Sunday, March 22, 2020

نادر بيگ مرزا جون ڪھاڻيون


قومن جي تهذيبي اؤسر جون پاڙون سندن علم، ادب، فن ۽ سندن تاريخي پس منظر ۾ کُتل هونديون آهن. اڄ دنيا جي گولي تي جيڪي قومون ترقي يافته سڏجن ٿيون، جي اُنهن جي ان اُٿاهه ترقيءَ جا راز پروڙبا ته اهي اسان کي سندن قومي مزاج، ثقافتي ورثي ۽ تاريخ ڏانهن سندن روين ۾ نظر ايندا. ان حوالي سان، جي اسان پنهنجي اڄوڪي هيڻي حال جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان جا بنيادي سبب به تاريخ ڏانهن اسان جي خودفريب ۽ منفي روين ۾ موجود آهن. پنهنجي ثقافتي ورثي، تاريخي نوعيت جي ماڳن ۽ ڪردارن بابت تخليقي طور تي وڌيڪ کوجنا ته ٺهيو پر اسان کان سندن ٺلهي حفاظت ۽ سنڀال به نه پُڳي آهي. جنهن موهن جي دڙي جي عظمتن تي اسان اڄ فخر ٿا ڪريون، ان جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا اسان مان ڪنهن نه، پر هڪ انگريز سر جان مارشل ڪئي. جنهن لطيف جي عظمت جا ڳُڻ ڳائيندي اسين ٿَڪجون نه ٿا، ان جي دؤر، سندس تاريخي، فني ۽ فڪري اهميت تي بنيادي نوعيت جو ڪتاب به ايڇ ٽي سارلي لکيو. سنڌ جي تاريخ تي به نسبتن مستند ڪم اسان کي ايڇ ٽي لئمبرڪ ڪري ڏنو. اِهو هڪ ڊگهو بحث آهي. ان جي تفصيل ۾ نٿا وڃون، پر ڳالهه جو مطلب ۽ مقصد هيءُ آهي ته اسان جي تاريخ ۽ تهذيبي ورثي ڏانهن روش، ڪنهن طرح به مناسب ۽ دُرست نه رهي آهي. قومي مزاج جي اُن پس منظر ۾ اسان جي ليکڪ دوست نصير مرزا جي هيءَ بظاهر ننڍڙي ڪوشش دراصل تمام وڏي اهميت رکي ٿي. هڪ ته هن روايتي سنڌي مزاج جي اُبتڙ ڪم ڪيو آهي. ٻيو ته هن سنڌي افسانوي ادب ۾ جديد حقيقت نگاريءَ جي دؤر جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار نادر بيگ مرزا جي تخليقي پورهيي کي سنڌي ادب جي رڪارڊ تي آندو آهي، جنهن لاءِ هو يقينن پنهنجي ان صلاحيت ۽ جذبي کي فقط “نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون” سهيڙڻ تائين محدود نه رکندو.


نادر بيگ مرزا جيشخصيت، سوچ ۽ ڪهاڻين تي پنهنجا ويچار پيش ڪرڻ کان اڳ مان اهو اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته هن بابت منهنجيءَ ڄاڻ جو دائرو فقط هن زير بحث ڪتاب تائين محدود آهي. البته هن جي شخصيت ۽ ڪهاڻين بابت ڪجهه ڪتابن ۾ مختلف ليکڪن جا مختلف رايا ضرور نظر مان گذريا آهن. نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين جي پرک جي حوالي سان هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. اسان عام طرح شين کي سندن نسبت کان سواءِ پرکيندا آهيون ۽ نتيجي ۾ اُنهن جي صحيح پرک ۽ ڇنڊ ڇاڻ نه ٿي سگهندي آهي. هر شيءِ جي نسبت ۽ اُن جو ڪارج پنهنجي دؤر، يعني زمان ۽ مڪان جي حوالي سان ٿئي ٿو. مثلن جي اسان هومر جي شاعريءَ ۽ فڪر جي ڇنڊ ڇاڻ اڄوڪي جديد فڪر ۽ معيارن سان ڪنداسين ته هو اسان کي نه رڳو ذهني طور ناپختو پر رواجي شاعر لڳندو، پر هومر جنهن دؤر سان تعلق رکي ٿو ۽ اُن دؤر جا جيڪي مروج قدر ۽ فڪري محرڪ هئا، اُن لحاظ سان سندس پرک ڪبي ته هو يقينن وڏو شاعر آهي. سُقراط ۽ افلاطون پنهنجي دؤر جا وڏا فلسفي هئا، پر جي هنن کي اڄوڪي دؤر سان ڀيٽينداسين ته هو اسان کي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ بلڪل پسمانده لڳندا، جيئن “بو علي سينا” جي ڀيٽ اڄوڪي ميڊيڪل سائنس سان نٿي ڪري سگهجي، جيئن “جابر بن هيان” جي ڀيٽ اڄوڪي ڪيمسٽري ۽ نيوٽن جي پرک اڄوڪي ماڊرن فزڪس ۽ ڪوانٽم مڪينڪس سان نٿي ڪري سگهجي، تيئن اسان پنهنجن شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي فڪر ۽ فن جي ڪارج جي پرک به اڄوڪي دؤر سان نٿا ڪري سگهون. سندن بنيادي اهميت پنهنجي دؤر جي نسبت سان آهي. اُن ڪري جڏهن به ڪنهن اديب، شاعر يا فنڪار جي پرک ڪجي، تڏهن ان ڳالهه جو خيال رکڻ ضروري آهي. نادر بيگ مرزا جي ويچارن ۽ ڪهاڻي-ڪَلا جي اهميت به اسان کي حقيقت ۾ تڏهن معلوم ٿيندي، جڏهن اسان کي سندس دؤر جي مروج سماجي، فڪري ۽ فني قدرن جي چڱيءَ طرح خبر هوندي. ٻيءَ صورت ۾ جي فقط رسمي طرح سندس ڪهاڻين کي پڙهيو ۽ پرکيو ويو، ته سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هن جي حيثيت جو تعين ٿي نه سگهندو.
هاڻي اچو ته هن جي ڪهاڻين جي مجموعي تاثر، ڪردار ۽ ڪارج تي ترتيبوار ڳالهائيندا هلون:
(الف) نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين جي پهرين خوبي، سندس ٻوليءَ جو مزاج ۽ ڪهاڻيءَ جو فارميٽ آهي. نادر بيگ جون ڪهاڻيون، اسان کي ۱۹۳۰ع واري ڏهاڪي ۾ ملن ٿيون ۽ اُن دؤر جي مسلمان سنڌي ليکڪن جي ٻولي اسان کي گهڻي ڀاڱي فارسيءَ کان سخت متاثر لڳي ٿي، پر نادر بيگ مرزا اسان کي ان عام لاڙي کان بلڪل الڳ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن کان اڳ سندس ئي والد ۽ سنڌي ادب جي محسن مرزا قليچ بيگ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي تاريخي ثقافتي پسمنظر ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي هئي. قليچ هن صديءَ جي حوالي سان سنڌي ادب جو اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ماحول ۽ ڪلچر سان سلهاڙيو. سو ممڪن آهي ته نادر بيگ مرزا ٻوليءَ جو اهو ڊِڪشن پنهنجي والد کان ورتو هجي، پر پوءِ به هن جي لکڻ جو انداز ۽ اسلوب پنهنجو آهي. سندس ٻولي نهايت سادي پر اثرائتي آهي. نادر بيگ مرزا ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جي حوالي سان به پنهنجي دؤر ۾ ڪافي تجربا ڪيا. هو سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جديد حقيقت نگاريءَ جي دؤر جي پهرين ڪهاڻيڪارن مان آهي. خاص طور تي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جديد حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان نادر بيگ مرزا ان ٽهيءَ ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو- جنهن ۾ هُن سان گڏ امر لعل هنڱوراڻي، آسانند مامتوراءِ ۽ عثمان علي انصاريءَ کي ڳڻيو وڃي ٿو. ان بابت منگهارام ملڪاڻيءَ پڻ پنهنجي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ” ۾ هڪ مستند راءِ ڏني آهي. نادر بيگ مرزا نه رڳو سنڌي ڪهاڻيءَ کي زندگيءَ جي حقيقتن سان سلهاڙيو آهي، پر ان کي پنهنجو هڪ اسلوب به ڏنو. هن جي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ کان ويندي ڪردارن، موضوع توڙي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۽ واقعن جي اُڻت تائين، ڪابه مونجهه ۽ تجريد ناهي. هن وٽ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو پختو فن آهي، اُن ڪري سندس ڪهاڻيون نه رڳو پڙهندڙ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچن ٿيون پر اهي مٿس سڌو اثر به ڇڏين ٿيون.
(ب) نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين جي ٻي خوبي سندس ڪهاڻين جا موضوع آهن. جيئن مون اڳ ۾ چيو ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ هڪ وڏو ڪم ڪيو ته اُن سنڌي افسانوي ادب کي زندگيءَ سان روشناس ڪرايو. اڳ جيڪا ڪهاڻي، زندگيءَ سان گهري تعلق نه هجڻ ڪري پنهنجو ڪو مضبوط سماجي ڪارج نه رکندي هئي، اها حقيقت نگاريءَ سبب سماجي زندگيءَ ۾ هڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي. ان لحاظ سان نادر بيگ جون ڪهاڻيون پنهنجي دؤر جي ٻين سڀني ڪهاڻيڪارن کان مختلف ۽ منفرد آهن. هن جي ڪهاڻين جا موضوع بظاهر سادا ۽ عام، پر حقيقت ۾ وڏي اهميت رکندڙ ۽ پنهنجي دؤر جي سماجي قدرن جي لحاظ سان بنيادي نوعيت جا آهن. نادر بيگ مرزا، جنهن جي ذهني تربيت مرزا قليچ بيگ جهڙي فرد نه، پر هڪ اداري جي نظر هيٺ ٿي ۽ جيڪو پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ئي يورپ مان ٿي آيو هو، اُن ڪري هن سنڌي سماج کي هڪ نئين اک سان ٿَي ڏٺو. هو شخصي طرح به تنگ نظر نه هو، هو اعليٰ تعليم يافته هو. جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ فائنل پاس ڪرڻ به وڏي ڳالهه ليکبي هئي، هن اُن دؤر ۾ لنڊن مان بيريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو. هو نه رڳو اعليٰ تعليم يافته هو، پر بنيادي طور هڪ آزاد خيال، فن سان گِهرو لڳاءُ رکندڙ، اهلِ ذوق ۽ اهلِ دل ماڻهو هو. هن جي شخصيت توڙي ڪهاڻين جي وڏي خوبي اِها هئي ته هو روايت پسند نه هو. هن ذاتي زندگيءَ کان وٺي ويندي پنهنجين ڪهاڻين تائين، پنهنجي دؤر جي مُروج سماجي، ثقافتي ۽ ادبي معيارن ۽ روايتن کان بغاوت ڪئي. ان جا ڪجهه مثال ئي ڪافي آهن. هن جو تعلق هڪ اهڙي خاندان سان هو، جيڪو سماجي ۽ ثقافتي طرح پنهنجين روايتن جو سخت پابند هو، پر نادر بيگ مرزا بغاوت پنهنجي گهر کان ڪئي. هن پنهنجي پريمڪا گِريسيءَ سان خانداني روايتن جي اُبتڙ، ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. روايتن ۽ مروج سماجي قدرن کان اِها ساڳي بغاوت اسان کي هُن جي ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿي. هن جي ڪهاڻي “انقلاب” ان جو هڪ چِٽو مثال آهي. جنهن ۾ هن هڪ مسلمان پرده نشين زال جي ڪردار “زاهده” ذريعي اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته عورتون به مردن جيترا ئي سماجي حق رکن ٿيون. هن جي اڪثر ڪهاڻين ۾ عورت اسان کي خوددار نظر ايندي. جڏهن ته نادر بيگ مرزا جي دؤر ۾ اسان کي عملي طور سنڌي عورت ايئن نظر نٿي اچي. ان مان ظاهر ٿيو ته هن پنهنجي دؤر جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن کان گهڻو اڳتي وڌي سوچيو. هن جي هر ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو خاص ڪردار آهي، پر اها اسان کي سندس ڪهاڻين ۾ روايتي طور ڪمزور ۽ محتاج نه پر خوددار ۽ بااعتماد نظر اچي ٿي. هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ عورت جي مِڙني حيثيتن جي اهميت ۽ سونهن کي اُجاگر ڪيو آهي. ڪٿي اُها پيار ڪندڙ ممتا آهي ته ڪٿي اُها پاڻ اَرپيندڙ پريمڪا ۽ وفا شُعار زال آهي، پر ڪنهن به حيثيت ۾ هن عورت کي مرد کان گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ داخلي توڙي خارجي، ٻنهي موضوعن کي ڇُهيو آهي.
(ت) نادر بيگ مرزا ذهني طور تنگ نظريءَ ۽ هر قسم جي تعصب کان پاڪ، هڪ آزاد خيال ۽ انساني قدرن ۾ ويساهه رکندڙ شخص هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته اِها خوبي کيس پنهنجي والد مرزا قليچ بيگ کان وِرثي ۾ ملي هئي، پر پوءِ به اُن جو ڪريڊٽ ڏانهنس ئي ويندو. اِها ئي خوبي اسان کي هُن جي ڪهاڻين ۾ به نظر ايندي. سندس ان خوبيءَ جي اهميت جو اندازو تڏهن ٿيندو، جڏهن اسان کي اُن دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو ادراڪ هوندو. جنهن زماني ۾ نادر بيگ مرزا اِهي ڪهاڻيون لکيون آهن، اُهو دؤر سياسي ۽ سماجي طرح ڏاڍو حساس هو. سڄي هندستان ۾ هڪ طرف انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ جو چؤٻول پيدا ٿي رهيو هو، ته ساڳئي وقت هندستان اندر سياسي طرح هندو ۽ مسلم مفاد پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيا هئا. نتيجي ۾ هندو ۽ مسلمان پاڻ کي ٻه الڳ الڳ ۽ متضاد قومون سمجهي، هڪٻئي کان پري ٿي رهيا هئا. اُن مذهبي تفريق کي سياسي طرح ايتري ته هوا ڏني وئي، جو مختلف مذهبي پس منظر رکندڙ، صدين کان آباد ساڳيون قومون، مذهب جي بنياد تي ورهائجڻ لڳيون. اُنهن تحريڪن، خاص طور تي بنگال، ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ۾ زور ورتو. هيءُ هڪ الڳ بحث آهي ۽ ان جي تفصيل ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندي مان هتي فقط هيءَ ڳالهه ٻُڌائڻ ٿو گهران ته جنهن دؤر ۾ اسان جي ڪهاڻيڪار نادر بيگ مرزا، اِهي ڪهاڻيون پئي لکيون، اُن دؤر ۾ هندن ۽ مسلمانن کي فقط سياسي مفادن خاطر مذهب جي بنياد تي ورهايو پئي ويو، ۽ اُن دؤر ۾ اڪثر هندو ليکڪ مسلمانن کي ڄَٽ ڪري لکندا هئا، ته ساڳئي وقت مسلمان ليکڪ هندن کي نيچ ڪري ڏيکاريندا هئا- پر نادر بيگ مرزا، جيڪو هڪ انسان دوست ۽ آزاد خيال ٿياسافسٽ هو، اُن وڏيءَ ڏاهپ سان پنهنجين ڪهاڻين ذريعي اُن مذهبي فرق کي ثانوي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي لڳ ڀڳ سمورين ڪهاڻين ۾ هندو ۽ مسلم ڪردار گڏ آهن ۽ اُنهن ۾ ڪنهن به طرح، ڪوبه فرق نه ڏيکاريو ويو آهي. بلڪه عجيب ڳالهه اها آهي ته هن جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي مرد ڪردار مسلمان آهي ته سندس پريمڪا هندو آهي. مثال طور پنهنجي ڪهاڻي “پاڪ محبت” ۾ هن هڪ مسلمان مرد کي هڪ پارسي ڇوڪريءَ “خورشيد” سان پيار ڪندي ڏيکاريو آهي.
هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ مذهبي فرق کي اهميت ڏيڻ بدران سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي وحدت تي وڌيڪ زور ڏنو آهي. نه رڳو پنهنجين ڪهاڻين ۾، پر پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به، هن ايئن ڪري ڏيکاريو. هن جنهن گِريسيءَ نالي عورت سان شادي ڪئي، اُها مذهبي طرح عيسائي هئي. اُن ڪري تصور ڪري سگهجي ٿو ته جنهن دؤر ۾ ننڍي کنڊ ۾ سياسي ۽ سماجي طرح اهڙيون حالتون هيون،اُن وقت نادر بيگ مرزا، سنڌ جي “Cultural Integrity” جي ڳالهه ڪري ڪيترو نه اڳتي پئي سوچيو!
(ج) نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين ۾ هڪ خاص خوبي منجهن احساساتي رومانويت آهي. نادر بيگ مرزا هڪ اهلِ دل ماڻهو هو. پيار ۽ محبت هن جي اڪثر ڪهاڻين جا خاص موضوع آهن. پيار جو هن وٽ فقط جسماني ۽ رسمي تصور ناهي، هو پيار کي هڪ روحاني تشنگي، پاڻ ارپيندڙ جذبو ۽ هر قسم جي طمع کان بي نياز، لطيف احساس سمجهي ٿو. “موهني” هن جي پريم ڪهاڻين جو خاص ڪردار آهي. رڳو هن ڪتاب ۾ ئي موهنيءَ جي حوالي سان هن جون سَتَ ڪهاڻيون ۽ هڪ ايڪانڪي ڊرامو شامل آهي. نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين ۾ احساساتي رومانويت جي عنصر جو راز موهني آهي، جنهن کي مان فقط هن جي ڪهاڻين جو اهم ڪردار ئي نه پر سندس زندگيءَ جو وڏو ڪردار پڻ سمجهان ٿو. مون کي پڪ آهي ته موهنيءَ نالي ڪردار هن جي زندگيءَ ۾ ضرور آيو آهي. ٻيءَ صورت ۾ هو ايڏيءَ گهرائيءَ سان پيار جي اُن لطيف احساس جي سمنڊ جي پاتال مان جذبن جا اُهي موتي نه کڻي اچي ها، جيڪي اسان کي سندس ڪهاڻين ۾ اڪيچار هنڌن تي نظر اچن ٿا. نادر بيگ مرزا جي زندگيءَ ۾ موهنيءَ نالي ڪنهن ڪردار جي تصديق، سندس ڌيءُ شيرين فيروز نانا به نصيرَ سان پنهنجيءَ گفتگوءَ ۾ ڪئي آهي، جنهن کي هُن، ڪتاب جي مُنڍَ ۾ “وفي عهدِڪ” جي عنوان سان شامل ڪيو آهي. منهنجو ايمان آهي ته پيار عورت جي ارپنا تمڪ جذبي وٽ اچي هڪ نئون جنم وٺي ٿو، ۽ منهنجو خيال آهي ته شايد اِها موهني ئي هئي، جنهن جي پيار ۽ سونهن تي موهجي، نادر بيگ مرزا زندگيءَ جي لطيف احساسن کي ايڏيءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان سمجهي سگهيو- ۽ هو هڪ تخليقڪار بڻجي ويو.
مان آخر ۾ نصير مرزا جي ان راءِ سان سهمت ٿيندي پنهنجيءَ ڳالهه جي پُڄاڻي ٿو ڪريان ته، “نادر بيگ اسان کي سنڌي افساني جي اتهاس ۾، منفرد ۽ نئين پوز سان داخل ٿيندڙ، نئين شروعات ڪندڙ، پهريون ماڊرن سنڌي افسانه نگار نظر ايندو.”


