Thursday, June 11, 2020

بي بڻيادي - ابراهيم کرل


بي بڻيادي
ڪھاڻي
ابراهيم کرل
گلڻ سر ۽ ڪاني جو ڪم ڪندڙ آھي، جنھن جو مارو، ناري واري علائقي کان ويندي، سعيد آباد جي وارياسن پٽن تائين ھوندو آھي، جتان ھو سر ۽ ڪانا لڻي ۽ ڪپي، ڍڳ ڪري، اتي رکي ايندو آھي. بعد ۾ ٽرڪ ڪرائي تي ڪرائي، کڻي ايندو آھي. ڪانن مان پترون ٺاھڻ ۽ سرن مان ٽُوئا يا ٽوئيون ٺاھڻ، سندس ڪرتِ آھي. پترون مختلف ڳوٺن وارا وٽانئس، اڳواٽ ڏنل آرڊر تحت، کڻي ويندا آھن پر، ٽوئا ۽ ٽوئيون، کجين جي سيزن ۾ ھٿئون ھٿ وڪامي وينديون اٿس. گلڻ ھن ڌنڌي کان اڳ، وڏيرن جي زمين تي وکري (واڙي) ڪندو ھو، جنھن ۾ ھو بصر، ٿوم، ڀينڊي، ڪريلا، توريون، ساڳ، پالڪ، مطلب ته موسم آھر، ھر سبزي تيار ڪندو ھو. جنھن مان وڏيرا به خوب کائيندا ھئا ۽ ھي به پيو کٿين جون ڀروٽيون ٻڌي، قاسم واري ٽانگي تي، کڻي مارڪيٽ پھچائيندو ھو. جنھن مان مليل پئسا ھو، پوتڙي جي ور ۾ قابو ڪري، موٽ تي، ريلوي ڦاٽڪ وٽان، پڙو تماڪ جو ۽ پن جون ٻيڻيون وٺي سوٽا هڻندو اچي، سڌو وڏيرن جي اوطاق تي پهچندو ھو ۽ حساب ڪتاب چڪتو ڪري بوڇڻ ڇنڊي، گھر اچي لسيءَ سان نيرن ڪندو ھو. جڏھن کان باگڙي ميرپور ماٿيلي مان لڏي اچي وڏيرن وٽ پھتا ھا ۽ سبزي پوکڻ شروع ڪئي هئائون ته، گلڻ وڏيرن کي اھو چئي، واڙي ڪرڻ کان جواب ڏئي آيو ھو ته؛ ”وڏيرا ھاڻي پنھنجي يارو ياري.“ وڏيري ويهاري پڇيو ھئس ته؛ ”گلڻ ڇو ڀلا مون مان ڪو رنج پھتئي! جو ائين صفا ھٿ ڪڍيون ٿو وڃين.“


“نه وڏيرا اھڙي ڳالھ ڪونھي، پر جتي وس نه ھلي، اتان ڀڄڻ ڪم وريامن جو ھوندو آھي. ھتي تنهنجا پونئير، سڄو ڏينھن باگڙياڻين سان، ٽھ ٽھ لايون ويٺا آھن ۽ آئي وئي جي بيعزتي ٿا ڪن، ڪو غريب، ٻن واڱڻن يا تورين لاء ٿو اچي ته، مٿي ۾ ڌوڙ وجھي ٿا، گھر روانو ڪنس، اھڙي وکريءَ کان بس ڀلي، جيڪا غريب جي بيعزتي ڪرائي.“ اھي ڏينھن اھي شينهن گلڻ وري نه سندس زمين تي پير رکيو.
گلڻ کي چار پٽ آھن؛ جن ۾ حاڪم عرف حاڪو، عيدن عرف عيدڙو، ڪريم بخش عرف ڪمبو ۽ ضمير عرف ضمو شامل آھن، ڳوٺ ۾ نالو کارڻ يا اڌ سڏڻ جي مردن توڙي عورتن کي پٽ پيل آھي، سو گلڻ جي پٽن کي به، ننڍا توڙي وڏا اڌ نالن سان سڏيندا آھن. گلڻ کي نياڻيءَ جي اولاد ڪو نه ٿي، ان ڪري ھو، جڏھن وڏيرن جي زمين تي واڙي ڪندو ھو ته، ڪنھن به نياڻيءَ کي سبزي پئسن سان ڪو نه وڪڻندو ھو، بلڪ مفت ۾ ڏيندو ھو، وڏيرو به هروڀرو خفا ڪو نه ٿيندو ھئس. ھن جا پٽ جڏھن ڪمائڻ جھڙا ٿيا ته، کين ويهاري ڪڏهن به نصيحت ڪو نه ڪيائين ته، ھي ڪم ڪيو يا ھُو ڪم ڪيو، بلڪه چيائين ته؛ ”بابا مون وٽ گھر ۾ نياڻيون آھن ڪو نه، جو توھان تي ڏنڊو کڻان ته، ھي ڌنڌو ڪيو ۽ ڪمائي ڪجھه کڻي اچو، جي نه ڪمائيندئو ته بک پاڻ مرندئو، ۽ نه ئي مون وٽ سڱ ويٺا آھن جو، توھان جو عيوضو ڏئي توھان کي پرڻائيندس، جيڪو ڪجھ ڪرڻو آھي، توھان کي پاڻ کي ڪرڻو آھي. اھو ڪجھ ڪرڻو آھي، جنھن ۾ عزت به ھجي ۽ محنت به شامل ھجي. ماڻھو چون ته گلڻ جا پٽ سڌريل آھن ۽ پنھنجي مڇيءَ ماني لائق آھن، تڏهن ئي ڪو توھان کي پنهنجون نياڻيون ڏيندو.“ سندس پٽن به اھا ڳالھ ڳنڍ ٻڌي وڃي، ڪم کي ورتو، ڪو ٽريڪٽر جو ڊرائيور ٿيو ته ڪنھن وڃي کجين جي چاڙھپ شروع ڪئي، ۽ ڪنھن وڃي سکي گھر جو مال چاريو. گلڻ جا چار ئي پٽ ھاٺيءَ ۾ ڀريل، لڱ سندن لوھ، وٽر سٽر، ڪڻڪاوان رنگ، وار سڀني جا گھنڊيدار، ڏند اڇا جھڙا اڇا موتي، ڪوڏي ڪوڏي کيڏن ته نه وٺڻ جھڙا، سيني ۾ ٻئي تريون ھنيون، منهن ڏئي وڃي پيٽي تي پهچن، ڪڏھن به پٺي ڏئي ڪو نه ڀڳا، ھلڪو سلڪو رانديگر ته ڪلهي تي کڻي وڃي پيٽي تي اڇليندا ھئا، واٽر ڪورس جي کاٽي کڻڻ بيھن ته ڏندين آڱريون، رڳو وات مان ھم ھم جو آواز اچي، وڏائي ۽ تڪبر ته وٽن لڀي ئي ڪو نه. ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، مٽيءَ مان آڱر ڀري نڪ ۽ ڪنن کي ھڻڻ سندن عادت، اھڙا پٽ مالڪ ھر ڪنھن کي ڏي.
