ڪورونو ۽ ماسي ڪامُلِ
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
منهنجو هڪ ويجهو
دوست ساجن ۽ اُن جي ويجهن مائٽن جا ڇهه ست خاندان، ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا
آهن. ڪلهه فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. تمام گهڻو پريشان هجي. سبب معلوم ڪرڻ تي ٻڌايائين
ته؛ ”ٻاهر ته لاڪ ڊائون آهي، پر اسان واري پاڙي ۾ لاڪ ڊائون کان لڳ ڀڳ اڳ جهڙو ئي
ماحول آهي. اسان جي گهر اسان جون مائٽياڻيون، انهن جا ٻارَ ۽ مرد ساڳي طرح اچن وڃن
ٿا، جهڙي طرح هو اڳ ۾ ايندا ويندا هئا. ٻارن کي به ساڳي طرح ڀاڪر ۾ کڻن ٿا، جيئن
هو کين اڳ ۾ کڻندا هئا- ۽ اسان جا ٻارَ به هُنن جي گهر، اڳ جيان ئي اچن وڃن ٿا.“
