Monday, March 16, 2020

اسڪول جي فيس - احسان مستوئي


اسڪول جي فيس
مختصر ڪھاڻي
احسان مستوئي
صبح جي وقت ڪنهن ڪم سانگي جڏهن آئون ديدار جي گهر پهتس ته ديدار ۽ سندس ننڍڙي جميل جي وچ ۾ ڳالهيون هلي هيون. جميل، ديدار کي چئي رهيو هو؛ “بابا مون کي اسڪول موڪل! مان به پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن جيان پڙهندس ۽ پڙهي آفيسر ٿيندس. پوءِ تنهنجون سڀ پريشانيون ختم ڪندس”.
ديدار کيس چوڻ لڳو؛ “پٽ! پنهنجي ته ڳوٺ ۾ اسڪول ئي ناهي، ڪٿي پڙهندين؟ تو کي ڀر واري ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيان پر اتي استاد هڪ ڏينهن ايندو آهي ته چار ڏينهن لاءِ گم ٿي ويندو آهي.”


جميل پيءُ کي چوڻ لڳو؛ “بابا مان سرڪاري اسڪول لاءِ ڪٿي چيو آهي. اسان جي ڳوٺ جا ته سمورا ڇوڪرا شهر جي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهندا آهن. مون کي به انهن سان گڏ اتي داخلا وٺي ڏيو. مان به انهن سان گڏ پڙهڻ ويندس”.
ديدار جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. چوڻ لڳو؛ “پٽ اهي ڇوڪرا سڀ سرنديءَ وارن جا آهن. پنهنجي ڪمائي ته گهر جي خرچن ۾ ئي پوري آهي. تو کي ته خبر آهي تنهنجي ماءُ به بيمار رهندي آهي. ان جون دوائون، مشڪل سان آڻيندو آهيان. تنهنجي اسڪول جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ فيس ڪٿان آڻيندس. پٽ جميل! پنهنجي فصل ڏانهن ڌيان ڏي ۽ مون واري ڪم ۾ لڳي وڃ ته جيئن گهر جو چلهو ٻري سگهي”.

No comments:

Post a Comment