھن، جن جو تعلق جتي  سماجي زندگيءَ جي ڪردارن سان جسم ۽ روح جيان آھي، اُتي اُھي مڪالما ڊي ڪوڊنگ ڪندي، جيڪڏھن ڀڃ- گھڙ  تنقيد Deconstruction جي تحت ڏسجن ته اُنھن مان مختلف معنويت جا تَھَ کُولي سگھجن ٿا، اِھڙن جملن جي نشاندھي ڪجي ٿي :
جڏھن ماءُ مري ويندي آھي ته پوءِ ماڻھو محبوبه جي سھاري جيئڻ لڳندو آھي.“
زندگيءَ جي اُنھن سوالن ۾ مون کي محسوس ٿيو ته: خواب، پکين جيئن آھن.“
ھن کي ھاڻ اُھا پڪ ٿي وئي ته؛ خواب، موت جھڙو آھي.“
ھيءُ به ڪيڏو وڏو حادثو آھي، جو ماڻھو خوابن جي لاشن کي پنھنجي اندر دفنائي خود ھڪ زنده قبر ۾ بدلجي ويندو آھي.“
جڏھن مرد جو روح رڙيون ڪندو آھي ته اھا عورت جيڪا ساڻس محبت ڪندي آھي اھا ئي اھي خاموش رڙيون ٻڌي سگھندي آھي.“
“اداس دليون خانه بدوش ھونديون آھن “
هن کي ٻاروتڻ ۾ ٻُڌو نه ويندو آھي،اُھي وڏا ٿي خاموش ٿي ويندا آھن.“
”ڇا ڀلا نانگڻ جي فنا به ٿيندي آھي؟“
شاديءَ کان پوءِ عورت جي انا مري ويندي آھي ۽ نانگڻ جي انا پوءِ به  زنده رھندي آھي.“
پيٽ ڀرڻ ۽ پيٽ کان ھيٺ جي ڪھاڻي ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن.“
”ٻين ڪاڻ اداس رھندڙ شخص جي ذات ئي مڪمل ھُوندي آھي.“
ھُو ھميشه ھڪ پُراڻي خوشبوءِ جو متلاشي ھو.“
مجيب اُوٺي جون ڪھاڻين تي ڪنھن به سياسي سماجي نظرئي جو رنگ چڙھيل ڪونھي، پر سندس ڪھاڻيون، زندگيءَ جي اصلي سچائين کي عڪسين ٿيون، يا ائينءَ چَئجي ته سندس ڪھاڻيون، نراس رُوحن جا آٿم- ڪَٿائي بيانيه آھن، مجيب جون ڪھاڻيون رومانس کان محروم ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي حياتيءَ ۽ ڪائنات جي ڪشش کان معذور آھن، جن وٽ رڳو ويراڳ آھي، سنجوڳ ڪونھي، جنھن ڪري اُھي ڪردار اھڙا ذھني مريض پڻ آھن، جن کي جديد سائنسي دور ۾  نفسياتي علاج کان محروم رکيو ويو آھي، ڪھاڻين ۾ سندس علاج جو ڪو نشان ئي ڪونھي، اُھي ڪردار جيڪي زماناسازيءَ جي ڪري، زنده لاش بڻيل آھن، ٻئي تناظر ۾ ھُو خوابن جو ڪھاڻيڪار آھي، خوابن جي رستي ھُو فرد جي لاشعور جي پردن کي کولڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو، ڪٿي عڪيسل ڪردار، ڪيفياتي سطح تي يڪسانيت جو شڪار آھن، ڪردارن جا نالا گم آھن، سموري ڪتاب ۾ ڪردارن جا فرضي نالا به ٻه ٽي مشڪل سان ملن ٿا، ھُو ڪردارن کي ڄڻ نثري نظمن ۾ سمجھائي ٿو،انھن جي ڪيفيتن کي، نظمي سٽن ۾ اُوتي ٿو،ھُو ڄڻ ته ڪھاڻيون نٿو لکي، پر صرف ڪردار سازي ڪري ٿو، ھُو ڪردارن جي نفسياتي لاڙن کي رونما ڪندڙ ڪھاڻيڪار آھي، سندس فڪشن ۾ آرٽ زبردست آھي، پر مايوس ادب به جھاتيون پائي ٿو، اھڙو ”مايوس ادب“ سماج کي اجتماعي سطح تي، فائدو نٿو پُھچائي، پر فرد سان مخاطب آھي، اداس مايوس ادب سماج ۾ سُست ۽ غير متحرڪ ڪردارن کي خلقي ٿو، پر جديد ڪھاڻيڪارَ ان جي پرواھ نٿا ڪن، مُجيب اُوٺي جي ڪھاڻين جا ڪردار پڻ، غير متوازن، غير توانا، غير مُتحرڪ ۽ غير انقلابي آھن، پر اُھي ڪردار پنھنجي ئي وُجود جي غمن ۾ ٻُڏي ويندڙ ڪردار آھن، ٻئي پاسي جديد ڪھاڻيءَ جي آرٽ جي لحاظ کان، اُھي ڪردار پنھنجي من ۾ جھاتي پائيندڙ ڪردار آھن، رُومانس کان ڇنل ڪردار، محبتن کان محروم ڪردار،خوشين کان لاوارث ڪردار، حسرتن ۾ غوطا کائيندڙ ڪردار، جيڪي  مليل ڀاڳ کي ورثو سمجھن ٿا ۽  تدبير جي سماجي سائنس کان لاتعلق آھن ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ جي برعڪس، حالتن جي پُٺيان رُوحاني سفر ڪن ٿا. ڀاڳن کي موٽائڻ لاءِ جُستجو نٿا سارين. ليکڪ/ ڪھاڻيڪار جو اُن ۾ ڏُوھ ناھي. خود سماج ۾ اھڙا اڳواٽ ڪردار موجود آھن.
مُنھنجي خيال ۾ اِھڙي قِسم جي ادب ۾ ڪِٿي نه ڪِٿي، ماڻھو پنھنجي جذبن جي ڪٿارسس جو ڦل ڳولي ٿو،مُجيب اوٺي جي ڪھاڻين کي پڻ ساڳي محسوسات سان پَسي سگھجي ٿو، سندس ڪَھاڻين ۾ محرومين جا رُومانس آھن، بي دين غمن جي اوڊيڙ آھي، حياتيءَ جي ”وڃايل جوھر“ جي نمائش آھي.
ھِنن ڪھاڻين جي اُونھاين ۾ وڃڻ سان انسان جي دُکي درد، رنج غم، مفاد پرستيءَ، خود غرضيءَ بيوفائيءَ جي ڪَٿَ ڪري، سماج جي  بُنيادي محرڪن ۽ ڪارجن کي نئين سر پرکي سگھون ٿا.
ڪتابَ جيئرا وجود ٿين ٿا، پوءِ ڪي ماڻھو، اُنھن ڪتابن سان جيئري ئي بيوفائي ڪن ٿا، ڪي ماڻھو ڪتابن سان ئي سموري حياتي نڪاح وجھي ويھي رھن ٿا، ڪتاب ئي ٿين ٿا، جيڪي مُئلن ۾ ساھُ وجھن ٿا، مايوسيءَ کي اُتساھُ، نراس کي آس، ھيڪلتائيءَ کي محفل، وڇوڙي کي سنجوڳ، ڏُک کي سُک، غم کي خوشيءَ، بيگانگيءَ کي مانڊاڻُ ويراني کي چمن، ارھائيءَ کي سرھائي، اپمانُ کي مانُ، رد کي قبوليت، ناڪاميءَ کي ڪاميابي،  نفيءَ کي اثبات، راھَ کي منزل ۽ منزل کي مقام ڏيڻ وارا  ڪتاب ئي ٿين ٿا، پر انھن جي فڪري محرڪن/ڪارجن کان اڻڄاڻائي ئي ماڻھوءَ کي، اُنھن کان پري ڪري ٿي. 
اڄوڪي ڊجيٽل سائنسي، مڪينڪي، صنعتي ۽ سائيبر ادب ۽ علم جي وڌيڪ دعويدار، پھرين دنيا جي سڌريل دنيا، آميريڪا ۽ يورپ جي دنيا پڻ، ڪتابن جي ماھيت کي خُوب سمجھي ٿي، ڪتابن جي افاديت ڪير انھن کان پُڇي ڏسي، پر رڳو ائينءَ به ڪُونھي ته  ڪتاب توھان جي لُڙڪن کي، مُرڪن ۾ بدلاءُ بخشي وٺن، اھنجن کي سھنج ارپي وٺن، پنگلن کي سگھ ڏئي وٺن، ذھني بيماريءَ جي مسيحائي بڻجي وڃن، ڪڏھن ڪڏھن، ڪي ڪتاب روئارين ٿا، گھائن تي لُوڻُ ٻرڪين ٿا، سرد خانن ۾ پيل دردن کي نئين سر سيراب ڪري، ڏُکن جي کيتيءَ کي اُکوڙين ٿا، رُڪيل ڳُوڙھن جي، وھڪرن کي روان ڪن ٿا، وجودن ۾ پيھي وڃن ٿا، روحَ ۾ بسيرو ڪن ٿا، مٺي درد کي جاڳائن ٿا، ڪڙين حقيقتن جا تاڪيا کُولين ٿا، سُورن جا نئين سِر بخيا اُڊويڙن ٿا، اِھڙن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب ”بارش کان بارش“ تائين پڻ آھي، جنھن جو ڪھاڻيڪارُ مُجيب اوٺو، قاريءَ کي، پنھنجي ڪھاڻين وسيلي، پنھنجي پاڻَ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دنيا جھانَ کان ڇِنجي، پنھنجي پاڻ سان ملاقات، جيتوڻڪ انفرادي تجربو آھي، پر ھر تجربو ڌار معنوي وجود رکي ٿو.

(ماھوار ”نئين آس“ رسالي ۾ ”سماجي نظرين کان ڏُور، جديد آرٽ جو سفر“ (مئي جون ۲۰۲۰ع) ۾ ڇپيل) (فيسبڪ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment