واھ مائي
مختصر ڪھاڻي
ڊاڪٽر امداد شيخ
پنج صابڻ، پنج ميري
بسڪيٽس. خوبصورت شاپر لاءِ دوڪاندار ڏي آيس. شاپر ھٿ ۾ جھلي، سيلفي جا شارٽس ورتا.
ڦوٽو سٺو لڳو. دوڪاندار بسڪيٽ ريپر جا ڏھ رپيا ته شاپر جا چيائين پندرھه. سوچيم؛
شاپر پنج ڪافي آھن. صابڻ سکڻو ڀلو، ڦوٽو به چٽو. سئوٽ کي فون ڪيم؛ ”سؤٽ! سڀاڻي
دادو ڪئنال جي ڪپ تي، پندرھه ويھه گھر آھن. الله الائي ڪھڙي ڳالھه ۾ راضي. ڇونه ڪنھن
جي ھن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪجي. صبح روشنيءَ ۾، جيئن ڦوٽو ڪليئر اچي، پنھنجي سمارٽ فون
کڻي اچجانءِ. سئوٽ تنھنجو ڦوٽو ڪڍڻ جو انداز، مجال آھي جو ڪنھن کي اچي. بس سڀاڻي
اھڙو ٿي وڃي جو، فيس بڪ تي ھڻان ته ڪمينٽس جا ٽڙڪا ھجن.“