وڏيرو جيڪو ڪالھاڪون، عجيب اڻ تڻ ۾ ھو ۽ فيصلو ٽلي نه پي سگھيو، توڙي جو پڪي ماڻھوءَ اچي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ھئس ته؛ ”تو واري زمين تي ڪو ٻيو پيو ريج ڪري ۽ پاڻي وھي، متان فصل ئي ڪنھن ٻي جو ٿي وڃي ۽ تون، ھيڏن خرچن جي باوجود وتين رڳو کاتا سڌا ڪندو. ھي گلڻ وارو ڇورو ڪمبو وتئي ٿو آواندا بدلائيندو.“
وڏيرو اعتبار جي گھوڙي تي چڙهيو وتيو پي، عوام جا فيصلا ڪندو، اڄ سومر سندس اکيون کولي وڌيون ھيون. تنھن ڪري ھن گلڻ کي پاڻ وٽ گهرايو ھو، گلڻ اچڻ سان ھٿ ٻڌس؛ ”وڏيرا ھاڻي اھو ڪم اسان کان زور آھي.“ وڏيرو وري به سڌي ڳالھ منهن تي کيس چئي نه سگھيو، رڳو ايترو چئي سگھيو ته؛ ”سڀاڻي ڪمبوءَ کي وٺي اچجانءِ. ڳالھيون سامھون وِيھي ڪنداسين.“ اڃان مٿان وري گلڻ به سندس تند تپائيون پيو وڃي. 
“ڳالھيون ضرور ڪنداسين پر ڪڙمت کان جواب سمجھجو؛ نه مان ۽ نه منھنجا پٽ ڪندا. اھي مزوري مان پيٽ پالين ٿا، ڪم کٽو ڪونھي، جو وتئون ننڍن وڏن جون هروڀرو يخيون سھندا، تون ابو آن، تنهنجو نيمڪ کاڌو اٿسين، باقي ننڍن ۾ اھا ديد ڪونھي، جو رٻڙ وانگر وتئون ڇڪبا.“
ڳالھ ته وڏيري کي دل سان لڳي ھئي، ڇو ته پٺاڻي باگڙياڻيءَ جي ڪري، وڏيرو پاڻ ٽو-ڊي ڪار ڀاڙي تي ڪرائي، جڏھن ميرپور ماٿيلي پهتو ھو، ته باگڙين ۾ ڄڻ سندن مرشد لٿو ھو، حال سارو کٽ تي رلي وڇائي، سندس، آڌرڀاءُ ڪئي هئائون ۽ ڊڪي وڃي، هوٽل تان بوتلون وٺي آيا ھئا، ڪو وينجڻو ھڻي رھيو ھو ته، ڪو ٽوال جي جھلي ھڻي رھيو ھو، اصل کٿا نٿي پڳا، وڏيري جون ڪيل خدمتون کين ياد اچي رهيون ھيون، جنھن کين وٽن ۽ تسرين ۾ نه پر، ڪونرن ۾ کارايو ھو ۽ پَٽَ واري زمين تي ڇوٽ ڇڏي ڏنو ھو، جنھن ۾ ھو، بيھي مڱ ڪندا ھئا، ليکو چوکو کانئن معاف ھو. اھو سڄو ٽڪساٽ وڏيري صرف پٺاڻيءَ جي ڪري ڪيو ھو. پٺاڻي جيڪا باھ جي ٺهيل ھئي ۽ بيهڪ ۾ مانجھاندڙي جي وڻ جيان ڊگھي ۽ گولڊن صوف جهڙي سندس رنگت ھئي، ڪونج جهڙي سندس ڳچي ھئي، سنڌڙي انب جھڙا سندس ارھ ھئا، ياقوتي اکيون ھيون، چيلهه ۾ اھڙو خم ھئس جو، دڳ ويندڙ به حسرت ڪندو ھو ته، جيڪر ھڪڙو ڀاڪر ئي ڀري ته، ٻانهن جو سڄي عمر جو ٿڪ لھي وڃي، ھوءَ باگڙياڻي ته لڳندي ئي ڪو نه ھئي، ڪيلاش علائقي جي ڪا حور ھئي، جيڪا سيف الموڪ ڍنڍ مان ٽٻيون ھڻي، انساني روپ وٺي نڪتي ھئي.
وڏيري سوچيو ھو ته؛ ھوءَ جڏھن، ٽپڪي انب جهڙي ٿيندي ته، ھو جھول جھلي بيهندو ۽ ھوءَ اچي مٿان سندس جھول ۾ ڪرندي ته، کيس مزي سان چوسيندو. تنھنڪري ھن، کين وارياسي پٽ تي اچي رهايو ھو، ۽ بيھي مڱ ڪرڻ لاء ٻارھن ايڪڙ ٻني حوالي ڪئي ھئائين. 
اھڙو داڻو ڀلا ڪٿي ٿو، پنن ۾ لڪي سگھي. ٽپڪي انب تي ته ماڻھن جي ديد پري کان پوندي آھي. سو پٺاڻيءَ تي به وڏيري جي سئوٽ، پير بخش جي ديد جو پئي ھئي ته، ناري جون زمينون ڇڏي اچي، پلٿي ماري وِيھي رھيو ھو. ھن گھڻا ئي ڄار اڇلائيا پر ترڪڻي مڇي، ھن جي ڄار ۾ ڪو نه ڦاٿي ھئي، ھن پنهنجا ٽوٽ ڇورا موڪلي باگڙين جا، چار ڪن ٻڪرين جا چوري ڪرايا ھا.
وڏيرو به زماني جو اٿيل ويٺل ماڻھو ھو، راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڦڙي ڪرڻ، ۽ لچ لوفر تي سندس نظر، باز جيان ھوندي ھئي، تنھن ڇورن کي گھرائي پھريان ته سنھي بنھ مان ڪڍيو ھو ته، ڇورن جُون زبانون طوطي جيان ٻولڻ لڳيون ھيون. ھنن تير پتير ڳالھ جو ٻڌائي ھئي ته، وڏيرو مٿي کي ھٿ ڏيئي وِيھي رھيو. ھو ڪڇي ھا ته ڇا ڪڇي ھا؟ اڳيان باھ پٺيان پاڻي ھو. ھن ڳالھ کي لڪائي ڍڪ ڏيڻ لاءِ چار ڪن ٻڪرين جا وٺي، باگڙين کي گھر پهچايا ھا ته، باگڙين وڏيري لاءِ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيا ھا. اھا رات وڏيرو پٺاڻيءَ جي منجڻ تي ستو ھو، جنھن ٻڪرين جي کير جي لسي پياري کيس، پھريان مست ڪيو ھو ۽ پوءِ وڏيري تيار ٿيل ٽپڪي کي چکيو به ھو، چڪ به وڌا ھا ته، مزي سان چوسيو به ھو.  
پير بخش جي پلان تي پاڻي ڦري ويو ھو ته، ھو بوکلائجي ويو ھو. ھن ٺوڪي وڃي، مختيارڪاريءَ ۾ درخواست ڏني ھئي ته؛ ”منھنجي چاچي زمين جي ورھاست ۾ مون سان، بي ايماني ڪري مون کي ناري ۾ وارياسي زمين ڏني ۽ پنھنجي پٽ جي نالي پڪي ۽ لٽاسي زمين ڪئي ھئي، تنھن ڪري ورھاست، نمبرن جي تحت ۽ ديھ وائيز ٿيڻ گھرجي.“
وڏيري صبر سان، چار چڱا سڏي ويھاريا ھا، جن ڳالھيون ٽليون، ۽ فيصلو ٻڌائڻ وارا ھئا ته وڏيري پنھنجي ڳالھ ويھارڻ لاءِ چڱن اڳيان اٿي اعلان ڪيو ھو ته؛ ”سئوٽ کي جيڪي ڪجھ گھرجي، جهڙن نمبرن تي ھٿ رکي مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
ڪچهريءَ ۾ واھ واھ ٿي وئي ھئي. 
پير بخش جو پيو ته اڳ۾ ليڪو، انھن ٻارھن ايڪڙن کي ڏنائين، جتي باگڙي ويٺل ھئا ۽ پوءِ مرضي سان ويو نمبر ٻڌائيندو. وڏيري سندس ورھاست تي آمنا صدقنا ڪئي ھئي. ڪارروائي پوري ٿي وئي ته خير جي دعا گھري وئي. ماني کائي، سڀڪو تل ڦل ٿي ويو ھو ته، پير بخش وڏو ٽھڪ ڏئي چيو ھو؛ ”زمين سميت باگڙي ھاڻي منھنجا ھاري. جي تو زمين تي ھاڻي پير به رکيو ته ٻئي ڄنگھون وڍيندوسانء.“
رات ئي اھا باگڙين کي پئي ھئي، صبح جو سڀ ٽپڙ کنيو ھليا ويا ھا. کين خبر ھئي ته پير بخش هاڻي جيڪي زمين تي شرنايون وڄرائيندو، ميلا لھرائيندو، ۽ اسان جي عزتن ۾ بگهڙ جيان ڪاهي پوندو، تنھن جي سُڌ کين ھئي، جو ھو نارو ڇڏي اچي ھتي پهتو ھو.
شام جو جڏھن وڏيري سائينداد اوطاق تي پسار پي ڪيو، ته پير بخش رپيٽر کڻي اچي سامھون بيٺو ھئس؛ ”دلا پنھنجي حرڪتن کان باز نه ايندين. ھنن پنھنجن بابن کي اٿاري ڇڏيئي.“
پھريون دفعو وڏيري کي پير بخش تي ڪاوڙ آئي ھئي ۽ ھن وڌي وڃي کيس چماٽ وهائي ڪڍي ھئي ۽ کيس چيو ھو؛ ”جي تون منھنجو سئوٽ نه ھجين ھا ته اھو رپيٽر کسي تو کي اِتي جو اتي پورو ڪيان ھا، ڪميڻا تون مونتي الزام ٿو ھڻين ته مان،  کين لڏايو آھي. اڄ کان پوءِ تو سان واسطو وجھ ختم.“
وچ وارن اچي سندس کاڏيءَ تي ھٿَ رکيا ھئا، ته تون وڏو آهين، ڪس کائي وڃ، راڄ کلندا ته، ھڪ غير مذهب مائيءَ جي ڪري،  سڳا سئوٽ پاڻ ۾ ڦڪا مٺا ٿيا آھن.
وڏيرو سائينداد، زھر جو ڍڪ ڀري پنھنجي اوطاق مان نڪري ويو ھو.
پوءِ جڏھن پير بخش گھڻي شراب واپرائڻ سبب پنهنجا گڙدا ختم ڪري کٽ اچي وسائي، ته ھن سڏي وڏيري سائينداد کان ڪيل بدتميزيءَ جي معافي گھري ھئي، ته سائينداد جي اکين مان ڳوڙها وھي پيا ھا. ھن ستل سئوٽ کي ڀاڪر پاتو ھو، ته پير بخش چيو ھئس؛ ”سئوٽ منھنجي، ھالار جي پارت اٿئي ھو اڃا ننڍو آھي، زمينن جي ٻج ڀاڻ کان به واقف ناھي، تون ئي ھن جو ابو آھين.“
سائينداد ڍنڍڪر ڏئي روئي پيو ھو؛ ”سئوٽ اهڙيون ڳالھيون ڇو ٿو ڪرين، ھالار ڪير؟ مان ڪير؟ دل نه لاھ! مون کي به ڀاڙي نه ڪر.“
ستن ڏينھن کانپوءِ پير بخش موڪلاڻي ڪئي ھئي ته وڏيري ڀري سندس ٽيجھو ڪيو ھو. ھالار کي ڀر ۾ ويهاري اھو تاثر ڏنو ھو ته اسان کير کنڊ آھيون.
پير بخش جي قبر جي مٽي به ڪو نه سڪي ھئي ته وڏيري نياپو ڪرائي باگڙين کي ٻيھر گھرائي ورتو ھو ۽ ساڳي زمين تي اچي ويهاريو ھو. گلڻ ان ڏينھن کان آسرو پلي پنھنجي سرن ۽ ڪانن واري ڪرت سان لڳو ھو.
ھاڻي جڏھن سومر اچي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ھئس ته سندس ننڊ ڦٽي وئي ھئي. ھن چاھيو ته پٺاڻيءَ کان ان بابت پڇي پر دل نيٺ مڃيس ته اھو فيصلي جي خلاف آھي ته ڪنھن ملوث ماڻھوءَ سان ذڪر ڪري کيس اڳواٽ هوشيار ڪجي. تنھن ڪري ھن گلڻ کي نياپو ڪرائي گهرايو ھو، پر دل جھلي نه سگھيو ھو، تنھن ڪري گلڻ کي ھن ٻئي ڏينھن جو وقت ڏنو.
اھا سڄي رات ھن لڇي پڇي گذاري ۽ ماضي کي ميڙي گڏ ڪيو. نتيجو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر فيصلو ڪري نه سگھيو.
صبح سان ھو تيار ٿي، ھٿ ۾ نئٽ جو لڪڻ کڻي، موڙي تي ويٺو ته گلڻ ۽ ڪمبوءَ به اچي ٺڪاء ڪيو. ھڪ دل چيس ته نئٽ جي لڪڻ سان ڪمبوء جي پٺي ڳاڙھي ڪري ڇڏي، پر اھو فيصلي جو اصول ڪو نه ھو، ھن ٻنهي کي ساڻ ھلڻ لاءِ چيو، رستي مان سومر کي به سڏي پاڻ سان کنيو. چار ئي ڄڻا اچي باگڙين جي پکن تي پھتا. ھو پٺاڻيءَ جي منجڻ تي پلٿي ماري ويٺو ته پٺاڻيءَ جي پيءُ وڪيل ٻانهون ٻڌي کيس آڌرڀاء ڪيو؛
وڏيري لڪڻ سان اشارو ڪري کيس چيو؛ ”ڌيءُ کي گھراءِ!“
وڏيرا خير ته آھي!“ وڪيل جي سوال تي وڏيرو وڦلي پيو. ”رنڊيءَ کي گھرائي پڇ ته ھي زمينون توھان کي ڪنھن ڏنيون جنھن ۾ فصل ڪري پيٽ ٿا پاليو!“
“توھان ڏنيون وڏيرا سائين.“ وڪيل منجھندي جواب ڏنو.
“ته پوءِ منھنجي ھوندي يا منھنجي اجازت کان سواءِ ڪو پاڻي وھي ۽ منھنجي زمين ۾ ڪو ٻج ڇٽي ته ان جي سزا ڇا هئڻ گھرجي؟“
پريان پٺاڻي به ڪک تي ھٿ رکي اچي بيٺي؛ ”ھا وڏيرا ڇا ٿو چوين مون سان ڳالھاءِ!“
“تو بي وڙيءَ سان ڇا ڳالھايان، جنھن منھنجي زمين جو خيال نه ڪيو.“
“وڏيرا ماڻھو زمين رکي ته ان جو خيال به رکي، رڳو زمين خريد ڪرڻ ئي مڙسي ناھي ھوندي، اھا پاڻي به گھرندي آ، ان ۾ ٻج به وجھبو آ، پوءِ ئي فصل تيار ٿيندو آ، نه ھر ڪاھيو، نه پاڻي ڏنو ۽ نه ٻج وڌو، پوءِ ته زمين غير آباد ٿيندي نه، ڀلا جي ڪنھن غريب محنت ڪئي، ھر ڪاهيو پاڻي ڏنو ۽ ٻج ڇٽيو ته ڪھڙو گناھ ٿي پيو، ھتي زمين ان جي جيڪو کيڙي.“
بي بڻيادي تون مونکي ٿي ائين چوين، وڏيرو لڪڻ اڀو ڪري ھيٺ لٿو ته وڪيل ٻانهون ٻڌي اڳيان بيٺس؛ ”وڏيرا تون ابو امان، جيڪا تعدي وڻئي اھا ڪر، باقي بي بڻيادي وارو مھڻو نه ڏي، ھي به توھان جو ئي بڻياد آھي.“
وڏيرو فيصلو ٽلي نه سگھيو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري هليو ويو.

No comments:

Post a Comment