شناس
فليش فڪشن
بيدل مسرور
ڪنهن سياڻي صلاح ڏنس
ته؛ “مانيءَ گرھ کڻي وڃ ۽ جڏهن ڪتو رومڙ ڪرئي ته گرهه اڳيان اڇلائجانس... نيمڪ پيٽ
۾ پوندس ته تو تي ڀونڪڻ ڇڏي ڏيندو.”
پر گهران مانيءَ
گرهه کڻي جڏهن گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته کيس ڪتو ڪٿي به نظر نه آيو، گهٽيءَ ۾ راند کيڏندڙ
ٻارن کان پڇيائين ته انهن ٻڌايس ته؛ “ڪتو رات مري ويو.”
ڪتي جو موت ٻڌي کيس
ڏاڍو افسوس ٿيو، ڇاڪاڻ ته رات جڏهن هن مٿس رومڙ ڪئي هئي ته هن کيس گهروڙي بجو ڏيندي
چيو هو؛ “ٿُڪ هجئي لوسي! پاڙي ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي به نه ٿو سڃاڻين.”
(بيدل مسرور جي فيسبڪ وال تي رکيل)
No comments:
Post a Comment