Tuesday, July 28, 2020

ڀِٽڪيل ماڻهو ۽ هڪ پکي

ڀِٽڪيل ماڻهو ۽ هڪ پکي

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


هيمنگوي خودڪشي ڪئي، ماياڪووسڪي خودڪشي ڪئي، ماڻڪ خودڪشي ڪئي ۽ ٻيا به ڪيترا ئي اديب ائين مُئا. هِن کي اهڙو موت پسند نه هو. هن چيو پئي؛ زندگي پنهنجي چادر کي ٿورو ويڪرو ڪري ته جيئن هيءُ اُن ۾ سمائجي سگهي ۽ سندس ٻارڙا به اُن ۾ سڪون سان آرام ڪري سگهن. هِن ڪوشش ڪئي ته هو هر دور سان گڏ هلي، ڪي وڏيون خواهشون نه رکي، ڪو غلط ڪم نه ڪري، کَل لڪائي غمِ زندگيءَ جي تپش ۾ پنهنجي نيڻن جي آلاڻ کي عينڪ جي ٿلهن ڪارن شيشن ۾ لِڪائي، زبان جو لهجو ٺيڪ رکي هلي، ته جيئن ڪنهن ٻئي کي سندس حالُ، ڪو ڏک نه پهچائي. ڪو کيس ڪجهه به چوي ته، هي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو وڃي. جي گهڻي ڪاوڙ اچيس ته، ان کي گهوري ڏسي، ڪاوڙ ان ڏانهن موڪلي پاڻ ماٺ ڪري هليو وڃي. هن وٽ ويڙهه لاءِ وقت نه هو. گهر ۾ ٻارن جا چهرا ۽ زال جي خاموشي، هن جي پيرَن کي باهه لڳائي، سندس دماغ کي تپائڻ لاءِ ڪافي هوندا هئا. هِن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾اهڙا گهڻا ڏينهن ڏٺا هئا، پر ميار سندس زبان تي لوڻ جي ڳنڍي جيان اچي ڪرِندي هئي، جنهن کي هُو ٿُوڪاري ڇڏيندو هو. 


هڪ ڏينهن هيءُ منگهي پير تي ويو. خاموش ماحول. ڪو به گوڙ نه. کيس ذهني سڪون مليو. سُڪون اُتان جي خاموشيءَ ۾ هو. هِن اُتي تلاءَ ۾ موجود واڳوئن کي ڏٺو، جيڪي ڪاٺ جي ٿُڙن جيان پاڻيءَ ۾ پيا هئا. هن سوچيو؛ سندس زندگي به ائين ئي بي جان بڻيل آهي. ان کي هلچل ڏجي. پر ڪيئن؟ ان جو جواب وٽس نه هو.

هن فيصلو ڪيو: هيءُ جهنگَ مُنهن ڪندو، پر هِتي ته ڪي ٻيلا به نه هئا، جتي ٻُڌ وانگر وڃي ويهي ها. هن کي سنڌوءَ جي لهرن ۾ به پناهه نه گهربي هئي. هن کي سمنڊ جون باوفا ڇوڪرين جهڙيون ڇوليون به پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهنديون هيون. هيءُ ٻِه واٽي تي بيٺو هو، جتان  هڪ واٽ زندگيءَ ڏانهن ۽ ٻي موت ڏانهن ٿي ويئي. هن زندگي ۽ موت جي وچان ٽين واٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي هي فرار جو نالو ڏيئي، اُن تي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر اُن رستي تان هلندي به هي ٿڪجي پيو. ٿڪجي هڪ جاءِ تي ويهي رهيو، جتي کيس هڪ پکي مليو، جنهن چيس؛ “مون وانگر روز ڪٿان نه ڪٿان داڻو پاڻي حاصل ڪري، خوش زندگي گذار. ڪنهن مال ملڪيت ميڙڻ جي چڪر ۾ نه پئه.” هن جو چڪرايل ۽ ڀِٽڪيل دماغ، پکيءَ جي ڳالهه تي گهمي گهمي نيٺ هڪ جاءِ تي اچي بيٺو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. .... هيءُ گهر ڏانهن واپس ٿيڻ لاءِ اُٿيو.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment