Monday, June 8, 2020

نامَرِدُ - مختيار چنو


نامَرِدُ
ڪهاڻي
مختيار چنو
سَوَا پَهَرَ ڏينهن گذري چڪو هو. 
زِيبُلُ اڃا تائين هڪ ڪَانبُو به ڪو نه چونڊيو هو. ھونئن هن وقت تائين ٻه ڪانبا چُونڊِي ويندي آهي. اڄ هن جو ڦُٽِينِ چُونڊِڻ ۾ بلڪل ڌيان نه هو. بي ڌياني ڪري هن جي هٿن کي جتان ڪٿان سُونگِهڙِيُن زخمي ڪري ڇڏيو هو. هوءَ آس پاس جي ماحول کان بي خبر، پنهنجي سوچن جي دنيا ۾ گم هئي.


خُدنُ ٻَنِيءَ جو ڪَمُ ڪار لاهي، گاھ جي ڀَرِي سان گُذريو ته هن جي نظر زِيبُلُ تي پئي، جيڪا نِوِڙِي ڦُٽِيُون چونڊي رهي هئي. نِوِڙڻ ڪري هن جون کير جھڙيون ڇَاتِيُون لُڏي رهيو هيون. وزن باوجود خُدُن بيهي رهيو. جيئن جيئن زِيبُلُ هيٺ مٿي ٿي رهي هئي. خُدُن به ائين ئي ڪري رهيو هو.
جَمعدار جَاڙو، مزدورن جي نيرن کڻي اچي رهيو هو، سَڏَ پَنڌَ کان هن جي نظر لامارا ڏيندڙ ماڻهوءَ تي پئي. هن ڦُٽِين جو چُور سمجهي، اتان بيهي هَڪَلَ ڪئي؛ ”اڙي ڪهڙو آن.“
خُدُن، پيرنِ تي زور ڏنو ۽ زِيبُلُ به ڇِرِڪُ ڀري، پاڻ سنڀاليو. جنهن وقت جمعدار جاڙو  پهتو، زِيبُلُ پهريون ڪَانبُو لاهي رهي هئي. هونئن سڀني کان چونڊڻ ۾ تيز هوندي آهي.
 جمعدار جاڙي، زِيبُلُ کان طبيعت پڇي. زِيبُلُ ٿورو مشڪي، ڪنڌ هِلايو. جاڙي خان ڪجھ سمجھو، ڪجھ نه. مزدورن کي ٽَارِيءَ هيٺان نيرن لاءِ سَڏُ ڪيو.
ڏينهن تَپِي باھ ٿي ويو هو. اڌ آڪٽوبر گذرڻ باوجود، سنڌ جي اُترين علائقن ۾ گرميءَ جو پَڊُ جَھَڪُو ڪو نه ٿيو هو. البته ڏينهن جو وَائکَ هوندي آهي. باقي پَڇَاڙِي شام جو گُهٽَ ٻُوسَٽُ ۾ ساه پيو نڪرندو آهي.
جنهن ڪري مزدور سج اڀرڻ کان اڳ چُونڊِي لاءِ اچي ويندا آهن. جيئن صبح جي پَهرَ ۾ وڌ کان وڌ چُونڊو ڪري سگهن.
ٻيو ڦُٽين تي مَاڪَ هجڻ ڪري تُورَ ۾ فائدو ٿيندو آهي.
اڄ زِيبُلُ ڪنهن گهري سوچ ۾ هئي.
زِيبُلُ جو پيءُ نورل  پٽيوالو هو. پگهار ۽  ٻه ٻَارا زمين جا به هيس. ننڍو ڀاءُ غوثل زمين جو ڪم ڪندو هيو ۽ نورل نوڪري ۽ دُنياداريءَ سان منهن ڏيندو هو. واندڪائيءَ ۾ غوثل کي زمين جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندو هو.
هنن کي هڪ ڀيڻ زينب هئي. جنھن جي شادي ٿيل هئي. جنھن کي ٻه پٽ ميرل ۽ انور هئا. اڪيلي ڀيڻ هجڻ ڪري ٻئي ڀائر، ڀيڻ جو انگل ڪو نه ٽَارِيندا هئا.
نورل کي هڪ پٽ سرواڻ ۽ ڌي زِيبُلُ ۽ غوثل کي هڪڙو پٽ بادل هو. سُکي زندگي گذاريندا هئا. گڏيل خاندان ۾ رهڻ ڪري بادل ۽ زِيبُلُ گڏجي اسڪول ايندا ويندا هئا، گڏجي رانديون ڪندا هئا. ٻنهي مان ڪو رسندو هو ته هڪ ٻئي کي پرچائيندا هئا. جيستائين پرچاءُ نه ٿيندو هو. ٻنهي مان ڪو به ماني نه کائيندو هو. ٻنھي جو پاڻ ۾ پريم ڏسي ٻئي ڀائر خوش پيا ٿيندا هئا. گهر جو گهر ۾ شاديون ٿي وينديون. زِيبُلُ به هنن جي اکين آڏو هوندي.
