Showing posts with label راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو، فرهاد جيلاني، اهو اجنبي پکي، راجن مڱريو،. Show all posts
Showing posts with label راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو، فرهاد جيلاني، اهو اجنبي پکي، راجن مڱريو،. Show all posts

Monday, April 20, 2020

راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو


راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو
تبصرو؛ فرهاد جيلاني
ڪتاب جو نالو؛ اهو اجنبي...
ڪتاب ڌڻي؛ راجن مڱريو
سنڌي ادب ۾ اڄ تائين به ڳاٽ اوچو ڪري هيءَ هام هڻي سگهجي ٿي ته سٺي ڪهاڻي سرجي رهي آهي ۽ ڪهاڻيڪارن جو سٺو تعداد لکي رهيو آهي. ٻين ڪهاڻيڪارن سان گڏ سانگهڙ جي ويجهو ڪچي آباديءَ واري هڪ ننڍي ڳوٺ گل حسين سيريوال سان واسطو رکندڙ فقير منش ۽ امير دل جو ڌڻي راجن مڱريو سٺيون بلڪ شاهڪار ڪهاڻيون لکي رهيو آهي جن کي پڙهڻ سان لونءِ ڪانڍارجي وڃي ٿي، بت جو هر هڪ وارُ ڇٻر جي سطح جيان اڀري اڀو ٿي پوي ٿو. مون هڪ پاٺڪ جي حيثيث سان راجن مڱرئي جون ڪهاڻيون دل سان پڙهيون آهن جن ۾ علامتي عنصر گهڻي حد تائين پسي سگهجي ٿو، راجن جون ڪهاڻيون هڪ اديب جي اکين جهڙيون سندر آهن، سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيءَ کي علامتي نوع ۾ چٽيو ويو آهي ته ڪٿي سماج جي وارتائن کي هڪ ذميوار فرد بڻجي ڪهاڻين جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي.