Monday, June 8, 2020

ڪورونا گيٽس - انور ابڙو


ڪورونا گيٽس
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
ٻن مهينن کانپوءِ ۱۱ مئي تي لاڪ ڊائون لٿو ته، ماڻهن جي پيرن جي زنجير جو ڄڻ ڪلف کُلي پيو. اڪثر ماڻهن گذريل ٻن مهينن دوران بجلي ۽ گئس جي بلن ۽ بينڪ جي قرض جون قسطون نه ڀرڻ توڙي گهرن ۾ رهڻ سبب، نِيتِ پَتِ سان خرچ ڪري، جيڪي ٻه ڏوڪڙ بچايا هئا، سي کڻي هو بازارن ۾ نڪري پيا. جاويد ۽ سندس گهرواري حفيظه به پنهنجي وڏي ڌيءُ عائشه ۽ ٻن ننڍن پٽن؛ شاڪر ۽ اعزاز کي گهر ۾ ڇڏي، صبح جو ٿورو جلدي، ڏهين وڳي ڌاران شانتي نگر مان نڪتا. هنن زينب مارڪيٽ توڙي صدر جي ٻين مارڪيٽن ۾ ماڻهن جي وڌيڪ پيهه ٿيڻ جي خدشي سبب طارق روڊ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.


هونئن شايد هي ٻاهر نه نڪرن ها، پر سندن ٻن سالن جي پٽ اعزاز جو کين بازار موڪلڻ ۾ وڏو هٿ هو، ڇاڪاڻ جو هو هر وقت پنهنجي پتڪڙي ساڄي پيرَ کي، پيءُ ڏانهن وڌائي، پنهنجي ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ کيس چوندو هو، ’بابا بُوتُ...“ ۽ پڻهس کيس دلجاءِ ڏيندي چوندو هو، ”ها بابا، بوٽُ وٺنداسين.“
طارق روڊ  تي پهچي هنن ڏٺو ته، ڪي دڪان کُلي چڪا هئا. ڪي کُلي رهيا هئا. ڪي دڪاندار ٻن مهينن جي دز پيل پنهنجي سامان جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيا هئا. ريڙهن تي ٻَڌي رکيل سامان جون رَسيون کُلي رهيون هيون. ڄڻ نئون واءُ گهُليو هو. گهُٽ ٻُوسٽَ ختم ٿي هئي. خوف ختم ٿيو هو. رنگ ۽ خوشبوءِ جو تازو هڳاءُ هوا ۾ شامل ٿيڻ لڳو هو.... ڪي خريدار پهچي چڪا هئا. ڪي گاڏين مان لهي رهيا هئا. وڻندڙ چهرن روڊ جي ٻنهي پاسن کان موجود اٻاڻڪن دڪانن ۽ شاپنگ مالس ۽ غيرمانوس ٿي ويل فوٽ پاٿن ۽ روڊ کي جيئارڻ شروع ڪيو هو. گهڻن ڏينهن کانپوءِ هر ماڻهو سينگارجي گهران نڪتو هو. اڪثر ماڻهن جي بي خوفيءَ واري انداز مان محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ پاڻ سان وڏو ڊڄ کڻي اسان وٽ آيل ڪوروناوائرس واپس چين ڀڄي ويو هجي.
خالد ۽ حفيظه اڳوڻي ڪيفي لبرٽي جي ڀرسان موٽر سائيڪل بيهاري، ان کي لاڪ ڪري، حيرت مان هر طرف ڏسندا اڳتي وڌڻ لڳا. لاڪ ڊائون وارن پنجاهه ڏينهن مان هي ڪي چاليهه پنجيتاليهه ڏينهن گهر ۾ رهيا هئا، باقي وقفي وقفي سان پنج ڇهه ڏينهن ٻاهر سيڌو سامان وٺڻ ۽ هڪ ڀيرو اعزاز جي کنگهه جي دوا وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتا هئا. ’اسٽي هوم‘- Stay Home وارين سرڪاري ۽ سڄڻن جي هدايتن تي عمل ڪندي، گهر ۾ رهڻ لاءِ هنن پنهنجي گهر کي سنيما گهر به ٺاهيو هو ته، راند جو ميدان به، لائبرري به ٺاهيو هو ته، اسڪول به.... هِنن پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فونن وسيلي به وندرائي رکيو هو، تنهن ڪري گهر ۾ بند ڏينهن ۾ هِنن کي ڪا خاص مونجهه نه ٿي هئي. بس کين ڳڻتي رڳو اِها هوندي هئي ته، هي جڏهن به ٻاهران گهر اچن ته سندن هٿن پيرن توڙي سامان سان ڪووڊ-۱۹ چنبڙيل نه هجي - ۽ سندن گهرِ ۾ به جيڪڏهن ڪو مِٽُ مائٽ يا دوست آيو ٿي  ته ان کان به هي ڊنا ٿي. تڏهن ئي ته انهن جي وڃڻ شرط هنن تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجي هٿن کي سينيٽائزر هڻي ۽ گهر جي فرش کي ڌوئي ٿي ورتو.
خالد ته پنهنجي ٻارن کي، جن کي جيڪڏهن سندن چاچن مامن به کڻي چمي ٿي ڏني ته، انهن کي به ائين ڪرڻ کان منع ٿي ڪئي. هڪ ڏينهن ته جيئن ئي اعزاز جي مامي عرفان ان کي پيار مان مٿي کڻي چمي ڏيڻ جي ڪئي ته، خالد رڙ ڪري چيس؛ ”نه...نه...“، پر تيستائين هن اعزاز کي چمي ڏيئي ورتي هئي، جنهن تي خالد ڏاڍو گهڻو پريشان ٿي ويو هو- ۽ عرفان به جاويد جي خدشي کي سمجهي ويو هو، تڏهن ته هو ٿورو لڄارو به ٿيو هو. حفيظه به اُن وقت سندن ڀرسان بيٺي هئي، جنهن کي ڏسڻ سان خالد محسوس ڪري ورتو هو ته ان کي به هن جو اعتراض ناهي وڻيو. حفيظه پنهنجي ڀاءُ جي وڃڻ کانپوءِ خالد کي چيو هو؛ ”اوهان کي، ادا کي ائين نه چوڻ کپندو هو.... هو نيٺ مامو اٿس؟“
تنهن تي خالد هلڪي ڪاوڙ مان کيس چيو هيو،”اهو ٻارن سان پيار ناهي، اها انهن سان دشمني آهي....“ حفيظه خالد جي غصي کي سمجهي چپ ٿي ويئي هئي.
اڄ به هو ماسڪ ۽ دستانا پائي ۽ سينيٽائر کڻي ٻاهر نڪتا هئا. ساڳيو ڊڄ به ساڻن گڏ هو. کين ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪووڊ-۱۹ سندن ڀرسان ڀرسان پيو هلي. هي فوٽ پاٿ ڏيئي، ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان پاڻ کي بچائيندا، هڪ بوٽ هائوس تي ويا. کين ڪراچي شهر ۾ مئي مهيني ۾ آيل وڏي گرميءَ ۾، پنهنجي ٻارن لاءِ جوتن بدران سينڊل وٺڻا هئا، جيڪي ٻن هفتن کانپوءِ روزن واري عيد تي انهن کي پائڻا هئا.
دڪان جي دروازي تي هنن کي سينيٽائزر هڻڻ لاءِ ملازم اڳتي وڌيو، پر هنن کي دستانا پاتل ڏسي هُن رڳو سندن نرڙ تان ٽيمپريچر چڪاسيو. دڪان ۾ اندر گهڙيا ته کين ماڻهن جا چار پنج جوڙا، جوتا ڏسندي نظر آيا. هڪ نجي ٽي وي چينل جو ڪئميرا مين ۽ رپورٽر پنهنجي نيوز رپورٽ لاءِ دڪان ۾ ايندڙ ماڻهن کي رڪارڊ ڪري ۽ دڪان جي ملازمن کان اختيار ڪيل حفاظتي احتياط بابت سوال ڪري رهيا هئا. هنن جي لاءِ اڄ جو اهو نئون ۽ بهترين نيوز پئڪيج هو. خالد ۽ حفيظه ڪئميرا جي اک کان بچڻ لاءِ پاسي سان پنهنجي ٻارن جي پيرن جا جيڪي ڪاڇا کڻي آيا هئا، انهن سان سينڊل ماپي پسند ڪيا. هنن پنهنجي ڌيءُ عائشه لاءِ به هڪ سينڊل، پرس ۽ رِسٽ واچ پسند ڪئي. حفيظه سينڊل -  ۽ خالد پنهنجي لاءِ رڳو بيلٽ ورتو. اُتي حفيظه کلندي خالد کي چيو،”اوهان جي نوڪري ختم ٿي ويئي آهي، پوءِ به اوهان مان سٺي ۽ مهانگي خريداري ڪرڻ جي عادت ناهي ويئي. ڄڻ اڃا به ساڳي نوڪريءَ ۾ هجو!!“
”بس، الله ڏئي ٿو،“ کلندي چئي، ڪائونٽر تي اچي، پئسا ڏيئي، هي ٻاهر نڪتا. بازار، هاڻي کين ماڻهن سان ڀرجندي نظر آئي. ڪي ڪارن مان ٿي لٿا، ڪي موٽرن سائيڪلن تان، ته ڪي رڪشائن ۽ ٻين سوارين مان. مرد ۽ ٻارَ گهٽ، جوان ۽ پڪي عمر جون مايون گهڻيون هيون. گهٽ ماڻهن کي ماسڪ پاتل هو.
هي اڳتي وڌڻ لڳا ته کين ماڻهن جي وچ مان گهٽ وٿي ملڻ لڳي. سوشل ڊسٽننگ ختم ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري  هنن ڪوشش ٿي ڪئي ته هي ٻين کان ٿورو فاصلو رکي هلن.
هاڻي کين پنهنجي پُٽن لاءِ شلوار قميصون وٺڻيون هيون. هي هڪ مارڪيٽ ۾ گهڙيا ته اُتي ماڻهن جي رش ۾ سندن ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. ڊڄَ به اچي کين ورايو. اُتان ٻاهر نڪري اچي، روڊ طرف کُلندڙ ڪپڙن جي دڪان تي بيٺا. ان دڪان تي شايد هي پهريان گراهڪ هئا، ڇاڪاڻ جو دڪاندار اڃا ڪپڙا سيٽ ڪري رکي رهيو هو. هنن کي ڪپڙا پسند ڪري خريد ڪرڻ ۾ دير نه لڳي. دڪاندار پاران اگهه ٻڌائڻ کانپوءِ هنن جي آڇيل  پئسن تي هُن ساڻن ڪا گهڻي جهِڳِ جِهڳان نه ڪئي. دڪاندار تيرهن سئو رپين وارو ننڍي ٻار جو هڪ وڳو کين هڪ هزار رپين ۾ ۽ ٻيو هڪ هزار رپئي وارو وڳو اٺ سئو رپين ۾ ڏنو. دڪاندار پاران ضد نه ڪرڻ  تي خالد کي لڳو ته دڪاندار گذريل ٻن مهينن کان پيل ڪپڙن جو پراڻو اسٽاڪ ڪڍڻ ٿو چاهي.
هنن ڀرسان ئي هڪ ٻئي دڪان تان عائشه لاءِ هڪ وڳو خريد به ڪيو. حفيظه جي انڪار جي باوجود خالد کيس هڪ وڳو پنهنجي لاءِ پسند ڪرڻ لاءِ چيو.
هي ڪپڙا خريد ڪري جيئن ئي پنهنجي موٽر سائيڪل ڏانهن وڌڻ لڳا ته خالد سان آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ امينه پنهنجي ننڍڙي پٽ جي چيچ پڪڙي، کين سامهون ايندي نظر آئي. هُنن ٻنهي کي به ماسڪ پاتل هو. هنن جيئن ته هڪٻئي کي پنهنجي لوڏ، چهري جي کُليل ڪجهه حصي ۽ اکين مان سڃاڻي ورتو هو، تنهن ڪري ويجهو ايندي ئي هنن هڪٻئي کي وڏي گرمجوشيءَ سان سلام ڪيو. ان کانپوءِ ٿوري مفاصلي تي، فوٽ پاٿ تان هيٺ لهي، ٻن ڪارن جي وٿيءَ وٽ بيهي، حال احوال ڪرڻ لڳا ته جيئن ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي رستو ملي سگهي.
هي پنهنجي گفتگوءَ کي اکين جي ايڪسپريشنس سان سمجهڻ لڳا. هي جيڪي اڳ ۾ اڪثر  اکيون ملائيندي گهٻرائيندا هئا، لڄي ٿيندا هئا، سي هاڻي ماسڪ پاتل هئڻ ڪري لازمي طور اکيون اکين سان ملائي، ڄڻ ته اکين سان ئي ڳالهائڻ لڳا هئا.
”ماسڪ سهڻن ماڻهن جي سونهن کي وڌائي ڇڏيو آهي،“ امينه کي ماسڪ ۾ اڳ کان وڌيڪ خوبصورت ڏسندي خالد سوچيندي، حفيظه جو ساڻس تعارف ڪرائيندي چيو،”هيءَ منهنجي وائيف حفيظه آهي.“ امينه؛ حفيظه کي سلام ڪيو ته خالد حفيظه سان سندس تعارف ڪرائيندي چيو؛ ”۽ هيءَ مسز امينه آهي. اسان ساڳئي اداري ۾ ڪم ڪندا آهيون. هيءَ اُتي هڪ اهم عهدي تي فائز آهي.“ ان تي امينه رڳو ڪنڌ لوڏيو. خالد محسوس ڪيو ته امينه کي حفيظه سان ملي ڪا گهڻي خوشي نه ٿي هئي. ڀلا خوشي به کيس ڪيئن ٿئي ها.... شاديءَ کان اڳ ۾ امينه پاڻ هن کي شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي، پر خالد ساڻس انڪري شادي نه ڪئي هئي، جو سندس ڪَن تي اهو افواهه پيل هو ته، امينه ۽ اداري جي اڳوڻي باس جي وچ ۾، ڪنهن وقتِ دوستي رهي هئي. امينه جيتوڻيڪ کيس ڏاڍي وڻندي هئي. گول ۽ ڀوري چهري، وڏين ۽ خمار جهڙين اکين، ڊگهن وارن ۽ ڊگهي قد واري اها ڇوڪري هن سان اُنهن ڏينهن ۾ بي تڪلف ٿي، ٽهڪ ڏيئي ڳالهائيندي هئي، پر ان افواهه امينه ڏانهن هن جي وڌندڙ پيرن ۾ ڄڻ ڏانوڻ وجهي ڇڏيا هئا. اهڙي ڪنهن به سچي ڪوڙي گمان سان گڏ هن پنهنجي زندگي گذارڻ نه چاهي. تنهن هوندي به هي هڪٻئي جا سٺا دوست ئي رهيا. ٻنهي جون شاديون به ٿي ويون، ته کين ٻارَ به ٿي ويا.
”ماڻهن جي حالت ڏسو ٿا؟“ امينه بازار ۾ ماڻهن جي بي احتياطيءَ واري پيهه ڏانهن ڏسندي خالد کي چيو.
”ماڻهن کي ڪير سمجهائي. هو سمجهن ٿا ته لاڪ ڊائون ختم ٿيو آهي، سو ڪورونا ختم ٿي ويو.... تڏهن ڏسو ته هو ڪوبه احتياط نٿا ڪن،“ ڪنڌ لوڏي، خالد جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي، امينه طارق روڊ تي پنهنجي اچڻ جي، ڄڻ اڻ سڌي طرح وضاحت ڪندي چيو؛ ”مان به بس هن ارمان جا ڪپڙا وٺڻ آئي آهيان. گهر ۾ سڀ ڪپڙا پائي پائي پراڻا ڪري ڇڏيا اٿئين....“
”سڀني گهرن جي ٻارن جي اهڙي ئي حالت آهي،“ حفيظه ڳالهايو.
”بلڪل... ۽ مان ته اهو به سوچي آئي آهيان ته لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ کانپوءِ وارو بازار جو نظارو ته ڏسي اچان ته ڪيترا ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪتا آهن. ۽ ماحول ڪيئن آهي؟“
”ها، هي به تاريخي ڏهاڙا آهن، جيڪي ضرور ڏسڻ گهرجن، پر احتياط سان،“ خالد وراڻيو.
”بلڪل....“
”پر اوهان اڪيلا نڪتا آهيو؟ اوهان جو هسبنڊ؟“ اهو سوال ڪندي خالد جي اکين ۾ معنيٰ خيز مرڪ آئي، جيڪا امينه چڱي طرح سمجهي ورتي.
”هُو سعودي عرب ۾ آهي... هاڻي بس پي آءِ اَي جون فلائٽس شروع ٿيڻ واريون آهن. سو عيد کان اڳ ۾ اچي ويندو.“
”اڇا.. پر ٻاهران جيڪي به ماڻهو آيا آهن، اهي ته اڪثر پازيٽوِ ظاهر ٿيا آهن،“ خالد امنيه سان ڊيڄاريندڙ ڀوڳ ڪيو.
”ها، اوهان صحيح ٿا چئو، پر هن ٽيسٽ ڪرائي آهي.... نيگيٽوِ آهي...“
”نيگيٽوِ آهي؟“
خالد کلي، ڀوڳ واري لهجي ۾ کيس چيو ته، امينه به کِلندي، سندس ڀوڳ کي سمجهندي، تڪڙ ۾ وراڻيو؛ ”نه...نه.... ڪورونا جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي اٿن، باقي هونئن ته پازيٽوِ مائينڊ آهن...“
ان تي سڀئي کِليا ته خالد چيس؛ ”امينه، اسان هاڻي اجازت وٺنداسين. اوهان ڀلي پنهنجي هن پياري پٽ لاءِ خريداري ڪريو.... پاڻ آفيسون کُلن ته پوءِ ملنداسين.“
”ضرور،“ ائين چئي امينه حفيظه ڏي منهن ڪري، هنن ٻنهي کي پنهنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته؛ ”اسان جي گهر هلو.... منهنجو ويجهو ئي نرسريءَ وٽ گهر آهي.... “
”ادي بس ٻئي ڀيري اينداسين. ٻارن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي آيا آهيون، ان ڪري جلدي وڃڻ چاهيون ٿا...“ حفيظه چيو.
”امينه، اوهان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙي جو خيال رکجو... ماڻهن جي هيءَ حالت ڏسي خبر نٿي پوي ته، الائي ڇا ٿيندو اسان جو؟“
”بس الله سائين خير ڪندو...“
”ها، ڳالهه ته صحيح آهي، پر ماڻهن جي هنن هجومن کي ڏسو.... ڪيئن نه ڪورونا سان گڏ گڏ گهمي رهيا آهن..... ڪو احتياط ڪن ٿا؟“
”صحيح ٿي چوين.... هي ته فلڊ گيٽس وانگر ڄڻ ڪورونا گيٽس آهن، جيڪي کُلي چڪا آهن، ۽ لڳي ٿو ته ان ۾ اسان سڀ ٻڏي مري وينداسين...“ 
سڀني جي اکين ۾ ڊڄ لهي آيو.... ۽ هنن ان ڊڄ واري ڪيفيت ۾ هڪٻئي کان موڪلايو.

(۱۷ مئي ۲۰۲۰ع)

No comments:

Post a Comment