Monday, March 23, 2020

خالي هنج جو ڏک - (اڀياس) - عبدالڪريم چنا

خالي هنج جو ڏک 
(اڀياس)
اڀياسي؛ عبدالڪريم چنا
صنف: مختصر ڪهاڻيون
ليکڪا: شبنم گل
شبنم گل جي مختصر ڪهاڻين جو هي ٻيو مجموعو آهي. سندس پهريون مجموعو “اڻڄاتل شهر جو نقشو” ۱۹۹۵ ۾ ڇپيو هو. شبنم گل ڪهاڻين سان گڏ ڪالم پڻ سرجيندي رهي آهي. سندس لکڻ جو اسلوب ڏاڍو وڻندڙ آهي. سندس لکڻيءَ ۾ سادگي آهي، ۽ اجايو ڏکيا لفظ يا ڊگهن جملا ناهن. هن ڪتاب ۾ سندس ۲۱ ڪهاڻيون شامل آهن. هر ڪهاڻي جي اڻت مڪمل نظر اچي ٿي. پر هڪ ڳالھ نظر آئي ته سڀني ڪهاڻين ۾ موضوع ڦري گهري هڪ ئي رهيو. يعني عورت جي درد جي ڪٿا.. ڳالھ پوپٽ جي هجي يا طوطي جي، الباٽراس جي هجي يا مورن جي، گهريلو جهيڙن ۽ معاشي مسئلن ۾ به سندس ڪهاڻين جو محور عورت جو درد ئي رهيو آهي.. ڪهاڻين ۾ هڪ ٻي ڳالھ به نظر آئي ته هر ڪهاڻي ۾ عورت درست ۽ مرد غلط ئي رهيو. هي سندس زندگي جي تجربي سبب ذهني لاڙي کي عيان ڪري ٿو. پر هڪ ڳالھ آهي ته سماج ۾ جٿي عورت سان ناجائزيون ٿين ٿيون ته اتي مرد به ڪو سدائين غلط يا سدائين طاقتور نه ٿو هجي.. موضوعات ۾ عورت جي درد کانسواءِ ڪجھ ٻيا موضوع به شامل هجن ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها.. پر شبنم گل جيڪو به لکيو آهي اهو نهايت عمدو لکيو آهي..


مهاڳ شوڪت حسين شورو لکيو آهي. جنهن ۾ ڪجھ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تعارف به لکيو اٿائين ۽ شبنم گل جي عورت جي درد واري موضوع تي به لکيو اٿائين. ۽ کيس ان کان بچڻ ۽ ٻيا موضوع ڳولڻ جو لکيو اٿائين..
شبنم گل “ڪهاڻي پرچي پوي” ۾ پنهنجي پاران لکندي چوي ٿي ته هر ليکڪ کي پنهنجو اسلوب هئڻ گهرجي. ڪنهنجي نقل نه ڪرڻ گهرجي. شروعات ۾ نقل ڪندڙ ڪڏهن به پنهنجو اسلوب ناهي اپڻائي سگهندو. اها ڳالھ ڪيتري قدر درست آهي ان تي ڪي وڏا تنقيدنگار ئي بحث ڪري سگهندا باقي منهنجي علم مطابق اهو آهي ته شروعات ۾ ڪنهن پڪي پختي ليکڪ کي سامهون رکندي ان جي نقل ڪري اڳتي پنهنجو نرالو اسلوب آڻڻ ۾ ڪو عيب ناهي. شيڪسپيئر به بلينڪ ورس مارلوو کان نقل ڪئي. شاھ لطيف جي شاعري ۾ به شاھ ڪريم بلڙي واري جي شاعري جو اثر ملي ٿو.. پر اڳتي هلي شاھ لطيف مڪمل ذاتي ۽ نرالو دڳ ورتو.. رابرٽ لوئس اسٽيونسن به نون ليکڪن کي شروعات ۾ سٺن ۽ عظيم ليکڪن کي پڙهڻ ۽ انهن جي طرز کي پيروي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن مطابق شروعات ۾ هو پاڻ به ائين ئي ڪندو رهيو هو. جڏهن لکڻي مظبوط ٿيڻ لڳندي ته پنهنجي الڳ طرز تي گرفت به اچي ويندي..
هاڻي اچون ٿا ڪتاب جي ڪهاڻين تي..
