Wednesday, February 26, 2020

آذان


آذان
جيلاني بي اي
ھمير گاد
مان هڪ ڊگهي عرصي تائين جڳھ جڳھ گهمندو رهيس، ان ڳولها ۾ ته شايد ڪو الله جو بندو ملي وڃي جيڪو مون کي آذان ڏيڻ سيکاري. اهڙي آذان جيڪا ننڊ کي شڪست ڏئي  جاڳائي ڇڏي.
مون ملڪ جو هڪ هڪ مدرسو ڳوليو، وڏين وڏين ڏاڙهين واري عالمن جي سامهون انهن کي التجا ڪئي.


اهي عالم جنهن جي سامهون عام ماڻهن جي زبان ڳالهائڻ وقت رڪجي ويندي آھي.
مون انهن کان درس ورتو ۽ انهن مون کي پنهنجي علم سان ايترو ته ڀري ڇڏيو جو منهنجي دل ۾ جذبات کان سواءِ ڪا جڳھ نه رهي. ۽ جڏهن مان آذان ڏيڻ جي لاء اُٿيس ته منهنجو آواز بلڪل ويهجي ويو.
صرف هڪ شخص مليو.
هن سان شام جي وقت ملاقات ٿي. هو بلڪل منهنجي سامهون ٿي ويٺو. جيتوڻيڪ هن وٽ ڪو ڪتاب ڪونه هيو. ھن جي ڏاڙھي به بلڪل گهاٽي هئي.
دل چيو؛ هن جي اڳيان سوال جي جهولي جهليان. مون ائين ئي ڪيو.
هن مسڪرايو، هن جا سفيد موتين جهڙا ڏند چمڪيا. هو اُٿي مون کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر آيو.
اسين بازارن، گهٽين ۽ ويڪرن رستن تان گذري دريا جي ڪپ تي پهتاسين.
هو اتي مون سان هم ڪلام ٿيو. ”تون آذان سکڻ چاهين ٿو.”
“ها”
“ڇا تون پهرئين موذن کي سڃاڻين ٿو؟”
مون پنهنجي مفلسيءَ جو اظھار ڪيو.
“ته ٻڌ!” هن چيو؛ “هو حبشي هو جنهن کي پنهنجي آقا سان تمام گهڻو عشق هو. اهڙو عشق جيڪو تو قصن ۾ نه پڙهيو هو. ان عشق کان گهڻو مٿي، جنهن کي عام ماڻھو ڄاڻن ٿا.
جڏهن هو پنهنجي آقا کان ڏور هو ته ان تائين پهچڻ جي لاءِ هو تڙپندو هو.
هو رستي تي ويهي حسرت وارين نظرن سان ان رستي کي ڏسندو هو، جتان سندس آقا گذرندو هو.
هن پنهنجي عمر جون قيمتي راتيون روئڻ ۾ گذاري ڇڏيون ۽ جڏهن هو پنهنجي آقا وٽ پهتو ته هن جي حالت روئڻ کان وڌيڪ خراب ٿي وئي. ان جي وجھ، مان ۽ تون نه ٿا سمجهي سگهون.
هن جو آقا... ڇا تون ڄاڻين ٿو ته دنيا جو حسين انسان هو. هو به ان سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. پوءِ هن کي هن جي محبوب خوش ڪري ڇڏيو. هن کي پنهنجو پيغام پهچائڻ جي لاءِ مقرر ڪيو.
مسجد جي ورانڊي ۾ بيهي هن ماڻھن کي سڏ ڪرڻ شروع ڪيو. اُتي هو نور وانگر نظر ايندو هو، هو ماڻھن کي زندگيءَ جو راز ۽ انهن کي اسلام جي طرف مائل ڪندو هو. اهڙي انداز جو ڪو ئي دل سان مقابلو نه ڪري سگهندو. ڪو ئي به ان کي اندر وڃڻ کان نه روڪي سگهندو هو.
جڏهن هو هنن لفظن تي پهچندو هو “مان گواهي ٿو ڏيان ته منهنجو آقا وڏي بادشاھ جو سچو پيغمبر آھي....ته هو آڱر پنهنجي محبوب جي طرف ڪندو هو، هن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هن جو محبوب کيس ڏسي مسڪرائيندو هو.”
“پوءِ اهو ڏينهن به آيو جڏهن غلام اڪيلو ٿي ويو ۽ هن جو آقا وڏي بادشاھ وٽ هليو ويو ته هن پنهنجي صدا بند ڪري ڇڏي. دنيا ان جي آواز کان ايترو عزيز ٿي وئي هئي جو جڏهن ماڻھن مقرر وقت تي ان جي آواز کي نه ٻڌو ته انهن محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪا قيمتي شيءِ گم ٿي وئي آھي.
سڀني گڏجي ان کي درخواست ڪئي ته هڪ ڀيرو صرف هڪ ڀيرو اهو ئي مٺاس وارو آواز بلند ڪري. پر نه...جواب جي بدران ڳوڙھا هن جي ڳلن تان ٽمڻ لڳا. هن جي اکين جي اڳيان اوندھ ڇانئجي وئي. هو چڪرائجي هيٺ زمين تي اچي ڪري پيو ۽.......هن جي دل جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا.”
منهنجي دل ۾ جذبات جي هڪ نئين اُمنگ اُڀري رهي هئي. مون ڏٺو ته منهنجو سنگتي ڏور ڏسي رهيو هو، جتي دريا ۾ ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون پنهنجي منزل طرف وڃي رهيون هيون. ان کان ٿورو ئي پري مسجد جا مينار آسمان جي سيني ۾ لڳل هئا ۽ ان جي مٿان صاف شفاف چنڊ هو، اسان جي ڪنن ۾ شام جي آذان جو آواز آيو.
“بلڪل بي اثر” هن چيو. ”انهن جا پيٽ ۽ کيسا ڀريل آھن.“
“ڪاش مان ان آذان کي ٻڌي سگهان ها.” مون ڏک واري انداز ۾ چيو.
“چنڊ جي پهرين رات جڏهن چنڊ آسمان تي ڪٽيل ننهن وانگر ظاهر ٿيندو آھي ته صحرا مان هوا اُٿي ساھ کڻندي آھي ۽ گذري ويندي آھي.
اگر غور سان ٻڌين ته شايد تون به اهو آواز ٻڌين سگهين.”
“ڇا مان ٻڌي سگهان ٿو؟” مون بي تاب ٿي کانئس پڇيو.
“ها اگر تون دنيا کان غافل آن ۽ دل ۾ درد رکين ٿو.” هن چيو.
مان خاموش ٿي ويس. اسان ڪجھ وقت ويٺا رهياسين پوءِ ھڪدم هو اُٿي بيٺو “اچ هلئون.”
اسين سمنڊ جي سامهون بيٺا هياسين.
“چڱو دوست هاڻي مان اجازت وٺندس، مون تنهنجو گهڻو وقت ضايع ڪيو.”
“بلڪل به نه منهنجا دوست، پر ڇا تون مون کي اهو طريقو ٻڌائي سگهين ٿو؟”
“ڇا تو کي اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو؟”
پوءِ ھُن منهنجو هٿ پڪڙي مصافحو ڪيو ۽ پوءِ ھو هجوم ۾ غائب ٿي ويو.
منهنجي دل بي قرار ٿي وئي. سوچيم؛ اهو طريقو ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهندس. مون ان وقت اتان وڃڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن کيسي ۾ هٿ وڌم ته سموري رقم غائب هئي. مون هن کان هن جو نالو به نه پڇيو هو. مان تيزيءَ سان ان طرف قدم وڌايا جنهن طرف هو ويو هو پر سڀ بي فائدو.
“ڌوڪي باز” مون ڪاوڙ مان چيو.
مان هن وڏي شھر ۾ بي يار مددگار هيس، ان لاءِ ان رات مون کي خالي پيٽ ئي ڪنهن مسجد ۾ گذارڻي پئي.
فجر جي نماز وقت آذان ڏيڻ جي لاءِ مون پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو.
جڏهن مون آذان ڏني ته ماڻھن چيو؛ انهن ان کان پهريان اهڙي آذان ڪڏهن نه ٻڌي هئي.

No comments:

Post a Comment