زِيبُلُ، اٺون پاس ڪري گهر ۾ ويهي رهي.
جوان ئي مس ٿي، زينب ڀائرن وٽ ميرل جو رشتو ڪرڻ آئي. نورل ۽ غوثل ڀيڻ کي  سمجهايو. زِيبُلُ ۽ بادل هڪ ٻئي کي ڪيترو پسند ڪن ٿا. اسان جي هڪ ڌيءَ آهي گهر جو گهر ۾ رهندي. غوثل کي به ڌيءَ جو اولاد ڪونهي. هو به زِيبُلُ کي ڌيءَ سمجھندو آهي. تنهنجي ميرل لاءِ رشتا کٽا، جتان چوندينءَ ڪرائي ڏيندومانءِ.
زينب ضد ڪري بيهي رهي. جيڪڏهن رشتو نه ٿا ڪيو. سمجهو ته ڀيڻ توهان لاءِ مري وئي.
نورل، مجبور ٿي پيو. زِيبُلُ، بادل کي روئندو ڇڏي، ميرل جي ڪنوار بڻجي پڦي جي گهر اچي ويئي.
انور، ميرل جو ننڍو ڀاءُ هو. جنهن جي ننڍي کان ئي، پنهنجي سوٽ نائلا نالي ٿيل هئي. جڏهن جوان ٿيا. انور، نائلا سان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
زِيبُلُ کان پوءِ، بادل نشي ۾ پناه ورتي. موالي ٿي ويو.
زِيبُلُ، بادل کي وساري نه سگهي هئي.
جيتوڻيڪ ميرل هن کي کوڙ سارو پيار ڏنو. هَرَ هاري هو. مال متاع به هيس. جنهن جي ٽَهَلَ ٽَڪُورَ پاڻ ئي ڪندو هو. هن ڪڏهن به زِيبُلُ کي غربت جو احساس نه ڏيڻ ڏنو هو.
زِيبُلُ، سُکئي گهر مان آئي هئي. ان ڪري هن کي ڪم کي هٿ لائڻ به نه ڏيندو هو. زِيبُلُ ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي وئي.
زندگي، گذرندي رهي. ميرل هيپاٽائيٽس جي آخري مرحلي ۾ بستري تي اچي ويو. مال متاع وڪڻي، ان جي دوائن تي لڳايو ويو. ميرل بچي نه سگهيو.
گهر مٿان غربت جا پهاڙ ڪري پيا. اڳي جيستائين سڀ گهر جا ڀاتي ٻنيء ۾ ڪم ڪندا هئا. پوءِ وڃي چلھ ٻرندي هئي. ميرل کان پوءِ انور به اڪيلو ٿي ويو. غربت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هوءَ به گهر جي ڀاتين سميت جمعدار جاڙي سان لابارا ۽ چونڊا ڪرڻ ۾ لڳي ويئي.
ٻه ته ٻارنهن. گذر سفر ٿيڻ لڳو هو.
گذريل رات، سَسُ ڳالھ چَورِي ھيس ته جواڻ جماڻ ٻن ٻارن جي ماءُ آهين. اڳتي وڏي زندگي پئي آهي. اولاد کي مضبوط سهاري جي ضرورت پوندي آهي. ٻار ٻچا لابارن ۽ چُونڊَنِ مان ڪو نه پَلبا. جواڻ جماڻ گهر ۾ اڪيلي هوندينءَ ته، زمانو به آڱريون کڻندو.
تون شادي ڪر.
اچانڪ ڳالھ ٻڌي، هوءَ پريشان ٿي ويئي هئي.
سس، هن جي پريشاني کي پرکي ورتو.
ٻاهر ڪو نه ٿي چوانءِ، پنهنجو انور جو ويٺو آهي.
پر امان، انور ته پنهنجي مَڱَ نائلا سان به شادي نه ڪئي. هو ته شادي ڪرڻ ئي نه ٿو چاهي.
اهو تنهنجو مسئلو ناهي. مون انور کي راضي ڪيو آهي.
پر مان انور کي پنهنجو ڀاءُ سمجهندي آهيان.
شراع شريعت ۾ ڪهڙو ڏوھ. سس ڳوٺ جي ٻن، ٽن مائن جا نالا کڻي ٻڌايس، جن  ڏيرن سان شاديون ڪيون. هاڻي خوش آهن.
امان زندگي ته جيئن تيئن گذري ٿي وڃي، ٻچا رلي ٿا وڃن. منهنجي ڳالھ تي سوچ. مان تنهنجي دشمن ڪو نه آهيان.
هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجھ نه هو. هيءَ چپ چاپ اٿي ڪمري ۾ اچي پنهنجي قسمت تي رني هئي. ان رات پنهنجي مرحيات پيءُ کي ڏاڍو ياد ڪيو هو.
صبح جو ڦُٽِيُون چُونڊڻِ لاءِ هلي آئي ھئي. هن جي ذهن ۾ هر هر راتوڪيون ڳالھيون  ڦري رهيون هيون. هي هر هر ٻُڏِي ۽ تَري رهي هئي. هن کي بار بار ننڍپڻ جو پيار بادل ياد اچي رهيو هو. جنهن سان گڏجي هن خواب ڏٺا هئا. هِن جي ڪري، هُن جي زندگي تباھ ٿي. هن جي پيءُ ۽ چاچي ڀيڻ سان محبت نڀائيندي بادل کي باھ جي اوڙاه ۾ اڇلائي ڇڏيو. پاڻ به جلد الله کي پيارا ٿي ويا. ماءُ ته ننڍي ئي مري ويئي هئي.
ڀلي هيءَ اولاد سان گڏ هئي. پر ڪوشش باوجود هيءَ پيءُ جو خال ڀري نه سگھي هئي. پيءُ اولاد کي ڪلهن تي کڻي شيءِ وٺي ڏيندو آهي، اسڪول ڇڏي ۽ کڻي ايندو آهي، ميلن ملاکڙن تي وٺي ويندو آھي. جمع ۽ عيدن جي نمازن تي چيچ کان وٺي ويندو آهي.
اولاد لاءِ جبلن سان ٽڪر کائيندي دير ناهي ڪندو. پاڻ کي تڪليفون ڏي اولاد جون خواهشون پوريون ڪندو آهي.
زِيبُلُ کي اڄ ميرل ڏاڍو ياد اچي رهيو هو. جيڪو اڌ سفر هن هٿن مان هٿ ڇڏائي ويو هو.
وقت هن جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. اڪيلو سهارو سَسُ به امتحان ۾ وجهي ڇڏيو هيس.
هاڻي هن کي پنهنجي زندگيءَ جي پرواه نه ھئي. هيءَ اولاد کي سکيو ڏسڻ پئي چاهي. ان لاء سس سان ها ڪري ويٺي هئي.
شاديءَ جي تِٿِ ٻڌجي ويئي ھئي. تياريون ڪهڙيون، گَھرَ جي، گَهرَ ۾ شادي هئي. دُهل ڌماڪا ڪرڻا ڪو نه هئا. رسم دنيا نڀائڻي هئي.
شاديءَ کان ٻه ڏينهن اڳ نائلا، زِيبُلُ سان ملڻ آئي هئي.
”زِيبُلُ، تو کي ته ياد آهي؛ ڪيئن ننڍي لاڪون، تون، مان ۽ انور گڏجي رانديون ڪيون آهن. مان هن کي  ڪيترو چاهيندي هيس. مان انور کي هر صورت ۾ حاصل ڪرڻ چاهيو پئي. هن سان مان پوري زندگي گذارڻ چاهيان پئي. ان باوجود به انور مونکي شاديءَ کان ٺِپُ جواب ڇو ڏنو؟“
زِيبُلُ خاموش هئي. نائلا پاڻ جواب ۽ سوال ڪري رهي هئي.
انور نامَرِدُ آهي.
زِيبُلُ تي ڄڻ ايٽم بم ڪري پيو. هوءَ پرزا پرزا ٿي وئي. هوءَ گهڙي کن لاءِ پنهنجا حواس وڃائي ويٺي هئي.
”ٻڌُ زِيبُلُ! تون منهنجي انور جو عيبُ نه کُولِجانءِ. تو کي ته اولاد لاءِ سهارو گهرجي نه!!؟“

No comments:

Post a Comment