۱_ “پنهنجي لڙڪن ۾ اڃايل منڇر” ۾ فطرت جي تباهي جو عڪس آهي. منڇر ڍنڍ جي تباهي.. ماحول جي تباهي.. ۽ ان سبب غريب مهاڻن جي گذرسفر جون مشڪلاتون. جنهن سبب ڪهاڻي جا ڪردار نه چاهيندي به سٺي گذرسفر خاطف ڪراچي لڏپلاڻ ڪن ٿا..
۲_ “چهري تي سهميل چانڊوڪيء جو عڪس” ۾ هڪ شادي شده عورت جي ڪٿا آهي جيڪا مڙس کان نظرانداز ٿيڻ سبب ٻاهر پيار ڳولي ٿي. پر سندس عزت ۽ غيرت روڪي وجهيس ٿي..
۳_ “رنگين پر هوا بنا اڌورا آهن” ۾ انسان هٿان فطرتي سونهن جو قتل جي عڪاسي آهي.
۴_ “ڪاش مان الباٽراس هجان!” ايس ٽي ڪوليرج جي اينشنٽ مئرينر کان متاثر ٿي لکيل آهي. ان ۾ الباٽراس جي وفا ڀريل مثال سان مرد جي بيوفائي کي ننديو ويو آهي.
۵_ “منجهند جو هڪ پل” ۾ هڪ عورت کي نه چاهيندي به مڙس جي ها ۾ ها ملائي زندگي جو گاڏو ريڙهڻو پوي ٿو.
۶_ “مور ٿو ٽلي راڻا” ۾ مورن جي موت ۽ بيماري جي عڪاسي ڪندي عورت جي حساسيت بيان ڪئي وئي آهي.
۷_ “هڪ مشروط محبت جو ڏيک” ۾ هڪ عورت سندس مڙس کان بيزار ٿي طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري ٿي. پر سندس مڙس جي دل جي دوري جو ٻڌي مڙس جون ڀلايون ياد اچنس ٿيون ۽ سموري ڪاوڙ ختم ٿي وڃينس ٿي.
۸_ “سرد خانو بڻجي ويل احساس” ۾ خودڪش بمبار هٿان هڪ خوش گهر جي اجڙيل خوشين جي عڪاسي ٿيل آهي.
۹_ “درد جو چهرو” هڪ عورت پنهنجي غربت سٽيل استاد جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي جيڪو علاج جا پيسا نه هئڻ فوت ٿي وڃي ٿو.
۱۰_ “هڪ لمحي جي خوشي” ۾ زال مڙس جي اڻبڻت، مڙس پاران ابارشن ڪرائڻڀجو زور ڀرڻ تان ڇڪتاڻ جي عڪاسي ڪيل آهي..
۱۱_ “ڳاڙهو وڳو” ۾ هڪ شريف ۽ غريب مڙس پاران سندس فرمانبردار ۽ پياري زال جي پهريون ڀيرو ڪيل فرمائش پوري ڪرڻ لاء چوري ڪري ٿو. خواهشن جي تڪميل ۾ گناھ..
۱۲_ “خالي هنج جو ڏک” ۾ اولاد نه هئڻ جو رنج، ۽ اولاد جي کوٽ پوري ڪرڻ خاطر هڪ عورت پاران طوطو پالڻ ۽ ان طوطي جو طوطڻ سان اڏامي وڃڻ وسيلي هڪ پٽ جو ننهن هٿان والدين کان پري ٿي وڃڻ ۽ والدين جي ڏکن جي عڪاسي ڪيل آهي..
۱۳_ “ڪلر بلائنڊ” ۾ عورت جو محبت جي واعدن ۾ انڌو ٿي عزت لٽائڻ کي بيان ڪيو ويو آهي..
۱۴_ “سينگار ميز” ۾ سس هٿان ستايل ننهن جي ڪٿا آهي.
۱۵_ “ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي” ۾ هڪ عورت جو نم جو وڻ وڍجڻ خلاف مسلسل ڪوشش ۽ نيٺ نم جي وڻ وڍجڻ سان هن جو صدمي ۾ مرڻ بيان ڪيو ويو آهي. هي شايد عام رواجي زندگي کان ڪوهين ڏور واقعو محسوس ٿئي ٿو. پر ان وسيلي فطرت سان پيار ۾ شدت بيان ڪئي وئي آهي.
۱۶_ “خوف” ۾ هڪ شخص جي جهازن کان ڊڄ Acrophobia جي عڪاسي ڪيل آهي.
۱۷_ “ٻوراني” ۾ سنڌ جي ثقافتي مٺائي جي ذڪر ۽ هڪ غيور مزدور جي عڪاسي ڪيل آهي.
۱۸_ “عورٿ جو نالو برسات هجي ها!” ۾ اهو ملي ٿو ته سنڌ هجي يا سريلنڪا، دنيا جي هر ڪنڊ ۾ عورت سدائين سورن ۾ آهي.
۱۹_ “هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون” ۾ هڪ مرد جي ٽن زالن جو پاڻ ۾ ساڙ وگهي پريشانين، احساس ڪمتري ۽ بيمارين ور چڙهي وڃڻ جي عڪاسي ٿيل آهي.
۲۰_ “امان” ۾ هڪ ماء جو معذور ڌيء خاطر سموريون خوشيون قربان ڪري زندگي ڌيء مٿان نڇاور ڪرڻ جي ڪٿا آهي
۲۱_ “چنڊ جي ڪرڻن جو زهر” ۾ هڪ شخص تي چوڏهينء جي چنڊ جي اثر هيٺ سندس جذبات جو قابو کان ٻاهر نڪرڻ ۽ سندس زال جي تڪليفن جي عڪاسي ڪيل آهي.
هاڻي انهن ڪهاڻين مان ڪجھ سٽون ڏجن ٿيون. جن وسيلي شبنم گل جي احساسن، منظرنگاري ۽ لفظن تي پڪڙ ۽ مهارت جي خبر پئجي ويندي.
** شام سمي منڇر جو پاڻي ڄڻ اداسين ۾ ويڙهجي ويو هجي.
** ڀنڀرڪي ويل زينا جي اک کلي ته مهاڻا رات جو پوکيل ڄار ڪڍڻ لاء نڪري رهيا هئا. ٿوري دير ۾ سرمئي ڪوهيڙي جي پٺيان نارنگي سج نڪري آيو.
** ثانيه جيتري خوبصورت ۽ سلجهيل آهي، سندس مڙس الطاف اوترو ئي بدمزاج آهي.
** بعض آواز ۽ لهجا ڪيڏا وڻندڙ ٿين ٿا. اڃايل احساس کي سيراب ڪندا رهن ٿا.
** عورت ڪنهنکي تصور ۾ سوچيندي به خوفزده ٿيندي آهي.
** ٻن طرفن واري محبت کي بقا نه آهي. يڪطرفه محبت امر آهي.
** خوبصورت شيون قيد ڪرڻ لاءِ ٿين ٿيون.
** ڪاش! مان خوبصورت نه هجان ها! ائين قدرت مونکي ڪمزور مخلوق بدران هڪ خوفناڪ جانور ٺاهي ها، جنهن کان انسان ڊڄي پري ڀڄي وڃي ٿو.
** مشرقي عورت جو الميو سندس گهر جي چوڌاري ڦري ٿو.
** الباٽراس زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙي مان ڪو هڪ مري وڃي ته ٻيو سدائين اڪيلو رهندو آهي.
** مرد گَهِري ۽ سچي محبت ڪري ئي نه ٿو سگهي. هو فقط محبت ڪري ٿو، گهڻي ڀاڱي عورت جي جسم سان يا ذهانت سان.....
** ساراھ جيڪا عورت جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آهي. ساراھ جي آڪسيجن نه هجي ته اڪثر عورتن جو دم گُهٽجي وڃي.
** دراصل انسان کي ان ڏينهن جو انتظار هوندو آهي ته ڪو اچي هنکي دريافت ڪري.
** ٻالڪپڻي جي عجيب دنيا ٿئي ٿي. خوبصورت ۽ طلسماتي اثر رکندڙ.
** ماءُ جي دل هڪ اونهو درياھ آهي. جيڪڏهن ماءُ نه ٿي بڻجي سگهي ته به اهو درياھ سندس من کي سيراب ڪندو رهندو آهي.
** ڏائڻ اها طوطڻ نه اچي ها ته منهنجو طوطو به اڏامي ڪڍ نه لڳيس ها.
** عورت کي احساس جي مڃتا گهرجي.


(عبدالڪريم چنا جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment