Monday, June 8, 2020

ٽيھه منٽ - عاشق چانڊيو


ٽيھه منٽ
اختر حفيظ جون ڪھاڻيون
عاشق چانڊيو
اختر حفيظ جون ڪجھه ڪھاڻيون مون سنڌي مئگزينن ۾ پڙھيون ھيون،مون کيس پھريون دفعو سجاتا مئگزين ۾ پڙھيو ھو جنھن ۾ ھُن جي ڪھاڻي “۳۰۱۷ع...” شايع ٿي ھئي، اھا ھڪ شاندار ڪھاڻي ھئي، پاڻ اڳتي هلي ڪھاڻي تي ڳالھائينداسين، اختر حفيظ جون ٻه ٻيون ڪھاڻيون اتساھ مئگزين جي ٻن پرچن ۾ پڙھڻ لاءِ مليون ۽ تازو ابابيل جي پرچي ۾ به سندس ڪھاڻي “بابا ڊيمتي” پڙھڻ لاءِ ملي جيڪا چيف جسٽس جي ڊيم ٺاھڻ جي پسمنظر ۾ لکيل ھئي، اھا به ھڪ شاندار ڪھاڻي ھئي جيڪا ھن ڪتاب ۾ شامل ڪونھي. ان مان اھا ڳالھ واضع آهي ته ھو معياري مئگزينن ۾ شايع ٿيندو رھي ٿو.


پاڻ اچون ٿا ڪتاب ڏانھن، ٽيھه منٽ ڪھاڻي ڪتاب ۾ بظاھر ۱۶ ڪھاڻيون شامل آهن پر منهنجي خيال ۾ اھي ۱۷ آھن جو ھڪ ڪھاڻي بنا عنوان جي ڪھاڻي ‘وريل ان پالٽڪس’ ۾ گڏجي وئي آهي. وريل ان پالٽڪس جيڪا ڪھاڻي آھي، اھا ايئن آهي جو وريل ۽ سندس دوست گڏجي ھڪ سياسي پارٽي ٺاھين ٿا، وريل ڪائونسلري جي سيٽ تي اميدوار بيھي ٿو ۽ ھن کي کٽڻ جي اميد آهي ان لاءِ شيرواني سبرائي ٿو ته ڪامياب ٿي اھا شيرواني پائبي پر جڏھن ھو ھارائي وڃي ٿو ته ڪاوڙ ۾ اھا شيرواني ٻاھر اڇلائي ڇڏي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن ھو اھا شيرواني ان فقير کي پاتل ڏسي ٿو جنھن کي ھو سدائين چوندو هو “معاف ڪر بابا”. اتي ئي ھڪ ٻي ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي جنھن ۾ ڪيشو ۽ وڏيري جو ڪردار آهي. ڪيشو پنھنجي ماءُ جي علاج لاءِ وڏيري کان اوڌر تي پئسا وٺي ٿو جيڪي پوءِ ھو نه ٿو ڏئي سگھي ۽ وڏيري وٽ قيد ٿي اتي ڪم ڪري ٿو. ڪيشو سان پنهنجي زال راجي به گڏ آهي جيڪا پڻ ڪيشو جي قرض چڪائڻ لاءِ قيد آهي، اتي راجيءَ کي ٻار ٿي وڃي ٿو ۽ ھڪ ڏينھن ھن جي طبيعت خراب ٿي وڃي ٿي جنھن جو اطلاع ڪيشو کي پھچايو وڃي ٿو، ڪيشو ڪم ڇڏي پنھنجي زال ڏانهن اچي ٿو ۽ ٻيھر ڪم تي نه ٿو وڃي. شام جو وڏيرو شاڙتن سان گڏجي اچي ٿو ۽ ڪيشو تي لتن مڪن جا وسڪارا ڪيا وڃن ٿا تڏھن راجي کيس ڇڏائڻ لاءِ اڳتي اچي ٿي ته وڏيري جو شاڙتو کيس ڌِڪو ڏئي ٿو، ھوءَ ڪِري ٿي ۽ سندن ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو.
اھا سترھين ڪھاڻي آھي جيڪا بلڪل طور تي وريل ان پالٽڪس کان الڳ آھي ۽ ٻئي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر اھا ڪھاڻي بنا عنوان مٿين ڪھاڻي ۾ mix ٿي وئي آھي.
۱. ڪچي مسيت
ھي ڪھاڻي ھڪ ڳوٺ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن ۾ ھڪ ڪچي مسيت ٺھيل آھي ان جو پيش امام ڪردار جو نانو آهي جيڪو مسجد جو پيش امام به آهي، ڳوٺ ۾ گلزاري آهي، گلن جا باغ آھن جتان ھو پنھنجي ناني سميت صبح سوير گلن جو چونڊو ڪرڻ ويندا آهن، اتي روپا به چونڊو ڪرڻ ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ھو پيار به ڪري وٺندا آهن. ھڪ ڏينھن جڏهن مسجد ۾ تبليغي ايندا آهن ۽ ان مسجد جي مالڪي گھرندا آھن ته جيئن ان ڪچي مسيت کي اڏائجي، اھا مسيت سندن حوالي ڪئي وڃي ٿي، پوءِ ھو سڄي ڳوٺ تي مالڪي ڏيکارڻ لڳن ٿا. ھو گلن پوکڻ تي پابندي ھڻن ٿا ڇاڪاڻ ته گلن جو ٽڙڻ جنسي حوس پيدا ڪري ٿو ايئن ھو حڪم ئي حڪم ڪندا وڃن ٿا ۽ ڳوٺ مان خوشي ختم ٿي وڃي ٿي، ھڪ ڏينھن ان مسجد مان بم ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ اتان بارودي سامان ملي ٿو.
ھي ڪھاڻي ھڪ ته ڌارين کي واڳ ڏيڻ جو نتيجو ٻڌائي ٿي ۽ ٻيو ته انھن تبليغين جو اصل چھرو ڏيکاري ٿي. ھي ھڪ بھترين ڪھاڻي آھي جو ڪھاڻي پڙھندي ڪٿي به بوريت نه ٿي ٿئي.
۲. ٽيھ منٽ
اختر حفيظ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته ڪھاڻي جي معني قصي کي بيان ڪرڻ آھي. سٺو ڪھاڻيڪار اھو آھي جنھن کي ڪھاڻي بيان ڪرڻ جو فن اچي ٿو. اھڙي ريت اختر حفيظ کي ڪھاڻي بيان ڪرڻ جو فن آھي، ھو اھڙي قصو بيان ڪري ٿو جو ڪٿي مونجھ نه ٿي ٿئي. ٽيھه منٽ ڪھاڻي قنديل ۽ اياز جي پيار ڪھاڻي آھي. قنديل ۽ اياز درياهه ڪناري ويھن ٿا. قنديل اياز کي چئي ٿي ھي پنھنجي آخري ملاقات آهي ۽ کيس ھڪ گھڙي تحفو ڏئي ٿي، اياز درياھ ڪناري گذاريل ٽيھن منٽن کي گھڙي ۾ قيد ڪري ٿو ۽ قنديل جي ملڻ کانپوءِ ئي ڪانٽن کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪري ٿو. قنديل جڏھن واپس اچي ٿي ۽ گھڙي جي ڪانٽن کي اڳتي وڌائي ٿي ته اياز مري وڃي ٿو.
۳. آڪسيجن
ھي اھڙي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ سڀ ڪجھ آڪسيجن آھي. پئسي جي جاء تي به آڪسيجن جي ڏي وٺ آھي، ماڻھن کي مزدوري ۾ به آڪسيجن ملي ٿي ته خريداري ڪرڻ ۾ به آڪسيجن ڏيڻي پوي ٿي. شھر ۾ ڪوبه وڻ ڪونھي ڇاڪاڻ ته آڪسيجن گُرو کانسواءِ ڪنھن کي به وڻ پوکڻ جي اجازت ناھي ھوندي. ھڪڙي دفعي آڪسيجن گُرو آڪسيجن مھانگي ڪري ڇڏي جنھن ڪري ماڻھن کي ضروري شيون خريد ڪرڻ ۾ گھڻي آڪسيجن ڏيڻي پئي ۽ کين اجوري طور اھا ئي آڪسيجن ملي پئي تنھن ڪري کين ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون ڇاڪاڻ ته ھنن کي گھروارن کي به آڪسيجن ڏيڻي ھوندي آھي. ھڪڙي دفعي ھو گهر واپس ايندو آهي ته شھر ۾ رش ھوندي آھي، ھن جي زال وٽ ٿوري آڪسيجن ھوندي آھي، ھو بس مان لھي گھر ڏانهن ڊوڙڻ لڳندو آهي ته جيئن گھر جلدي پھچي سگھي ۽ پنھنجي زال کي آڪسيجن ڏئي سگھي پر جڏهن ھو گھر پھچندو آهي ته ھن جي زال مري چڪي ھوندي آھي ڇاڪاڻ ته وٽس آڪسيجن موجود ڪونه ھئي. ان کانپوء ھو بغاوت ڪندو آهي، آڪسيجن گُرو جا ٻج چورائيندو آهي ۽ شھر ۾ وڻ پوکيندو آهي جنھن ۾ پڪڙيو ويندو آهي ۽ سزا لاءِ سڀني ماڻھن سامھون آندو ويندو آهي. اتي به ھو سرعام بغاوت ڪندو آهي ۽ ٻج چورائڻ جو اعتراف ڪندو آهي ۽ ماڻھو ھن کي پٿر هڻڻ بدران گُرو جي شاڙتن کي پٿر ھڻندا آھن ۽ آڪسيجن گُرو تي حملو ڪندا آهن ۽ پوءِ وڻ پوکيندا آهن ۽ وري ماڻھو خوشحال ٿي ويندا آهن.
ھي ڪھاڻي انتھائي وڻندڙ ۽ نئين انداز بيان ۾ لکيل ڪھاڻي آھي جنھن ۾ وڻن جي اھميت کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. اڄ جتي وڻن جي واڍي جام آهي ۽ فيڪٽرين ۽ گاڏين مان ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ ايتري گھڻي مقدار ۾ خارج ٿئي ٿي جو آڪسيجن اڻلڀ ٿيندي وڃي، اتي ھي ڪھاڻي آڪسيجن جي اھميت ٻڌائي ٿي ۽ اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، ڇا واقعي اسين گاڏيون ۽ فيڪٽريون ڏسندا، وڻن جي واڍي ڪندي گھر اڏيندا پنھنجي جيئڻ جو سامان پاڻ ئي ته نه کسي رھيا آھيون!
۳۰۱۷ع....
ھي ڪھاڻي مون بار بار پڙهي آهي پر ڪڏهن به بوريت جو شڪار ناھيان ٿو. ھي ڪھاڻي پڙھي ئي مون اختر حفيظ جي ڪھاڻي ڪتاب جي چونڊ ڪئي ھئي. ڪجھ ڪھاڻيون ڪھاڻيڪارن جي سڃاڻپ ھونديون آھن ۽ منھنجي لاءِ اختر حفيظ جي سڃاڻپ ھيءَ ڪھاڻي آھي.
ھن ڪھاڻي ۾ انسان ڌرتي ڇڏي ڪنھن ٻئي سياري تي آباد ٿيو آهي جتي ھو ڏاڍو سکيو آهي کيس ھر سھولت موجود آهي. انھي سياري تي سائنس جو ڪمال آهي. اتي جيڪر ڪنھن کي ٻي جاءِ تي وڃڻو ھوندو آھي ته ھو پنھنجي نيوران وسيلي انھي جاءِ جي باري ۾ سوچيندو آھي ۽ پوءِ اتي پھچي ويندو آهي. پر اڃان ڪئين ماڻھو ھئا جن ڌرتي نه ڇڏي ھئي. اتي ھڪ لساني ماھر ڊاڪٽر جان ليوڪ به ھو جنھن وري ڌرتي گھمڻ ٿي چاھي ته ھاڻي ڏسي اچجي ته ڌرتي تي رھندڙ ماڻھن ڪھڙي ترقي ڪئي آهي. ھو پنھنجي سياري جي سائنسدانن سان رابطي ۾ اچي ٿو ته جيئن ڌرتي تي اچي سگھجي. سائنسدان کيس ڌرتي تي پھچائين ٿا. ھو جڏھن ڌرتي تي اچي ٿو ته اتي ساڳيا ئي فتنا فساد آھن، اتي اڃان انسان جي رت جي بوءِ ٿي اچي. ڌرتي تي ھڪ ڏينھن اھا ڳالھ ھلي ته ھتي ھڪڙو اھڙو ماڻھو آھي جنھن جي ٻولي ڪير به سمجھي نه ٿو سگھي. جان ليوڪ جيئن ته ٻولين جو لساني ماھر ھو تنھن ڪري ھو ان ماڻھو سان ملڻ ويو. ھو ھڪ ٻئي سان مليا پر ٻولي سمجھي نه ٿي سگھيا تنھن ڪري ڪجھ دير ھنن ڪچھري ڪئي، جان ليوڪ ھن جي ٻولي جي ريڪارڊنگ ڪئي ۽ پوء ھليو ويو، صبح تي اھو ماڻھو مري ويو، جان ليوڪ پنھنجي سياري تي وڃي جڏهن تحقيق ڪئي ته اھا ٻولي سنڌي ھئي جنھن جو آخري ڳالھائيندڙ ڪالھ مري ويو ھو.
ھي سڄي ڪھاڻي پڙھندي ڏاڍو مزو اچي ٿو، ايئن لڳي ٿو ڄڻ ماڻھو واقعي ٻئي سياري تي موجود آهي، اتي جيڪا ٽيڪنالاجي ھلي پئي ان مان مزو پيو ماڻي، ڪھاڻي پڙھندي پڙھندي جڏهن اھا ڳالھ پڙھجي ٿي ته ‘اھا ٻولي سنڌي ھئي جنھن جو آخري ڳالھائيندڙ مري ويو ھو’ تڏهن ڇرڪ ڇڏائجي وڃي ٿو ته ھي ڇا! ڇا ٻولي کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۾ به بقا نه ملندي!؟ ڇو ته جان ليوڪ ٻڌائي ٿو ته لساني ماستر ان ڳالهه کي وساري ويٺا ھئا ته ٻولي ٽيڪنالاجي نه پر ماڻھو بچائي سگھي ٿو ۽ ھو ٻولي کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري رھيا ھئا پر ماڻھن کان کسي رھيا ھئا. ان ڪھاڻي ذريعي ليکڪ اھو پيغام ڏنو آهي ته سنڌي ٻولي کي گھڻا ڳالھائيندڙ گھرجن ڇو ته اڄ ڪيترائي ماڻهو سنڌي ٻولي کي ماءُ جي ٻولي ته سمجھن ٿا پر ھو سنڌي ٻولي بجاءِ ٻي ٻولي ڳالھائين ٿا. اختر حفيظ جون ڪھاڻيون مونکي ڏاڍيون وڻيون ۽ مونکي انھن ۾ ڪي اوڻايون نظر ناھن آيون شايد تنھن ڪري ئي مان مٿي رڳو ڪھاڻين جو اختصار ئي پيش ڪري سگھيو آھيان. ٿورو گھڻو لفظن ۾ پروف جون غلطيون آهن جيئن ‘موٽ ۾’ جي جاءِ تي ‘موت ۾’ لکيو ويو آهي، ‘سج ديوتا’ کي ‘سچ ديوتا’، قيد ڪرڻ لاء جي وچ ۾ ٻيو لفظ اچي ويو ‘قيد ڪرڻ لله لاءِ’. پر اھي درگذر ڪري سگھجن ٿيون. ان کان علاوه ڪھاڻي ‘ڪالُ’ ۽ آبي مارشل لا’ شاھڪار ڪھاڻيون آھن.
ڪتاب ۾ ٻيون به سٺيون ڪھاڻيون شامل آهن. ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل آھي.

No comments:

Post a Comment