خواب، مان ۽ امان
مختصر ڪھاڻي
آسن راٺوڙ
اونداھي ڪمري ۾، بيڊ
جي چادر ۾ منهن لڪائي روئندي مون کي ننڊ اچي ويئي. مان خواب ۾ هئس. خوابن ۾ مان ڏاڍو
خوش هوندو آهيان. ٻين ٻارن وانگر رانديون ڪندو آهيان، نچندو آهيان، ڪڏندو آهيان، ٺينگ
ڏيندو آهيان. پر جڏهن مان خواب ۾ نه ھوندو آهيان، تڏهن مان بي حد ڊنل ۽ هراسيل
هوندو آهيان. مونکي هر هڪ شيءِ مان خوف ٿيندو آهي. ايتريقدر جو آئون اکيون کولي به
نه سگهندو آهيان. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ لڪي ويهي رهندو آهيان. جاڳندي، کلي ۽ ٽهڪ ڏيئي
نه سگهندو آهيان. جاڳندي، مون کان کلڻ وسري ويندو آهي. جاڳندي، مان صرف روئي
سگهندو آهيان.