(۱۲ فيبروري ۱۹۹۴ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾، نادر بيگ مرزا جي ٽيونجاهين ورسيءَ ۽ سندس ڪتاب “نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون” جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل مضمون)

(سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان، جامي چانڊيو جي ڪتاب، ”ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج“ تان کنيل)



محمد عارف سومرو
سندھی افسانوی ادب کی تاریخ میں جن ادیبوں نے اپنی تخلیقات سے اہم مقام حاصل کیا ان میں غلام حسین قریشی، سید میراں محمد شاہ اول، سادھو ہیرانند، بولچند، لعل چند امر ڈنومل، کاکو بھیرومل، لطف اللہ بدوی، امر لعل ہنگورانی، غلام محمد شاہوانی، دلدار حسین موسوی،عثمان علی انصاری، نارائن داس ملکانی اور نادر بیگ مرزا شامل ہیں۔ نادر بیگ مرزا افسانہ نگار ہونے کے ساتھ ساتھ شاعر اور پیشے کے لحاظ سے قانون دان بھی تھے۔ ان کے والدشمس العلماء مرزا قلیچ بیگ سندھی ادب کے معمار وں میں سے ایک تھے۔ نادر بیگ مرزا 16 مارچ 1891ء کوسندھ کے شہر کوٹری میں پیدا ہوئے، جہاں ان کے والد مرزا قلیچ بیگ مختیارکار کے عہدے پر تعینات تھے۔ ابتدائی تعلیم کوٹری، حیدرآباد اور کراچی کے تعلیمی اداروں سے حاصل کی۔1906ء میں جب ان کی عمر پندرہ برس تھی حصول تعلیم کے لیےلندن روانہ ہوئے۔1912ء میں بیرسٹری کی سند حاصل کرکے سندھ واپس لوٹے اور لاڑکانہ میں وکالت کرنے لگے۔ بعد میں جوڈیشل سروس میں شمولیت اختیار کی اورسندھ کے مختلف شہروں میں مجسٹریٹ تعینات ہوئے۔
لندن کے سفر نے ان کے خیالات میں وسعت اور مشاہدے میں گیرائی پیدا کر دی تھی جس کی جھلک ان کی تحریروں میںجا بجا نظر آتی ہے۔ انہیں ادبی ذوق اپنے والد مرزا قلیچ بیگ سے وراثت میں ملا۔ نادر بیگ مرزا سندھی افسانے کے معماروں میں شمار ہوتےہیں۔ وہ سندھی افسانے میں سماجی حقیقت نگاری کے مکتبِ فکر سے تعلق رکھتے تھے اور انہوں نے اپنے ہم عصروں امر لعل ہنگورانی، آسانند مامتورا اور عثمان علی انصاری سے مل کر سندھی افسانے کو معاشرتی حقائق اور آس پاس کی دنیا کی عکاسی کرنا سکھایا۔ ہر چند انہوں نے زیادہ تعداد میں افسانے نہیں لکھے لیکن ان کی تخلیقات اپنا ایک حلقۂ اثر ضرور رکھتی ہیں۔ ان کے زیادہ تر افسانے بولچند کی ادارت میں نکلنے والے ماہنامہ ادبی جریدے ’’سندھو‘‘ میں شائع ہوتے تھے۔
نادر بیگ کے افسانوں کا ایک مختصر مجموعہ ان کے بھتیجے، براڈکاسٹراور شاعر نصیر مرزا نے مرتب کر کے1991ء میں انسٹی ٹیوٹ آف سندھیالوجی جامشورو سے شائع کرایا، جس میں ان کی مطبوعہ اور غیر مطبوعہ کتابوں کی فہرست بھی دی گئی ہے جس سے ان کے ایک ناول دل کشا کے بارے میں بھی معلومات ملتی ہیں۔ وہ سندھی افسانوی ادب کے ابتدائی دور کے افسانہ نگاروں میں ممتاز حیثیت رکھتے ہیں۔ ان کے افسانوں میں طنز کی تیکھی چبھن محسوس ہوتی ہے۔ ان کے بعض ابتدائی افسانوں میں منشی پریم چند اور سدرشن کے اثرات نمایاںدیکھے جا سکتے ہیں۔ انہوں نے اپنی تحریروں میں زیادہ تر ہندو اور کہیں کہیں پارسی معاشرے کو اپنا موضوع بنایا ہے۔ ان کے افسانوں میں اچھوت، مس رستم جی، موہنی جی ڈائری، عینک کی آواز، پاک محبت اور بھاوج نمایاں ترین افسانے ہیں۔ ان کی تخلیقات میں دلکشا (ناول)، محبوبِ کربلا، دیوانِ نادر بیگ مرزا، پھاکن جی حکمت اور نادر بیگ مرزا جوں کہانیوں شامل ہیں۔نادر بیگ مرزا افسانہ نگاری کے علاوہ انگریزی میں شاعری بھی کیا کرتے تھے۔ تھیوسوفیکل سوسائٹی کے ممبر تھے، نقاشی، ڈرائنگ، موسیقی اور راگ کا ذوق بھی رکھتے تھے۔نادر بیگ مرزا 3 فروری 1940ء کو کراچی میں وفات پا گئے۔ وہ ٹنڈو ٹھوڑو (حیدرآباد) میں واقع آبائی قبرستان بلند شاہ میں آسودۂ خاک ہیں۔

No comments:

Post a Comment