Monday, June 8, 2020

چانھ جي صلاح - جبار آزاد منگي


چانھ جي صلاح
مختصر ڪهاڻي
جبار آزاد منگي
هو آيو ۽ چيائين؛ ”انسان جي حياتي الائي ڇا! سو دل چيو تہ؛ اڄ توسان گڏجي چانھ پيئان!!“ مان جيستائين ھا يا نھ جي ورندي ڏيان، پڇيائين؛ ”چانھ وٺي اچان، پيئندين!؟“
ها ڪئيمانس.
ڊوڙندو، ٻہ چانهيون هوٽل تان کڻي آيو. هڪ مونکي ڏنائين. ٻي، منهنجي ڀر ۾ ويهي، پاڻ پيتائين.
چانھ پوري ڪرڻ بعد، ڪلهي تي رومال رکي چيائين؛ ”يا علي مدد! اسان هلون ٿا.“
مان حيرت وچان، کيس ڏسندو رهيس. هوٽل جو بيرو، سٺ روپين جو بل مون کان وٺي هليو ويو.

1 comment: