Tuesday, July 28, 2020

مسٽر ٽيگ

مسٽر ٽيگ

ننڍڙي ڪهاڻي

انور ابڙو


”مسٽر ٽيگ، مان تو کي ٽنگي ڇڏيندس.“

”ڇو؟..... ڇا ڪيو آ مون؟“

”تون اهو ڪجهه ٿو ڪرين، جيڪو ڪورونا به نٿو ڪري.“

”ڪاوڙ نه ڪر، ٻڌاءِ ڇا ڪيو آ مون؟“

”مان جنهن وقت فيس بُڪ کوليان ٿو ته تون هڪ کان وڌيڪ صورتن ۾ اڳيان اچي بيهي ٿو رهين.... اڃا چوين ٿو ته ڇا ڪيو آ تو؟“

”پر ان ۾ منهنجو ته ڪو ڏوهه ناهي. مون کي ته مالڪن هر ميمبر جي ڊيوٽيءَ تي لڳايو آهي، سو جيڪو به ميمبر مون کي جيڏانهن موڪليندو، مان ته تيڏانهن ويندس.“

”سمجهان ٿو ته تون پاڻ نٿو اچين، تو کي ٻيا ٿا موڪلين، پر يار، انهن کي ته مان ڪجهه نٿو چئي سگهان، پر تو کي ته چئي سگهان ٿو نه.....“


”معنيٰ مون ننڍي تي ڪاوڙ.....؟؟ “

”ائين ئي سمجهه...“

”پر ڏس، مان به جڏهن تنهنجي فيس بڪ جي ڀت تي اچي ويهان ٿو ته ان سان تو کي پنهنجي موڪليندڙ جي سُهڻن خيالن کان به ته واقف ڪيان ٿو نه. انهن جي شاعري، انهن جي ڪهاڻي، انهن جو ڪالم، انهن جي ڪا ٻي سهڻي تحرير..... نه ته تون ته انهن کان محروم رهجي وڃين.“

”مسٽر ٽيگ، اهي واقعي سُهڻا خيال هوندا آهن. مان انهن کي خراب نٿو چوان، پر يار، مان فيس بُڪ تي رکيل پوسٽن مان پنهنجي مرضيءَ سان ۽ پنهنجي پسند جون پوسٽون پڙهڻ ۽ ڏسڻ چاهيندو آهيان. تون اچي، منهنجي سِرَ تي سوار ٿي، اهو نه چئه ته، اول مون کي پڙهه، پوءِ اڳتي وڌ... ها، تون ان صورت ۾ ڀلي اچ، جنهن ۾ مان هجان....“

”تنهنجي تڪليف مان سمجهان ٿو، پر ادا مان ته ڪجهه نٿو ڪري سگهان نه... مالڪن کي چئه...“

”مسٽر ٽيگ، تنهنجا مالڪ آهن ته منهنجا پيارا دوست، پر يار آهن ڏاڍا زورآور. انهن کي چوندس ته هو ناراض ٿي پوندا، انڪري تو کي ئي منٿ ٿو ڪريان ته، تون مُڙي وڃ. هُو مون ڏانهن موڪلنئي، تڏهن به ڪو ٻيو رستو وڃي وٺ، مون ڏانهن نه اچ....“

”نه ائين نه ٿيندو. جي تون مون کي پنهنجيءَ ڀِت تي سڌو اچڻ نه ڏيندين ته مان اُن جي جَاري ۾ اچي لڪي ويهي رهندس، پر اتان به تو کي ٺونگا پيو هڻندس، ته مون کي اجازت ڏي ته مان تنهنجي ٽائيم لائين تي اچان.“ 

”يار، مان ته تو مان ڦاسي ويس...“ 

”ماڻهو چڱو ٿو لڳين، انڪري ان جو هڪڙو حل ٻڌايانءِ ٿو...“ 

”ٻڌاءِ؟“

”تون انهن سڀني فيس بڪ وارن دوستن سان ڀت ڀائپي ختم ڪري ڇڏ، جيڪي مون کي تو ڏانهن موڪلين ٿا...“

”ڳالهه صحيح ٿو ڪرين، پر مان ايئن ڪري نٿو سگهان...“

”ڇو؟“

”ان ڪري جو هاڻي ته رڳو تون فضيلت وارو مسٽر ٽيگ ٿو اچين، پر پوءِ اُهي شيون به اچي سگهن ٿيون، جيڪي مون کي ماري وجهنديون...“

”معنيٰ ڊڄين ٿو؟“

”ائين ئي سمجهه...“

 ”پوءِ ان جو هڪڙو ٻيو به حل آهي؟“

”ٻڌاءِ.“

”پنهنجي اِها ڀت ڊاهي ان فيس بُڪ جي جاءِ تان ٻاهر نڪري وڃ...“

”ائين به نٿو ڪري سگهان.“

”ڇو؟“

”ان ڪري جو مان تازي ڄاڻ واري ان دنيا مان ٻاهر نڪري رهي نه سگهندس.“

”ته پوءِ ڀوڳِ مون کي.“

”اهڙو ڀوڳ نه ڪر يار.... ڪا واهر ڪر....“

”بس مالڪن کي چئو.... اهي ئي تو کي بخش ڪري سگهن ٿا، باقي مان ته پنهنجو فرض نڀائيندو رهندس.“

”ٺيڪ آهي، سوچيان ٿو اِن تي، پر ڪيو رت ٿئي يار مسٽر ٽيگ.....“

مسٽر ٽيگ سندس بيوسيءَ تي مسڪرائڻ لڳو.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي ۲۸ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي رکيل/کنيل)

No comments:

Post a Comment