وڏي ڪرسي ننڍڙو ماڻهو
ننڍڙي ڪهاڻي
انور ابڙو
هُو مضبوط ڄنگهن
واري ڪُرسيءَ تي پنهنجي ڪمزور ذهن سان ويٺو هو. هڪ ڏينهن هُن، پنهنجي پراڻي عادت
موجب، منهنجي هڪ دوست اڳيان، منھنجي گھٽتائي ڪرڻ چاهي.
هُن، مون کي ھيسائڻ
خاطر، پنهنجي زبان مان بدِشد لفظ ڪڍيا.
مون پنهنجي ڳاڙهي ٿي
ويل چهري ۽ رت لهي آيل اکين سان کيس ڏٺو....
هُن ڳيتَ ڏئي ڳالهايو...
مون ڏٺو، هُو ننڍڙي
قد وارو، پنهنجي وڏي ڪُرسيءَ اندر دٻجي، اڃا به ننڍڙو ٿي ويو!!
(انور ابڙو جي فيسبڪ
وال تي، ۱۷ جولاءِ ۲۰۲۰ع رکيل)
No comments:
Post a Comment